براڊ ڪاسٽر، ليکڪ ۽ شاعر: نصير مرزا زاهده ابڙو May 2021

زاهده ابڙو: اسان عام طور تي انٽرويوئن ۾ تعارف کان شروعات ڪندا آهيون، پر توهان سان گفتگو جي دوران توهان جو تعارف وٺندا وينداسين، ڇا توهان اسان کي ٻڌائيندا ته مرزا خاندان جي فرزند هوندي ڇا توهان جو ڊي اين اي يورو ايشيا جو آهي.

نصير مرزا: پهرين ته ادي زاهده توهان جي مهرباني جو توهان مون کي هتي گهرايو ۽ مون کي ڏاڍي خوشي پئي ٿئي جو آئون همسري ۾ توهان جو همسفر آهيان. بلڪل توهان درست چيو ته منهنجو تعلق ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان سان آهي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ منهنجي ڏاڏي شرف النساءِ جو وڏو ڀاءُ هو. اسان جو خاندان بنيادي طور تي وچ ترڪمانستان جورجيا يا ڪوهڪاف جبل ڪوڪيسس ٽو انڊس سان آهي. منهنجي هڪڙي سڳي ڪزن آهي جنهن ان موضوع تي انگريزي ۾ هڪ ڪتاب From Caucasus to Indus لکيو آهي، ان اسان کي ٻڌايو ته ڪوڪيسس درياهه جيڪو ڪوهڪاف کان نڪري ٿو ۽ درياءِ سنڌ تائين اسان سفر ڪيو. اسان جا وڏا ٻولي ته ترڪي ۽ فارسي کڻي آيا جيڪا منهنجي ڏاڏيءَ تائين ڳالهائي ويندي هئي ۽ اسان جا ٻه وڏا جن ۾ مرزا خسرو بيگ ۽ مرزا فريد الدين بيگ جن جي اسان پنجين پيڙهي آهيون. بنيادي طور تي انهن ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اختيار ڪيو. جيئن ته جينياتي طور تي اهي ويڙهاڪ، قدآور ۽ خوبصورت هئا، جن جون عورتون ۽ مرد حَسين آهن. وري مون کي ڏسي توهان سوچيندو ته هي ته ايترو حَسين ڪونهي، پر پوءِ وري اسان جي رت ۾ ملاوٽ ٿي وئي ۽ منهنجي ماءُ انڊيا جي آرائين هئي ۽ اسان وري واپس موضوع تي موٽون ته مرزا وچ ترڪمانستان جا آهن. سنڌ جا اصل ماڻهو ته سماٽ آهن جيڪي درياهه جي ڪنارن سان گڏ وڌيا ۽ ويجهيا جن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان انتهائي گهڻي محبت ڪئي آهي، پر ٻاهران جيڪي ماڻهو آيا انهن گهڻو ڪري هن ڌرتيءَ کي ڦريو ۽ لٽيو، پر اسان جي خاندان کي اهو فخر حاصل آهي ته مرزا قليچ بيگ ۽ هن جا ٻيا ڀائر جن ۾ مرزا صادق علي، مرزا قلي، مرزا جعفر قلي، آئون جيڪڏهن انهن جو تعارف ڪرائيندس ته تمام ڊگهو ٿي ويندو ۽ هونئن به انهن جي تعارف سان تاريخ ڀري پئي آهي. توهان جي سوال جو جواب اهو آهي ته انهن سنڌ جي خدمت ڪئي، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي. اسان جنهن جو کائينداسين ان جو ڳائينداسين. سنڌ ۾ جيڪي ڌاريون قومون آيون آهن انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو خاندان به شامل آهي جيڪو هرات مان آيو، هينئر وڏيرا، شاهه، مير، پير ڪيترا خاندان آهن جيڪي ٻاهران آيا ۽ سنڌ کي لٽين ۽ ڦرين پيا، پر وري جڏهن شاهه سائين جو مثال ڏينداسين ته اهي ڄڻ شوگر ڪوٽ ٿيو وڃن. سنڌي ٻوليءَ کي هينئر جيڪڏهن ڪو بچائڻ وارو آهي ته اهو مرزا قليچ بيگ آهي جنهن سنڌي نثر متعارف ڪرايو ۽ ان جون جديد صنفون متعارف ڪرايون ۽ وري سنڌ جي سڄي تهذيب کي ڪنهن ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي ۽ پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ادب کي ارپي ڇڏي ۽ وري جنهن عالمگيريت جو پيغام ڏنو اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مرزا قليچ بيگ ٻئي عربي ۽ فارسي ڳالهائيندڙ پسمنظر مان آيا هئا، پر سچ ته جڏهن ٻنهي درياءِ سنڌ جو پاڻي پيتو ته سنڌ جا ئي ٿي ويا ۽ سنڌ جي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون ۽ وري سنڌ به انهن کي وساريو ٿوري آهي، سنڌ به انهن جو بي انتها قدر ڪيو آهي ۽ ڪمال جو قدر ڪيو آهي. سنڌ جي مٽيءَ ۾ ايڏي ته ڪا عظيم طاقت آهي جو اها ڪنهن جي ڪم کي نظر انداز ڪري ئي نٿي سگهي، پر ڏينهن قيامت تائين انهيءَ ڪردار کي زندگي ڏئي ٿي ڇڏي.

زاهده ابڙو: مرزا قليچ بيگ جو والد مرزا فريدون بيگ جڏهن هتي آيو ته ڇا ان سان گڏ سندس خاندان جون عورتون به هيون، جن جو تعلق جارجيا سان هو يا هن خاندان جي مردن سنڌي عورتن سان شاديون ڪيون.

