ادببلاگتاريخ

ايران شناسي، فارسي، سنڌي ادب ۽ پير حسام الدين راشدي

پير حسام الدين راشدي جيئن ته ٻن ٻولين سان گڏ فارسي زبان جو به عالم هو. سندس فارسي ۽ سنڌي زبان تي ڪيل پورهيو ٻنهي ٻولين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش هئي، سڀ ڪوششون ڪامياب ٿين. اهو ممڪن نٿو هجي، پر پير حسام الدين هڪ با ڪمال شخص هو ۽ سندس علمي پورهئي جو نه صرف هتي قدر ٿيو، پر ايران ۽ دنيا ۾ جتي به فارسيدان آهن اتي به. پنهنجي علميت، تحرير ۽ ڪتابن جي تصنيف سان قابل قدر ڪم ڪيو. هن فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جو پورهيو پڻ ڪيو، جيئن پڙهندڙ ٻين زبانن جي علم کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهي سگهن. پير صاحب جي انهيءَ ڪوشش کي جتي ڪٿي پذيرائي ملي. پاڻ اعليٰ پائي جو محقق ۽ مصنف هو. سندس تحرير ۽ ترجمو اهڙي اسلوب ۾ هئا جنهن پڙهندڙن جي دل ۽ ذهن تي دستڪ ٿي ڏني. هو اهڙو مورخ هو جنهن تاريخ جي ڪتابن کي ڇنڊي ڦوڪي انهيءَ ۾ جيڪو سچ هو انهيءَ کي نروار ڪيو. تاريخ ۾ سچ کي ڳولڻ جي جستجو هڪ ناممڪن ڪم کڻي نه به هجي ته به هڪ مشڪل ڪم آهي.

20 سيپٽمبر 1911ع تي بهمڻ ڳوٺ ضلعو لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيل اهو ٻار جنهن لاءِ ڪنهن کي خبر هئي ته هو علم، ادب ۽ تاريخ جي آسمان تي ستاري جيان پيو چمڪندو. اڄوڪي ڏينهن 23 جون 2022ع تي خانه فرهنگ ايران جي حيدرآباد مرڪز ۾ کيس سندس ڄم جي 110 سالن کانپوءِ کيس ياد ڪيو ويندو. انسان ذات جي هن وسيع جهان ۾ ڪجهه ماڻهو ئي پنهنجي غير معمولي ڪم جي ڪري ياد رهجي ويندا آهن. اڄ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون، هو اسان جي دلين ۾ جرڪي ۽ ڌڙڪي رهيو آهي. هو پنهنجي علميت جي ۽ پنهنجي قلمي پورهئي جي ڪري زنده جاويد آهي. خانه فرهنگ ايران جنهن لاءِ محترم غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب ”ڀينر هن ڀنڀور ۾“ رقم طراز آهي. خانه فرهنگ ايران جو ڪلچرل سينٽر آهي. انهيءَ جو حيدرآباد ۾ قائم ٿيڻ پير صاحب جي ڪوششن جو نتيجو آهي.

ايران ۽ فارسي زبان سان سندس تعلق ايترو اهم ۽ قابل قدر هو جو کيس ايران جو نشان سپاس به مليو ته تهران يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به. هتي به سندس قدر ٿيو پاڪستان سرڪار پاران به کيس تمغه امتياز ڏنو ويو. ايران ۾ سندس علمي حيثيت ۽ فارسي زبان ۾ ڪيل ڪم جي گهڻي مڃوتي هئي ۽ ايران شناس عالمن جي ڪانفرنسن ۾ ايران ۽ پاڪستان ۾ سندس شرڪت ڄڻ لازمي هوندي هئي. سندس ايڊٽ ڪيل ڪتابن ۾ تحفته الڪرام، مظهر شاهجهاني، ترخان ناما، مڪلي ناما شامل آهن ۽ پاڻ ٻيا به ڪيترائي فارسي ڪتاب ايڊٽ ۽ ترجمو ڪيا. سندس شاعريءَ سان شغف جو عالم اهو آهي جو ”مرائت الجمال“ سندس مرتب ڪيل، سنڌي، اردو ۽ فارسي شاعريءَ جو انتخاب آهي، هن پنهنجي حياتيءَ ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا. تحقيق ۽ تاريخ نويسي ۽ ترجمي جو ڪم بي مثل نموني ڪيائين، ڪتاب ايڊٽ ڪيائين، حاشيا لکيائين. جن ۾ فارسي زبان جي ڪتابن تي هن گهڻي محنت ڪئي ۽ اسين فارسيءَ جي اعليٰ ادب ۽ فارسيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتابن کان واقف ٿياسين. سندس يادگيرين تي مشتمل سنڌي ڪتاب”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ هڪ شاهڪار ڪتاب آهي ۽ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ اهو به انهيءَ سلسلي جو اهم ڪتاب آهي. سندس ذاتي تخليقون اهڙي پائي جون آهن جو اهي مثالي بڻجي ويون آهن.