نصير مرزا: ادي زاهده توهان انتهائي زبردست سوال ڪيو آهي آئون مرزا خسرو بيگ جي پنجين پيڙهي آهيان. ذوالفقار مرزا، جسٽس ذاڪر حسين مرزا جيڪو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، نجف مرزا جيڪو نيب ۾ وڏي عهدي تي رهيو اسين سڀ هڪ ئي خاندان جا فرزند آهيون. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جڏهن مرزا خسرو بيگ سنڌ ۾ آيو ته سندس عمر صرف 14 سال هئي. جيئن ته هو جارجيا جي هڪ رياست طبلس جي نواب خاندان مان هو، فتح علي خان ڪاچيار جيڪو ايران جو بادشاهه هو چوندا آهن ته “وڙهن سانَ ته لتاڙجن ٻُوڙا” روس جي جنگ ۾ خسرو بيگ جو سڄو خاندان ختم ٿي ويو، پاڻ وڃي اڪيلو بچيو. ان کانپوءِ مير ڪرم علي جي زماني ۾ جيڪو سنڌ ۾ ٽالپرن جي دور جو ٻيو نمبر بادشاهه هو، توهان کي خبر آهي ته سنڌ جي چوئياري چئن ٽالپر خاندانن تي ٻڌل آهي، جيڪي ڪلهوڙن کي شڪست ڏيئي بادشاهه ٿي ويا هئا. وڏي ۾ وڏو فتح علي ٽالپر، ٻيو نمبر ڪرم علي ٽالپر، ٽيون غلام علي ٽالپر، چوٿون مير مراد علي ٽالپر هو. جنهن جي فرزند مير نصير خان ٽالپر جي نالي پٺيان منهنجي والد منهنجو نالو نصير مرزا رکيو ته هيءُ به بادشاهه ٿيندو، اها ٻي ڳالهه آهي ته امان چوندي هئي ته پٽ تو وٽ ٽجوڙيون ته ڪونه آهن، پر لفظن جو خزانو تو وٽ ڏاڍو آهي تون ڳالهائين ڏاڍو ٿو. سو ڳالهه پئي ڪئي سين خسرو بيگ جي جيڪو 14 سالن جي عمر ۾ فتح علي شاهه ڪاچيار جي مدد سان سنڌ اچي ويو ۽ بادشاهه ڪرم علي خان جو پٽ ٿي ويو، جنهن کي پٽ جو اولاد ڪونه هو، خسرو بيگ ترڪي ڳالهائڻ وارو هو هتي ته ترڪي ڪير سمجهندو ئي ڪونه هو، هتي ته فارسي ڳالهائي ويندي هئي. لحاظه ان کي ترڪي ڳالهائيندڙ هڪ ٻيو شخص جنهن جو خاندان به تباهه ٿي چڪو هو جنهن جو نالو فريدون بيگ مرزا هو، ان سان ملايو ويو. ميرن خسرو بيگ جي هالا جي مغلن مان شادي ڪرائي جڏهن هو اڃان پندرهن سورنهن سالن جو هو، ان کي هڪ ڌيءَ ڄائي ۽ فريدون بيگ ان وقت اٺن سالن جو هو جڏهن اهو سترنهن ارڙهن سالن جو ٿيو ته اها ڇوڪري جيڪا خسرو بيگ جي ڌيءَ هئي اها ٻارنهن تيرنهن سالن جي ٿي خسرو بيگ پنهنجي ڌيءَ جي شادي فريدون سان ڪرائي ڇڏي، جنهن مان کيس ست پٽ ڄاوا ۽ هڪ ڌيءَ ڄائي جيڪا منهنجي ڏاڏي شرف النساءِ آهي ۽ مرزا قليچ بيگ ۽ سندس ست ڀائر جنهن ۾ مرزا غلام رضا، مرزا صادق قلي، مرزا علي قلي، مرزا حيدر قلي، مرزا جعفر قلي اهي سڀ ست ڀائر آهن. جڏهن ميرن جو زوال آيو ته پوءِ وري اسان جي خاندان جو به جلد زوال آيو. 1843ع ۾ چارلس نيپيئر اچي ويو، ميرن مان جيڪي بچيا هئا تن کي انگريز ڪلڪتي کڻي ويا جن کي وڃي سندر بن ۾ هنيائون. جن ۾ مير نصير خان جيڪو ان وقت جو بادشاهه هو، ناريجاڻي ۾ سندس سپهه سالار هوشو شيدي شهيد ٿي ويو، مير ويچارا ته صلح پسند قوم هئي انهن کي ته هتي فوج ٺاهڻ جي به ضرورت ڪانه هئي. هڪ بادشاهت هئي جيڪا امن سان پئي هلي، پاڻ ان جي تفصيل ۾ نٿا وڃون. خسرو بيگ کي ميرن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ جاگير ڏيئي ڇڏي. هاڻي اهي ٻئي ناٺي ۽ سهرو مرزا خسرو بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ اتي ڪوٽ اڏي اچي رهيا هاڻي ڇوڪريون ڪٿان پيدا ٿين. قليچ بيگ جيڪو سڀني کان وڏو پٽ هو ان کي ڪٿان پرڻائين، قليچ بيگ روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو، روينيو جا امتحان پاس ڪري مختيارڪار ٿي ويو، ٻيا ان جا ڀائر جنهن ۾ جعفر قلي ايف آر سي ايس ڪرڻ جي لاءِ لنڊن هليو ويو. علي قلي ۽ ٻيو هڪڙو سندس ڀاءُ فارسي پڙهائيندا هئا سي استاد ٿي ويا. ان کانپوءِ تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ٿي ويا. فريدون بيگ جو وڏو پٽ ته قليچ بيگ هو ان جي لاءِ هڪ سٺو رشتو ڳوليو ويو. ان وقت ۾ تعليم جي شرح تمام گهٽ هئي، پر ان هوندي به قليچ بيگ لاءِ سٺو رشتو ڳوليو ويو. مرزا فريدون بيگ پنهنجا سڀ پٽ پرڻايا ته خسرو بيگ به پنهنجا سڀ پٽ پرڻايا ۽ اهي گهڻو ڪري شڪارپور جي مغلن ۽ آغائن مان پرڻيل آهن. مرزا قليچ بيگ جون ٻه ننهرون آهن جن مان هڪ علامه آءِ آءِ قاضي جي سڳي ڀائيٽي آهي. وري مرزا قليچ بيگ جي ٻي ننهن حسن علي آفندي جي ڌيءَ آهي. جيئن توهان پڇيو ته عورتون ڪٿان پيون اچن هي آئون ان جو تسلسل توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. قليچ بيگ جي شادي خيرپور رياست جي وزيراعظم يا بادشاهه کڻي چئون جنهن جو نالو هو سردار محمد يعقوب شيخ جنهن جي ڀيڻ هئي خديجه جنهن کي پوءِ قليچ بيگ خيرالنساءِ جو نالو ڏنو، جيڪا سندس پهرين گهرواري هئي جنهن مان کيس سنڌي ٻوليءَ جو شاندار افسانه نگار نادر بيگ پيدا ٿيو. آئون پنهنجي والده جي نالي ٻڌايان ته اها آرائين آهي سندس نالو شريفان آهي ۽ پاڻ هندستان کان هجرت ڪري آئي هئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ مون کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪندي سوچيو ته هيءَ الائي ڪٿان جي مٽي آهي، ڪهڙن مائٽن کي ڄائي هئي، اها اچي اسان جي قبرستان ۾ ڇو ستي آهي؟ رضا علي عابدي چوندو آهي ته “جب سي يي ريل ڪي پٽڙي بڇي هي تب سي لوگون ني اپني بيٽيون ڪو دور دور بياهنا شروع ڪرديا هي” ريل جي پٽڙي جو ڪهڙو حال آهي انڊيا مان هلي آهي جتان منهنجي ماءُ حيدرآباد لٿي آهي، جنهن سان منهنجي پيءُ شادي ڪئي ۽ اسين ست اٺ ٻار پيدا ٿي وياسين.

زاهده ابڙو: توهان ريڊيو پاڪستان تي ڪڏهن ڪم شروع ڪيو ان جو ان وقت ماحول ڪهڙو هو جيڪو اڄ جي ماحول کان يقينن مختلف به هوندو ان وقت ۾ ريڊيو جي حيثيت به مختلف هئي جيڪا اڄڪلهه اسان کي نظر نٿي اچي اسان جي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن کي ان باري ۾ ٻڌائيندا.

نصير مرزا: پهرين ڳالهه ته منهنجو ڪيريئر ۽ منهنجي زندگي هڪ پروفيشنل طور هڪ براڊ ڪاسٽر جي طور تي اسٽيبلش ٿي، ماڻهن مون کي سڃاتو. منهنجو والد پوليس ۾ اي ايس آءِ هو ۽ پوءِ ڊي ايس پي ٿيو ۽ ممبئي مان ناسڪ پڙهي آيو، 1958ع ۾ بابا وفات ڪري ويو. آئون سڀني کان ننڍو هئس منهنجي عمر ان وقت ٽي سال هئي. منهنجي ماءُ سان منهنجو بي انتها پيار هو، نائين ڏهين تائين آئون پنهنجي ماءُ سان گڏ سمهندو هئس، طبيعت ۾ شرميلو هوندو هئس ۽ منهنجو خيال هو ته آئون اڳتي هلي استاد ٿيندس. ڇو ته مون کان دنيا داري واري نوڪري ڪونه ٿيندي جنهن ۾ ڪابه ايڊمنسٽريٽو ذميداري هجي. هن وقت به توهان کي يقين اچي يا نه مان ڪئمرا سان به اک نه ملائي سگهندس. آئون پروگرام ڪندي پندرهن کان ويهن هزار ماڻهن اڳيان بيٺل هوندو آهيان، پر ڪنهن کي ڏسندو ناهيان، بس آئون آسمان ڏسندو آهيان ۽ زمين ڏسندو آهيان ۽ ڳالهائيندو آهيان. جيئن توهان جو رزق ملڻو هوندو آهي ايئن توهان جا دوست، محبوب ۽ محبوبائون سڀ لکجي اچن ٿيون، آئون ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو، ايئن ئي مون کي استاد مليو نثار حسيني جيڪو اسڪول ٽيچر هو ۽ ان ۾ ادبي ذوق هو، هو پلي رائيٽ هو، ڊراما ڪندو هو، قليچ ڊي جا پروگرام ڪندو هو، خدا ڄاڻي ان مون ۾ ڇا ڏٺو ۽ ان سمجهو ته آئون ڪجهه ڪري سگهان ٿو ۽ ان جي تربيت هيٺ رهيس. پوءِ مون ماس ڪميونيڪيشن ۾ 1978ع ۾ ماسٽرز ڪئي جنهن وقت شيخ اياز وائيس چانسلر هو. شيخ اياز جنهن لاءِ آئون دعويٰ ٿو ڪريان ته هو منهنجو دوست آهي، پر ان وقت نه هو. هو جڏهن فل سوٽ ۾ اسان جو وزٽ ڪندو هو ته اسان جو ته ساهه نڪرندو هو، وائيس چانسلر جي ڪير ٿو ويجهو وڃي. ان جا ايترا حواري هوندا هئا جيڪي اسان کي ويجهو اچڻ ئي ڪونه ڏيندا هئا، پر جيئن ته آئون ادب جو پڙهندڙ هئس. توهان کي سچ ٻڌايان ته مون سڄي زندگي انگريزي لباس ناهي پاتو، ڪڏهن ٽاءِ ناهي ٻڌي، ڪولا پوري چپل ۾ سڄي زندگي گذاريم وڌ ۾ وڌ سينڊل پائيندو هئس، بوٽ به رڳو مون شادي وقت پاتو، شاديءَ ۾ به مون سهرو ٻڌو ته جيئن مون کي ماڻهو نه ڏسن. ڇو ته آئون ماڻهن سان اک نه پيو ملائڻ چاهيان ته آئون گهوٽ ٿي ويٺو آهيان. اهڙو ماڻهو ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهي؟ آئون شروع ۾ هڪ اسڪول ۾ استاد ٿيو هئس، پوءِ وري ماس ڪميونيڪيشن جي دور ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ پي. آر. او طور ڪم ڪيم. هاڻي اها ڳالهه سڀني کي خبر آهي ته مون پنهنجي سڳي سئوٽ سان شادي ڪرڻ پئي چاهي. جنهن وقت مون ڪراچي ۾ نوڪري پئي ڪئي مون سوچيو ته هاڻي آئون ويندس ۽ وڃي ان سان شادي ڪندس. جڏهن آئون ڪراچي ۾ ئي هئس ته خبر پئي ته هن جو سندس گهر وارن ٻئي هنڌ ڪٿي مڱڻو ڪري ڇڏيو. آئون اها خبر ٻڌي بنا استعيفيٰ ڏيڻ جي گهر پڄي ويس. منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻون ويون ته اسان جو ڇوڪرو نوڪري ڇڏي آيو آهي، جنهن تي سندس مائٽن چيو اسين ڇا ڪريون؟ اسان مٺائي ورهائي ڇڏي آهي، هاڻي ماڻهو کلايون ڇا ڪريون؟ پوءِ مون سوچيو ته آئون نه شادي ڪندس نه نوڪري ڪندس، آئون خودڪشي ڪندس. پوءِ منهنجي ماءُ هئي جنهن مون کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو ۽ اتفاق سان ان وقت ريڊيو جون ڪجهه نوڪريون اچي ويون ۽ نثار حسيني جي معرفت آئون ريڊيو تي پروڊيوسر ٿي ويس، جڏهن آئون پروڊيوسر ٿيس، ان وقت عنايت بلوچ اسٽيشن ڊائريڪٽر هو، مراد علي مرزا، غلام حسين شيخ، انور بلوچ، جهانگير قريشي، نعيم مرزا جهڙيون شخصيتون اتي هيون. 1984ع ۾ جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان تي هئس ته ان وقت هڪ ڪهڪشان هئي، هڪ کير ڌارا هئي انهن ستارن جي جنهن ۾ ادي عابده، علڻ فقير، محمد يوسف، محمد جمن، مهتاب راشدي ڪهڙن جو نالو وٺي ڪهڙن جو نالو وٺان، اسين ايترا ننڍڙا پتڪڙا اڄ ايڏا وڏا ماڻهو اسان سان گڏ آئون پروڊيوسر ۽ هي سڀ منهنجي پٺيان آهن. ريڊيو ۾ پروڊيوسر جي پوسٽ ڄڻ بادشاهه جي پوسٽ آهي، منهنجي مٿي تي ڪو تاج ڪونه هو، پر پوءِ به مون ريڊيو تي بادشاهي ڪئي. مون کي ميوزڪ سيڪشن سان تمام گهڻي دلچسپي رهي، غلام حسين شيخ، ادي عابده جي گهر واري مون کي ميوزڪ سيڪشن ڏيئي ڇڏيو. جڏهن آئون يونيورسٽي ۾ پڙهندو هئس ته جيجي زرينا کي آئون فرمائش لکندو هئس ته “جيجي جبل مٿي جهڙ ته ٻڌائي” پوءِ ڪڏهن اها فرمائش پوري ٿيندي هئي ڪڏهن ڪانه ٿيندي هئي. پوءِ جڏهن ريڊيو تي هئس ته جيجي مون کي ٽيبل وڄائي ڌنون پئي ٻڌائيندي هئي ته اڄ هيءَ طرز ٺاهي اٿم، اڄ هيءَ طرز ٺاهي اٿم. سيد صالح محمد شاهه، فوزيه سومرو، محمد يوسف، وحيد علي، قمر سومرو به ان وقت گڏ ڪم ڪندا هئا. چوويهه ڪلاڪ منهنجن پيرن مان جتي لٿل هوندي هئي ۽ آئون اسٽوڊيو ۾ هوندو هئس. توهان مون کي ڪڏهن سياري ۾ سوئيٽر ۾ ڪونه ڏٺو هوندو. ڇو ته ريڊيو ۾ سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ ماحول آهي ۽ سياري ۾ ماحول گرم، گرمي ۾ ٿڌو. 18 ڪلاڪ جيستائين اسٽيشن تي هوندو هئس ته مون کي نه سردي جو احساس هوندو هو نه گرمي جو. ٻاهر جڏهن نڪرندو هئس ته پوءِ اڪثر هڪڙي ڪاري شال پاتل هوندي هئي، جيڪا منهنجي زال مون کي ڇنڊي فنائل هٽائي ڏيندي هئي. مون کي خبر پئي ته ڪو انسان ڪنهن هڪڙي خاص ڪم لاءِ پيدا ٿيندو آهي ۽ پاڻ لاءِ خبر پئي ته آئون ريڊيو لاءِ پيدا ٿيو آهيان. اها نوڪري منهنجي بلڪل مزاج مطابق هئي، نه رڳو ريڊيو پاڪستان، پر دنيا جي ريڊيو جي تاريخ ۾ ڪنهن به براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي تاريخ لکيل ناهي. مون حيدرآباد ريڊيو جي تاريخ 12 سئو صفحن تي تيار ڪئي جيڪا ٽن واليومن ۾ ڇپجي وئي آهي، جنهن مان ٻه سنڌي ۽ هڪ اردو ۾ آهي. 1955ع کان وٺي منهنجي رٽائرمينٽ 2015 تائين ان ۾ سڄي تاريخ، ماڻهو، انهن ڇا ڪيو، ڪهڙا ڪارنامه سرانجام ڏنا موجود آهي. ريڊيو پاڪستان جي لائبريري جڏهن منهنجي حصي ۾ آئي ته اتي ٻه کان ٽي هزار Spool Taps موجود هيون ان کي مون ڊجيٽلائيز ڪيو هينئر ڪير آهي جيڪو ڪئسٽن کي ٿو پڇي. بمبئي بيڪري جو مالڪ ڪمار ٿڌاڻي صاحب عجيب صوفي ماڻهو هو، اسان جڏهن ايف ايم ريڊيو لاءِ کيس گهرايو ۽ اسان کيس دادي ليليٰ جو آواز ٻڌرايو ته ان کي ڏاڍو عجيب لڳو ۽ مون کيس سندس طبيعت مطابق ڳالهه ڪندي چيو ته سائين ليليٰ مهتاڻي ۽ دادي ليلا جون ٽيپون ڏسو ڪيئن سڙن پيون ۽ مارو ڀڳت جو ڪلام ڪيئن سڙي پيو، هن مون کان پڇيو ته ٻڌائي ته آئون ڇا ڪريان، مون کيس چيو ته اسان کي هڪ ڪمپيوٽر کپي. هن انهيءَ وقت اسان کي پورو ڊجيٽل سسٽم گهرائي ڏنو، وڏو ماڻهو هو پئسي جي ڪمي ڪانه هئس، جنهن تي مون اهي چار کان پنج هزار ڪئسٽون ۽ ٽيپون ويهي ڊجيٽلائيز ڪيون. پوءِ آئون اٺ سال ان تي ڪم ڪندو رهيس ۽ انهن جا ڌار ڌار فولڊر ٺاهيندو ويس، جيئن اي بي سي ڊي اي مطابق انهن جا فولڊر ٺاهيم جنهن ۾ اي سان شروع ٿيڻ وارا فنڪار اي فولڊر ۾ رکيم، بي سان بي ۾ رکيم، جنهن ۾ فنڪار، رائيٽر انهن سڀني جو ڪم انهن فولڊرن ۾ رکندو ويس ۽ باقي جيڪو ٻيو مٽيريل بچيل هو جيڪو پنج سئو ڪلاڪن تي ٻڌل هو ان جو ڪيٽلاگ ٺاهيو ۽ پوءِ ان کي حميد آخوند کي ڏيکاريو جنهن مون کي پنج لک رپيا ڏنا ته ان کي وڃي ڇپرائي. پوءِ اسان ان ڪيٽلاگ کي ڇپرايو، جيڪو هن وقت مڪمل آهي، اهو ريڊيو پاڪستان جي تصويري تاريخ آهي. جنهن ۾ اڍائي هزار کان وڌيڪ ناياب تصويرون شامل آهن ته ڪهڙا ڪهڙا انائونسر اتي هئا، ڪهڙا ڪمپيئر هئا، ڪهڙا صداڪار ۽ اداڪار هئا، ڊائريڪٽر ڪير هئا، پروڊيوسر ڪير هئا، اهو منهنجو انٽرويو جڏهن سوشل ميڊيا تي وڃي ته يارن دوستن کي اها گذارش آهي ته مون کي 7 لک ڪٿان ڪري ڏين ته ان مان اهو تاريخي ڊاڪيومينٽ ڇپرايان. مون پنهنجي زال کي پينشن ملڻ کانپوءِ چيو ته مون کي 7 لک ڏي ته آئون ان مان ڇپرايان، پر هن مون کي چيو نياڻيون ويٺيون آهن، ڇوڪرو پڙهي پيو، پاڻ وٽ ٻيو ڇا آهي اسان صاف شفاف هٿن سان ڪم ڪيوسين. پگهار بيشڪ سٺو آهي هينئر مون کي سوا لک پينشن ملي پئي. ٽي ويلا آهن، پر ٻه ويلا اسان سٺي ماني کائون ٿا، مون وٽ ست اٺ لک ڪونه آهن جو “پڪٽوريل هسٽري آف ريڊيو پاڪستان” ڇپرائي سگهان. مون پنهنجي جواني، پنهنجا وار، پنهنجو حسن سڀ ريڊيو پاڪستان کي ڏيئي ڇڏيو. آئون هڪ سٺو ڇوڪرو هوندو هئس، ايئن ويل ڪونه هئس جيڪڏهن خوبصورت ڪونه هئس ته قبولصورت هئس، پر منهنجي زندگي “شمع ڪي صورت هو خدايا ميري” وانگر ٿي وئي.