ڪي ڪي ادارا تمام اهم هوندا آهن ۽ انهن جو ڪم تاريخ بڻجي ويندو آهي. سنڌي ادبي بورڊ به اهڙن ادارن مان هڪ آهي. انهيءَ ڳالهه جي مڃوتي ڪجي ته سنڌي ادبي بورڊ جيڪڏهن نه هجي ها ته: ايران شناسي ۽ فارسي ادب تي اسان وٽ ڪتابن جو جيڪو سلسلو آهي سائين حسام الدين راشديءَ جي ڪتابن سميت، اهو سچي دل سان ڪيل پورهيو منظر عام تي نه اچي سگهي ها. ايران شناسي ۽ فارسي ادب تي سنڌي ادبي بورڊ جو ڪم قابل قدر ۽ ياد رکڻ جهڙو آهي.

غلام رباني آگرو ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ۾ پير حسام الدين جي ڪيل علمي ڪم جو داد ڏيندي لکي ٿو ته: محترم رحيم بخش سومرو پير صاحب جي وفات کانپوءِ مون کي چيو. جيڪو چيائين اهو مٿئين ڪتاب ۾ ڇپيو پيو آهي انهيءَ طويل اقتباس مان هڪ سٽ ته”…پير صاحب جا ڪتاب سونهاري سنڌ جي تعمير نو لاءِ نئين نسل کي ڪم ايندا…“ فارسي جيئن ته نه صرف ايران جي زبان آهي، پر اها برصغير پاڪ هند جي اهم تخليقي ۽ ادبي زبان پڻ پئي رهي آهي، اها مڪتب کان وٺي ادب، شاعريءَ جي تخليق جي زبان پڻ رهي آهي. اسان جو سائين حسام الدين پڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ سڪندر نامي تائين تعليم حاصل ڪئي. اسان جا برصغير جا وڏا شاعر ڏسو: قلندر لعل شهباز، سچل سرمست کان وٺي مرزا اسد الله خان غالب کان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال تائين جن جي فارسي شاعري ئي انهن جي اهم شاعري آهي. اڄ به شاعر مشرق علامه اقبال جي ايران ۾ پذيرائي آهي. بر صغير جي اردو ادب ۽ سنڌي ادب تي فارسي ادب جي گهري ڇاپ آهي. اسان جو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مثنوي مولانا روم پاڻ سان گڏ رکندو هو. شيخ اياز ننڍي عمر ۾ فارسي اساتده جي ڪلام کي حفظ ڪري ورتو هو.

هن وقت به سنڌ ۾ فارسي زبان جا پڙهندڙ موجود آهن جي فارسي شاعري ۽ ادب جا عاشق آهن، اهو نصير مرزا هجي يا محترم نفيس احمد ناشاد يا يوسف سنڌي ۽ ٻيا دوست. ڪير آهي جو فردوسي، رومي، سعدي، خيام کان وٺي صادق هدايت، فروغ فرخزاد، جلال آل احمد ۽ پروين اعتصامي جي تخليقن کان واقف نه هجي. اسان جي لائق دوست يوسف سنڌي جو هن سلسلي ۾ فارسي ادبيات تي گهڻو ۽ ياد رهڻ جهڙو ڪم ڪتابي حيثيت ۾ موجود آهي. انهيءَ پنهنجي ايران جي سفر نامي ”اڌ مهينو ايران ۾“ ايراني شناسي جو ڄڻ نئون تعارف پيش ڪيو آهي. قديم کان وٺي جديد ايراني ادب، تاريخ، جاگرافي ۽ ايران جي آگاهيءَ تي اهڙو عمدو ڪتاب موجود وقت ۾ يوسف سنڌيءَ کانسواءِ شايد ڪنهن ٻئي ليکڪ لکيو هجي. پير حسام الدين راشدي فارسي، ايران شناسي، سنڌ ۽ سنڌ شناسي جو جيڪو ٻج پوکيو هو اهو وڌي وڻ ٿي ويو آهي. سنڌي ۽ فارسي زبان و ادب جا عاشق اڄ به موجود آهن. يوسف سنڌي فارسيءَ مان سنڌي ۾ قابل قدر ڪم ڪيو آهي. سندس ٻيا ڪتاب هي آهن: ”ايراني ادب“ ۽ ”حافظ شيرازي جا سئو غزل“ جي هن سنڌي ۾ ترجمو ڪيا آهن. پير حسام الدين کان وٺي يوسف سنڌيءَ تائين انهن سڀني اديبن، زبانن ۽ ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. آخر ۾ ايترو چوندس ته سنڌيءَ جي هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ آئون خود به فارسي ادبيات کان ائين متاثر آهيان جيئن ٻن زبانن جي اعليٰ ادب کان. آئون ڪهاڻي جي فن کان واقف ئي ڄڻ فارسي جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار صادق هدايت جي ڪري ٿيو آهيان.

سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مختلف زبانون ۽ انهن ۾ تخليق ڪيل اعليٰ ادب سڄي انسان ذات جي ميراث آهي. فارسي هجي يا سنڌي، اردو هجي يا فرينچ. جتي به اعليٰ تخليق هوندي، پڙهندڙ ۽ لکندڙ انهن زبانن جي پرپيچ تحرير ۽ تخليق جي گهٽين مان ڪٿان نڪري سگهندو.

23 جون 2022 تي خانهءِ فرهنگ ايران حيدرآباد ۾ پير حسام الدين راشدي، فارسي زبان ۽ ايران شناسي جي سلسلي ۾ ٿيل تقريب ۾ پڙهيل.