زاهده ابڙو: جيئن توهان ٻڌايو ته جنهن وقت توهان ريڊيو تي هئا ان وقت ۾ اهي شخصيتون جنهن ۾ ناميارا پروڊيوسر، ڪمپوزر ۽ ڳائڻا جيئن جيجي زرينا، عابده پروين، غلام حسين شيخ جهڙا ماڻهو موجود هئا، ان ڪهڪشان جو هجڻ هڪ قدرتي اتفاق هو جو اهي سڀ ان وقت موجود هئا ۽ هاڻي جڏهن اسان ڏسون ٿا ته اسان کي اهڙو ڪوبه ڳائڻو نظر نٿو اچي نه پروڊيوسر ٿو نظر اچي نه موسيقار نظر ٿو اچي جيڪو ريڊيو جي تاريخ کي تبديل ڪري سگهي. ان جو ڇا سبب آهي؟

نصير مرزا: ڪيڏو نه سٺو سوال آهي سچي اهو سوال منهنجي دل وٽان آهي، چوندا آهن ته جيڪو ڪم جنهن جي ڏانءُ جو آهي اهو ان کي ئي ڪرڻ گهرجي. ريڊيو پاڪستان جو ڪم هڪ اسپيشل جاب آهي، هر ڪم جي اسپيشلٽي ٿيندي آهي جيڪا ان کي قدرت ڏيئي ٿي ڇڏي. مثال طور: جيڪڏهن آئون حسابن ۾ ڪمزور آهيان، پر ساڳي جاءِ تي منهنجي ننڍڙي آهي جنهن اي سي سي ڪئي آهي اها حسابن کي منٽن ۾ حل ڪري ٿي وٺي. ريڊيو تي جيڪي ماڻهو اچن ٿا اهي پنهنجي رويي ۾ ئي براڊ ڪاسٽر هوندا آهن، پوءِ اهي پنهنجي ڪم سان سچا هوندا آهن ته اڳتي هلي ترقي ماڻيندا آهن. ادي عابده جيڪڏهن عابده پروين ٺهي آهي ته آئون اڄ اعلانيه اهو چوان ٿو ته عابده پروين کي سندس پيءُ غلام حيدر عابده پروين ڪونه ٺاهيو، نه ڪو ئي کيس امان ممتاز عابده پروين ٺاهيو، ان کي عابده پروين ريڊيو جي پروڊيوسر ٺاهيو. جيڪڏهن فوزيه سومرو آئي ته جنهن جا ماءُ پيءُ مولود پڙهندا هئا انهن ڪونه ٺاهيو ريڊيو ٺاهيو هئس. اسان پنهنجو وقت انهن تي لڳايو. ڇو ته پروڊيوسر کي خبر هوندي آهي ته هيءُ منهنجو پيشو آهي مون کي انهن ۾ پنهنجي قابليت جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي اظهارڻو آهي، آئون پنهنجو پاڻ لاءِ اهو چوندس ته آئون ذات جو مرزا ڪونه آهيان، آئون ذات جو پروڊيوسر آهيان، ٻيا جيڪي منهنجا سينيئرَ آهن جن جا مون نالا ورتا انهن کي به قدرت پروڊيوسر ڪري پيدا ڪيو. هن وقت آئون ٿورو مايوسي جو اظهار پيو ڪريان ته جيڪي ماڻهو اچن پيا جي صرف آءِ ٽي، آءِ ٽي، آءِ ٽي جو نعرو کڻي اچن ٿا بس رڳو ڪمپيوٽر ايڊيٽنگ، ڪمپيوٽر رڪارڊنگ، ڪمپيوٽر ڊجيٽلائيزنگ جون ڳالهيون ڪن ٿا، اچن ٿا وڃن ٿا ويهن ٿا انهن کي اها تربيت ڪونهي. اسان جيڪڏهن پروڊيوسر ٿياسين ته اسان جي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي ڇهه ڇهه مهينا ٽريننگ ڪرائي، ريفريشر ڪورسَ ڪرايا، ان وقت جيڪڏهن چار آنا به صلاحيت هئي ته انهن تربيتي پروگرامن جي ڪري ان رويي ۾ آياسين جنهن ۾ توهان پروڊيوسر ٿيندا ويندا آهيو، پوءِ کڻي جيڪڏهن سئو سيڪڙو نه به ٿيو، پر ان اداري جي ڏانءُ جا ٿي ويندا آهيو. هن وقت انهن سڀني شين جو قحط آهي ۽ ٻيو سماج به ڏاڍو خود غرض ٿي پيو آهي. هن وقت ڪورونا ته ڪورونا آهي، پر ان کان علاوه هڪڙو ٻيو وائرس پکڙيل آهي جنهن اسان جي ٽهي جي ماڻهن کي تمام گهڻو ڊپريشن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت ريڊيو جو پروڊيوسر اوترو با صلاحيت ڪونهي نه رڳو ريڊيو جو، پر ٽي وي جا پروڊيوسر به ان ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. ريڊيو جا جيڪي ٻيا پروگرام هوندا آهن جيئن ڊاڪيومينٽريون، ٽاڪ شوز، آئوٽ براڊ ڪاسٽ آهي، اتفاق سان انهن جي ڪا پوسٽ لائف ڪونه هوندي آهي بنيادي طور تي ڪم صداڪار جو هوندو آهي، اهو اڳتي هلي سماج کي محمد علي جي صورت ۾ ملي ٿو، مصطفيٰ قريشي ٿي نڪري ٿو، عابده پروين ٿي نڪري ٿي، انهن شعبن ۾ جيڪي ماڻهو ڪم ڪن ٿا، انهن کي اهو احساس هوندو آهي ته اسين جن ماڻهن تي ايڏي محنت ڪري رهيا آهيون ته اهي اڳتي هلي اسان جو نالو پيدا ڪندا. جيڪڏهن مون کان پڇو ته آئون اڳتي هلي وري پروڊيوسر ٿيڻ ڪونه چاهيندس ۽ سچ پڇو ته ميوزڪ جو پروڊيوسر مري وڃان پر ڪونه ٿيندس، ڇو نه ٿيندس ان لاءِ چوندس ته جيئن بلقيس ايڌي چيو هو ته هڪڙي ماءُ نون ڏهن ٻارن کي پالي ٿي، پر نو ڏهه ٻار هڪڙي ماءُ کي نٿا پالي سگهن. هاڻي هينئر جيڪي فنڪار ٺهي ويا آهن جن ۾ آئون ادي عابده جو نالو وٺندس، فوزيه سومرو جو نالو وٺندس، هر وڏي آرٽسٽ جو نالو وٺندس. جڏهن اسان ۽ اسان جي ساٿين انهن کي ٺاهي گلدستو ڪري سماج کي ڏنو اڄ توهان انهن کي اها گذارش به نٿا ڪري سگهو ته ادي اڄ حيدرآباد ۾ هڪڙو فنڪشن آهي توهان جي وقت جي قيمت هڪ ڪروڙ آهي، پر چاليهه پنجاهه لک کڻي اسان جي چوڻ تي اچي وڃو هاڻي هو بلڪل ڪمرشل ٿي ويا آهن ۽ اسان جي اهڙي درخواست کي بلڪل Deny ڪري ڇڏين ٿا. هاڻي آئون شڪر ٿو ڪريان ته اهو جيڪو نئون ٽئلينٽ آهي اهو وڃي ڌڪا کائي، رلي اڄ جيڪڏهن توهان انهن کي ٺاهيندا ته سڀاڻي توهان کي اهي لفٽ ڪونه ڪرائيندا، هاڻي آئون ڪهڙا لفظ ڳالهايان.

زاهده ابڙو: اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته توهان ريڊيو پاڪستان جي تاريخ کي ڇو سهيڙيو ڇا سنڌ سرڪار توهان جي ان سڄي ڪوشش ۾ ڪا مدد ڪئي؟

نصير مرزا: آئون هڪڙي وفاقي اداري ۾ ڪم ڪندو هئس، جتي اردو ٻوليءَ کي فوقيت حاصل هئي. اسان جي هيڊڪوارٽر ۾ نوانوي سيڪڙو پنجابي ڳالهائيندڙ موجود آهن، اسان جا آفيسر، اسان جا باس تقريبن پنجابي آهن. اسان جو سنڌو درياهه مٿان کان لهندو پيو اچي، پر اسان پڇڙي ۾ آهيون اسان سنڌي هر جاءِ ۽ هر سطح تي نظر انداز ٿيندا پيا اچون. اسين اهو نٿا چئي سگهون ته سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچر، سنڌي ميوزڪ، سنڌي فوڪ آرٽ، ڪير ٿو انهن سان دلچسپي رکي؟ اهو ته سائين جي ايم سيد کي سلام آهي جنهن اسان کي شعور ڏنو ته اسان پنج هزار سال پراڻو تهذيبي پسمنظر رکون ٿا، اسين هڪ تمام امير ثقافت جا وارث آهيون. جيڪڏهن اسين پاڻ کي پاڻ نه پڇون ته پوءِ ڪير ٿو اسان کي پڇي. پنجابين کي ته پنهنجي ٻوليءَ جو ئي احساس ڪونهي، پشاور ۾ وڃي اسان براڊ ڪاسٽنگ تي ڪم ڪيو آهي، لاهور ۾ ڪم ڪيو آهي ڪنهن به پنجابي کي پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر سان پيار ڪونهي، ڪنهن به پشتون کي پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر سان پيار ڪونهي انهن کي جرمني وڃڻو آهي، آمريڪا جا دورا ڪرڻا آهن، انهن کي ڊالر کپن، پائونڊ کپن، نوڪرين جا سٺا موقعا کپن. مون کي اتان تعاون ملڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو، باقي آئون هڪ باشعور خاندان جي فرد طور جيئن منهنجو ڏاڏو قليچ بيگ پنو پنو، فوٽو فوٽو، هڪڙو هڪڙو فائل، هڪڙو هڪڙو خط گڏ ڪري رکندو هو آئون کيس ڏسندو هئس، آئون ان جي لائبريري جو ياد حافظ آهيان مون کي خبر آهي ته هن هڪڙي هڪڙي شيءِ ڪيئن سنڀالي رکي آهي. مون به مرزا قليچ بيگ چيئر طرفان سندس هڪڙو البم مرتب ڪيو آهي. ان ماڻهو ڇا ته تصويرون گڏ ڪيون ان وقت جي ڪمشنرن جون، ليکڪن، همعصرن، دوستن جون. قليچ بيگ جا ٻه فوٽو البم آهن جن ۾ هزارين ناياب تصويرون موجود آهن. طروٽ جو فوٽو عبدالقادر منگي سڄي دنيا ۾ ڳوليندو رهيو کيس ڪٿي ڪونه مليو، جڏهن هو ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو هو، مون کيس ٻڌايو ته مون پنهنجي ڏاڏي جي البم ۾ طروٽ جو فوٽو ڏٺو آئون توهان کي ڏيان ٿو. آئون هڪ ناچيز بندو آهيان، ڪا سياسي شخصيت ڪونه آهيان نه ئي ڪو ايڪٽوسٽ آهيان، منهنجي زبان تي ڪو نعرو ڪونهي، مون کان ماڻهو پڇندا آهن ته تنهنجو ڪو ادبي نعرو آهي، آئون چوندو آهيان ته ها منهنجو نعرو آهي “نعره حيدري” آئون لٽريچر ۾ “علي علي” ڪندو آهيان. ادي فهميده مون کي چوندي هئي ته بابا تون ادبي فنڪشنن ۾ ويهين ٿو اتي به علي عه جو نعرو ٿو هڻين، مون کيس چيو ته علي عه ڪير آهي علي نحج البلاغه آهي، قرآن کانپوءِ وڏي ۾ وڏو علم جو در علي عه آهي. ان جو نالو جيڪڏهن علمي اسٽيج تي نه وٺان ته ڪنهن جو وٺان. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته آئون جنهن گهر ۾ رهان ٿو ان کان هڪ فرلانگ تي مرزا قليچ بيگ جو قطب خانو آهي. مون کي ته خبر آهي ته قليچ بيگ ان گهر ۾ رهندو هو، هن ٽيبل تي ويهي لکندو هو، هن پينگهي ۾ ويهي لڏندو هو. شايد اهو ئي شعور هو جيڪو مون کي پنهنجي ڏاڏي کان مليو ۽ مون ان اداري ۾ ان جو استعمال ڪيو. اسان جي وڏن جون ڇڏيل شيون جيڪي اڄ اسان جي هٿن ۾ آهن انهن کي جيڪڏهن جياري نٿو سگهان ته پوءِ مون کي به جيئڻ جو ڪو حق ڪونهي. توهان کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان ته پروڊيوسر تمام گهڻو با اختيار ناهي هوندو، هو رڳو پنهنجي پروگرام، اسٽوڊيو ۽ انهن فنڪارن جي حد تائين بااختيار هوندو آهي، پر ڪو ڊائريڪٽر به ان ۾ هٿ نٿو وجهي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن پروجيڪٽ ۾ هٿ وجهي سگهي ٿو اهو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي ۽ منهنجي خوشقسمتي اها آهي ته آئون اسٽيشن ڊائريڪٽر به ٿيس ۽ سنڌ جي ڇهن ئي ريڊيو اسٽيشنن جو ريجنل ڊائريڪٽر به ٿيس. بلوچ صاحب کي جڏهن خبر پئي ته مون کي ريجنل ڊائريڪٽر ڪيو ويو آهي ته پوءِ هن مون کي چيو ته بابا تون هاڻي آهين سڄي “موڙيءَ جو مالڪ” ڳالهه چوڻ جي اها آهي ته جڏهن آئون موڙيءَ جو مالڪ ٿي ويس ته پوءِ مون کي ڪير ٿو ڪجهه چئي سگهي. مون کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو ته جيڪو خزانو مون وٽ هو ان کي محفوظ ڪرڻو هو ۽ منهنجي ان شعور مون کي ان ۾ مدد ڪئي جو مون ريڊيو جي تاريخ کي محفوظ ڪيو. مون کانپوءِ واري وقت ۾ ته مون کي هينئر اونداهي ٿي نظر اچي. ظهير ڪاشميري جو هڪڙو شعر آهي:

هماري بعد انڌيرا نهين اجالا هي

پر آئون وري جڏهن مڙي ٿو ڏسان ته چوان ٿو:

هماري بعد اجالا نهين انڌيرا هي

زاهده ابڙو: توهان شاعري به ڪئي آهي ۽ ٻين موضوئن تي به ڪتاب لکيا آهن توهان اسان کي ٻڌايو ته انهن سڀني ڪتابن مان توهان جي دل جي ويجهو ڪهڙو ڪتاب رهيو آهي. ان جو سبب ڇا آهي؟

نصير مرزا: آئون پنهنجو پاڻ کان اڳ ٻن پروڊيوسرن جو نالو وٺندس جن کي قدرت لکڻ جي بي بها ڏات ڏني هئي. انهن مان هڪڙي جو نالو آهي مراد علي مرزا. جيڪو به ماڻهو ريڊيو ۾ گهڙندو ريڊيو ان کي اڏوهي وانگر کائي ڇڏيندو. ڇو ته اندر ڪم جو جيڪو نمونو آهي ان ۾ توهان کي هر وقت هڪڙو پريشر رهي ٿو، پاليسين جو دٻاءُ رهي ٿو، مراد علي مرزا هڪڙو شاندار ترجمه نگار، فڪشن رائيٽر هو ۽ زبردست حقيقت نگار هو ان جهڙو ڪير آهي؟ هن شاهه لطيف تي هڪ ناول لکيو “سامي سج وڙا” جيڪو هن جو وڏو ڪارنامو آهي، اهو مراد علي مرزا آهي. ٻيو ماڻهو ممتاز مرزا صاحب آهي. دنيا جي مصروفيتن جي باوجود به ان جي قلم ۾ وڏي طاقت هئي، حسام الدين راشدي کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪڏهن وڏي ۾ وڏو ڪو نثر نگار جيڪو ثقافتي پسمنظر جي لحاظ کان آهي اهو ٻيو ڪوبه ڪونهي اهو ممتاز مرزا آهي آئون دعويٰ سان چئي سگهان ٿو. مون شاعري به ڪئي آهي، پر آئون شاعر ايئن ٿي نه آيس آئون شاعري ۾ پنهنجي هڪڙي الڳ ڊڪشن سان آيس. آئون پنهنجو پاڻ کي شاعري جي حساب سان اهو ئي چوان ٿو ته جڏهن آئون مري وڃان ته منهنجي تختي تي اهو لکيو وڃي ته نصير مرزا شاعر، پر مون جڏهن پنهنجو مجموعو سميٽيو ته ان جو نالو رکيم “ٿي نه سگهيس شاعر” ڇو جو منهنجو ڌيان ان طرف نه وڃي سگهيو، شاعري، پن جي ٻيڙي ۽ ڪافي اهي سڀ شيون وقت تي ئي استعمال ٿينديون آهن. پن جي ٻيڙي توهان دکائي ٻئي خيال ۾ هليا ويا ته وسامي ويندي، ڪافي ڌيان ٻئي طرف هليو ويو ته ٿڌي ٿي ويندي، پکي جڏهن ڪنهن ٽاريءَ تي ويهندو آهي جڏهن اهو اتان اڏامي ويندو آهي ته ٽاري ڪافي دير تائين پئي جهومندي آهي. آئون پنهنجي شاعري ۾ به اهڙي وائبريشن وارو امپريشن ڇڏڻ چاهيان ٿو، پر جيئن ته منهنجو ڪل وقت پنهنجي پروفيشن ڏانهن رهيو. توهان جيستائين ان تي ڌيان نٿا ڏيو شاعري نٿا ڪري سگهو. شاعري به هڪ اهڙي زال وانگر آهي جيڪا چوي ٿي ته هيڏانهن هوڏانهن نه ڏس مڪمل ان تي توجهه جي ضرورت آهي. جڏهن نثر لکڻ جو شوق ٿيو ته مون “سفر قلندر” ۽ “خيمي ۾ شام” لکيو. ڇاڪاڻ ته آئون هلندي گهمندي لکندو ويس. جڏهن ريڊيو جي مصروفيت وڌي ته پوءِ سوچيم ته اڌوري شوق کي ڪيئن پورو ڪجي پوءِ مون شين کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪي ڪتاب ٽيهن جي ويجهو آهن حفيظ شيخ، نادر بيگ مرزا، شيخ اياز جي وفات کانپوءِ چاليهن ڏينهن تائين جيڪو به مواد آرٽيڪل، خبرون، اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا انهن جون آئون ڪٽنگز پاڻ وٽ سنڀاليندو رکندو ويس. ٿيندو ايئن آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو گذاري ٿو وڃي ته ٽن ڏينهن کانپوءِ توهان ان جي وفات جي تاريخ پيا ڳوليندا آهيو. شيخ صاحب 28 ڊسمبر تي ويا ۽ مون 29 ڊسمبر کان جيڪو مهيني اندر اخبارن ۾ شايع ٿيو، اهو سڀ سهيڙي رکيو ۽ توهان پڇو ته مون ڪهڙو بهترين ڪم ڪيو آهي؟ “سامي سج وڙا” شيخ اياز تي منهنجو ڪم جيڪو کيس ڀيٽا آهي منهنجو بهترين ڪم آهي. اهي ڪالم، اهي ايڊيٽوريل، اهي تعزيتي بيان جيڪي ڪڏهن به ڪنهن کي هٿ ئي ڪونه اچن ها. توهان سنڌيالاجي ۾ وڃو يا سينٽرل لائبريري ۾ وڃو توهان کي اخبارون ڪونه ملنديون. بنڊل ٻڌا پيا آهن، پر توهان کي اها شيءِ ڪونه ملندي. منهنجو ٻيو ڪم نادر بيگ مرزا تي آهي، جيڪو مون کي تمام گهڻو پسند آهي. مون کي لکڻ جو انداز ۽ لي آئوٽ سائين نثار حسيني سيکاريو. ڪتاب چوندو ته مال ڪيترو به سٺو هجي، پر رومال سٺو ڏيکاريو. آئون لي آئوٽ پنهنجي انداز سان ڪيان ٿو، توهان پاڻ چوندئو ته هو ڪنهن الڳ انداز سان ڇپيل آهي. هن وقت به توهان سان هڪ ڳالهه ڪيان ته جن ماڻهن کي ڪير پڇي به ڪونه ٿو انهن کي مون ڳولهي هٿ ڪيو آهي. الف ليليٰ جا داستان توهان ممڪن آهي ته انگريزي ۾ پڙهيا هجن، پر ماڻهن ته انگريزي ۾ نه پڙهيا آهن انهن ته سنڌي ۾ پڙهيا هوندا. ممتاز دمساز ڏسو، طوطا مينا جي ڪهاڻي، الف ليليٰ اهي ڪنهن جا لکيل آهن، اهي ٽنڊي قيصر جي حاجي حڪيم نظاماڻي جا لکيل آهن. جنهن کي مون اسي نوي سالن جي عمر ۾ ڏٺو. مون به جڏهن ڏٺو ته آئون هاڻي ڇاهٺ سالن جو آهيان ته آئون انهيءَ ماڻهو کي بچائي ويندس. هن وقت منهنجي ٽيبل تي جيڪو ڪتاب آهي اهو حاجي حقير ابن مڱڻ جي ڪليات آهي، جيڪو شاندار ڪم آهي جنهن ۾ الف ليليٰ جو پورو داستان آهي ان جو ترجمو ڪيل آهي. قصو دودو سومرو آهي، ممتاز دمساز آهي، ليليٰ مجنون جو قصو آهي، قصو سهڻي ميهار آهي، ايئن سمجهو ته ان ۾ هيرا جواهر آهن، نديون پيون وهن مون ان ۾ هٿ وڌو آهي.

زاهده ابڙو: توهان جيئن حاجي حڪيم نظاماڻي جو ذڪر ڪيو ته ان لوڪ ڪهاڻيون لکيون هيون هاڻي اسان وٽ لوڪ ادب ايئن سمجهو ته ختم ٿي چڪو آهي، نيون ڪهاڻيون اسان کي نه پيون ملن، پر يورپ يا مغربي ملڪن ۾ اڃان به لوڪ ادب لکجي پيو. جيئن هيري پوٽر اهو به لوڪ ادب جو ئي حصو آهي. اسان وٽ لوڪ ادب جي ختم ٿيڻ جو ڇا سبب آهي؟

نصير مرزا: بنيادي طور تي اسان جا جيڪي ادبي ادارا آهن جن ۾ ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌيالاجي ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ آهن اتي اهڙا آفيسر ويٺا آهن جيڪي سمجهن ٿا ته اهي تمام گهڻا ماڊرن آهن، انهن کي لوڪ ادب جي بچاءُ جي ڪا ڳڻتي ڪونهي. اسان ته ڇا اسان جا ابا ڏاڏا به قربان آهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تان، اسان انهن جي پيرن جي خاڪ آهيون. جيڪڏهن اهو ماڻهو نه هجي ها ته توهان کي سنڌي لوڪ ادب جي باري ۾ ڪير ٻڌائي ها. لوڪ ڪهاڻيون، سهرا، ادب، قصا. هڪڙو درياءِ سنڌ آهي سئو کان وڌيڪ لڳ ڀڳ ڪتاب اسان کي سهيڙي ڏيئي ويو. ويندي ويندي به جڏهن آخر ۾ هن سير سفر ڪيا آهن ته هن جي نگاهن جو مرڪز لوڪ ادب جي ڳولا هئي ته ان ۾ هن “رهاڻ هيرن کاڻ” جا ڏهه جلد اسان کي ڏنا، پوءِ جيئن ته اها اسڪيم ختم ٿي وئي، جيڪا ادبي بورڊ وٽ هئي، بيقدري هئي ادارن ۾ ٻين سوچن وارا ترقي پسند ۽ الائي ڪهڙي ڪهڙي سوچن وارا ماڻهو اتي آيا ۽ ايئن چئي سگهجي ٿو ته انهن کي لوڪ ادب سان دلچسپي نه رهي جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي هئي. توهان هڪڙي ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي جيڪڏهن ڪير ٻڌڻ چاهي ته.

ريڊيو پاڪستان جيڪو براڊ ڪاسٽنگ جو سسٽم آهي اهو مهاجرستان هو زيڊ اي بخاري صاحب، حميد نسيم صاحب، اهي سڀئي لکنئو، دهلي ۽ آل انڊيا ريڊيو جا آفيسر هئا، جن پنهنجي ٻوليءَ کي مٿڀرو رکيو، هر ڳالهه ۾ اردو. 56-1957ع ۾ جڏهن بلوچ صاحب مشاورتي ڪميٽي جو ميمبر ٿيو، هن جهڳڙو نه، پر جنگ ڪئي، اردو ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي ته “هماري ساٿ اگر ڪوئي برسرِ پيڪار رها هي سنڌي ادب ڪو سامني لاني مين تو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٿي.” ڳوٺاڻن ڀائرن جي ڪچهري، ٻيڙي فقير کان وٺي قاضي الهورائي تائين کي ريڊيو تي گهرايو، قادو شيدي، شاهه محمد نابينا جيڪو بٺوري جي گهٽين ۾ پئي الغوزا وڄائيندو هو ان کي وٺي اچو. محمد فقير مسخري لاءِ چوندو هو ته هي اسان جو لوڪ فن آهي انهن کي متعارف ڪرايو اسان توهان جون گهڻيون قواليون ٻڌيون. غالب ۽ مير تقي مير کي به گهڻو ئي ٻڌوسين، هاڻي اسان جي به ڪجهه ڳالهه هجڻ کپي، اهو ڊاڪٽر صاحب جي ڪري ڳالهه ميڊيا ۾ اچي وئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻولي کي بچائڻ وارا ادارا اهڙا ڪلاس هلائين. سنڌي ادبي بورڊ وٽ هڪ وڏو آڊيٽوريم آهي، لئنگويج اٿارٽي وٽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال آهي، انسٽيٽيوٽ سنڌيالاجي ۾ پير حسام الدين هال آهي، هنن وٽ بجيٽ هوندي آهي، هنن کي گهرجي ته ادب جا سيشن ڪن. توهان يو ٽيوب تي وڃو ته توهان کي اردو ۾ لوڪ ڪهاڻين جا سيشن نظر ايندا. جيئن پهرين دهلي ۾ ٻڌائيندا هئا باقر علي رضوي وارا هاڻي وري انهن ريتن کي جياريو پيو وڃي. آئون سلام ڪيان ٿو انهن دوستن کي جن دودي سومري جي قصي کي اسٽيج ڪيو، اهي ڪردار اسان جا آئيڊيل آهن جن ۾ مزاحمت به آهي ته وطن پرستي به. ڌارين تي ڦٽڪار آهي. سائين نثار حسيني ٻيا جن سسئي پنهون جي قصي کي اسٽيج ڪيو يا مومل راڻو يا سهڻي ميهار آهي. ضرورت آهي ته اسين انهن ڪردارن کي جياريون هن وقت سڀني کان وڌيڪ بجيٽ ثقافت کاتي وٽ آهي، هو جڏهن ٻيو سڀ ڪجهه ڪن پيا ۽ جيڪڏهن انهن کي ياد نه آهي ته اسين انهن کي ياد ڏياريون ٿا ته هو پنهنجي لوڪ ادب کي جيارڻ لاءِ ڪلاس هلائين، سيشن ڪن، انهن کي اسٽيج تي پيش ڪن، اسڪولن ۾ وڃي انهن جون ڪهاڻيون ٻڌايون وڃن، ممڪن آهي ته اسان ايئن پنهنجي لوڪ ادب کي وري زنده ڪري سگهون. اسان جو لوڪ ادب تمام گهڻو امير آهي، هينئر به اسان وٽ تمام گهڻا سگهڙ موجود آهن، پر انهن ويچارن کي رڳو سياري ۾ مچ ڪچهرين ۾ دعوت ڏيئي گهرايو ويندو آهي ته جيئن اچي اتي دال ڀت کائين الغوزو وڄائي هٿ سيڪي هليا وڃن. ضرورت آهي ته انهن تي هٿ رکيو وڃي، انهن جي فن کي جياريو وڃي ۽ ماڻهن تائين پهچايو وڃي.

زاهده ابڙو: اسان وٽ سرڪاري ادارا ٺهن ٿا، پر جهڙي طريقي سان اسان کي انهن مان اميد هوندي آهي ته اهي اڳتي هلي ان طريقي سان ڪم ڪندا اهي ايئن ڪم نٿا ڪن. ٺهڻ کانپوءِ ويهن سالن جي اندر اهو ادارو وڃو پٽ پوي. ان جو ڇا سبب آهي؟

نصير مرزا: ان جو سبب اهو آهي ته اهي شخصيتون جن اهي ادارا قائم ڪيا، انهن جا متبادل جن اچي اهي ادارا سنڀاليا اهي انهن جي نقش قدم تي هلڻ جي اهل ئي ڪونه آهن. ڊاڪٽر بلوچ جنهن اداري جو جيترو باصلاحيت انسان هو يا محمد ابراهيم جويو هو جيئن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هو، انهن جا جڏهن جان نشين آيا آهن ته آئون اها ڳالهه اعلانيه ٿو چوان ته انهن ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو. توهان پنهنجي بورڊ آف گورنرز ۾ اهڙا ماڻهو رکو ٿا جيڪي چوويهه ڪلاڪ توهان جي اڳيان پٺيان رڳو مسڪي بازي ڪندا رهن ٿا، اهي توهان جا ميمبر آهن اهي ڪجهه نٿا ڪن. آئون ڪيترين ئي ڪميٽين جو ميمبر رهيو آهيان جنهن ۾ تجربو اهو ٿيو آهي ته توهان صاحبن جي تعريف ڪريو ۽ پوءِ جيڪو اهي چاهين ٿا اهو ئي ٿئي ٿو. نيب به جاڳي پئي ۽ سڀني کي خبر آهي ته انهن ادارن جي سربراهن جا هٿ صاف ڪونه آهن، انهن ميمبرن مان جيڪڏهن ڪو سٺي تجويز ڏيندو ته ان تي عمل ڪونه ٿيندو آهي. انهن ادارن جي تباهي جو سبب اهو آهي ته اهي اهل ڪونه آهن، سچا ڪونه آهن، ڀلي کڻي جيڪي دورِ حاضر ۾ ويٺا آهن انهن مان ڪوبه اداري جي سربراهي ڪرڻ جي لائق ناهي. انهن وٽ اهو ويزن (vision) ئي ڪونهي، ڪم ڪرڻ جي اها صلاحيت ئي ڪونهي ۽ پوءِ انهن سان گڏ جيڪا مشاورتي ڪميٽي آهي اهي سڀ آداب عرض آداب عرض ۽ سائين سائين سائين ۾ پورا  آهن، نتيجي ۾ انهن ادارن جا سربراهه انهن جا هٿ لهوءَ ۾ لال لڳا پيا آهن، پنهنجن پسنديده ماڻهن جا ڪم ڪار ڪن ٿا. ايئن ادارا ڪونه هلندا آهن، ادارا سچي جذبي سان هلندا آهن. هاڻي ته وري قدرت انهن کي بهانو ڏنو آهي ڪورونا جو، سڄي دنيا ڪم ڪري پئي، پر هي هٿ هٿ تي رکيو ويٺا آهن.

زاهده ابڙو: توهان هڪڙي ميوزڪ اسڪول جا سربراهه هئا. ان اسڪول جي ٺهڻ جا مقصد ڇا هئا؟ ان جي ڪارڪردگي جي باري ۾ اسان کي ڪجهه ٻڌايو. ڇا اهو اسڪول پنهنجا مقصد پورا ڪري سگهيو يا اهو به ٻين ادارن وانگر اڌ ۾ بند ٿي ويو؟

نصير مرزا: سمپا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ اهو 2016 يا 2017 کان مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ ادي سسئي پليجو صاحبه جي زماني ۾ شروع ٿيو، جنهن جا اول سربراهه ميوزڪ گهراڻي جا ماڻهو رکيا ويا، جيئن استاد فتح علي خان، گواليار وارو مظهر حسين کي انهن لطيف آباد واري اداري ۾ رکيو. ان کانپوءِ وري جڏهن اهو ڄامشوري ۾ يوٿ هاسٽل جي ڀرسان قائم ٿيو ته ان وقت ڪيئر ٽيڪر حڪومت هئي، انهن انٽرويو ورتا، جنهن ۾ هنن ڊائريڪٽر ۽ ٻئي اسٽاف جي ڀرتي ڪئي ۽ ڪم هنن جو اهو هو ته هڪڙا ماڻهو جيڪي ورثي ۾ پنهنجو ڪم کڻي ميراثي هلن ٿا اهي ماڻهو مڱڻهار، انهن کي فن پنهنجي ورثي ۾ ملي ٿو، ڳائيندي وڄائيندي سکندا ٿا رهن، پر ٻيا ماڻهو وري عطائي ۽ شوقيه جن ۾ انتهائي پڙهيل لکيل ۽ هوشيار شاگرد ۽ ذوق رکڻ وارا ماڻهو اچي وڃن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا ۾ هر شعبي ۾ هڪڙو پڙهيل لکيل ۽ قابل ماڻهو کپي چاهي اهو ٿيٽر جو فنڪار هجي، موسيقار هجي، ڳائڻو هجي، ڪمپيئر هجي، ڊراما وائيس تي جيترو هو پڙهيل هوندو اوترو ان جو ويزن (vision) بلند هوندو. ان شيءِ کي وڌائڻ لاءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ اهو ادارو قائم ڪيو. مون کي 2018 کان 2019 تائين هڪ سال جو ڪانٽريڪٽ مليل هو جيڪو ختم ٿي چڪو آهي. پوءِ مون چارج سنڌ ميوزيم جي ڊائريڪٽر جي حوالي ڪري ڇڏي. مون پورو سال ڪلاس هلايا، جنهن ۾ لمس، سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي جا شاگرد آيا ۽ اهي جيڪي مڱڻهار ۽ ميراثي خاندانن جا ٻار آهن اهي به اتي سکڻ ايندا هئا جن کان ڪابه في نه ورتي ويندي هئي. انتهائي شاندار انتظام آهي سڀئي ساز موجود آهن، ڪلاس روم موجود آهن، مون انهن ڪلاس رومن جا نالا رکيا ته هي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ٿيٽر آهي، هي استاد جمن ميوزڪ هال آهي جتي ڇوڪريون ويهي سکنديون هيون ان کي اسان عابده پروين هال جو نالو ڏنو ته جيئن انهن نوجوانن کي پنهنجن فنڪارن جي باري ۾ خبر پوي، اسان انهن جون سالگراهون ۽ ورسيءَ جا پروگرام ڪيا. انهن جي گائڪي جي انداز کان شاگردن کي واقف ڪيو. مظهر حسين مون سان گڏ هو، پر پوءِ هو ڪجهه ناچاڪيءَ سبب نه اچي سگهندو هو، ٿيٽر ۾ شاهنواز ڀٽي هو ۽ ميوزڪ واري پاسي گهڻو ڪري آئون اڪيلو هئس. پوءِ خبر پئي ته اداري جي بجيٽ ختم ٿي چڪي آهي. پوءِ اسان جو هڪڙو سٺو ادارو بند ٿي ويو، وري ڪورونا اچي وئي جتي سڀ ڪجهه ٿئي پيو، شاديون به ٿين پيون، پر ڪلاس روم ۽ شاگردن جون سرگرميون بند ٿي ويون، اسيمبلي جا اجلاس ٿين پيا، سياست ٿئي پئي، دنيا جا سڀ ڪم ڪاريون ٿين پيا، پر ادارن جي لاءِ ڪورونا وڏو بهاڻو بڻجي وئي. هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته انهن ٻئي ڪنهن اداري سان ايم او يو تي صحيحون ڪيون آهن جنهن کي هاڻي وري هو شروع ڪرڻ وارا آهن.

زاهده ابڙو: توهان جي لاءِ هڪڙي ڳالهه مشهور آهي ته توهان جو ڪو دوست ڪونهي، ڇو ته جيڪو ماڻهو توهان سان اٿي ويهي ٿو اهو توهان سان دوستيءَ جي دعويٰ ٿو ڪري چوي ٿو ته نصير منهنجو گهاٽو دوست آهي ۽ اهو ضروري آهي ته ڪنهن به شخص جو گهاٽو دوست ڪو هڪڙو ئي هوندو آهي توهان ان جي وضاحت ڪندا.

نصير مرزا: آئون جولاءِ ۾ پيدا ٿيو هئس، منهنجو برج سرطان آهي، منهنجو برج تي يقين تمام گهڻو آهي روز اخبار ۾ “اڄ جو ڏينهن ڪيئن گذرندو” ضرور پڙهندو آهيان. آئون انتهائي وهمي ماڻهو آهيان، آئون پنهنجي پاڇي کان ڊڄندو وتندو آهيان. بنيادي طور تي آئون گهريتڙو ماڻهو آهيان تمام گهڻو choosy به آهيان. منهنجي ماءُ چوندي هئي ته ڪنهن کي ڪجهه ڏيئي نٿا سگهو ته عزت ته ڏيو نه. آئون سڄي زندگي ان تي عمل ڪندو رهيو آهيان. ريڊيو ۾ چاليهه سال گذاريم، ڪو ڏينهن اهڙو نه گذريو جو مون وٽ ڪو مهمان آيو هجي ۽ مون ان کي چانهه نه پياري هجي يا ان منهنجي ماني نه کاڌي هجي يا ان ماڻهو منهنجي فون جو غلط استعمال نه ڪيو هجي، منهنجي پگهارن مان هزارين رپيا ڪٽجي ويندا هئا رڳو ان ڪري، پروڊيوسر ٽو اسٽيشن ڊائريڪٽر اها ڪيڏي وڏي انسلٽ آهي جو توهان جا هزار يا پندرهن سئو رپيا پگهار مان ڪٽجن پيا. آئون ڪجهه ماڻهن جي معاملي ۾ تمام گهڻو choosy هوندو هئس. مولا علي عه جو هڪڙو قول آهي ته توهان جنهن تي احسان ڪيو ان جي شر کان بچندا وڃو. آئون ڪنهن به دوست جي شر کان ڪونه بچيس. آخر ۾ منهنجو دوست هو طارق عالم ابڙو، غلام نبي سومري وارا منهنجي جوانيءَ جا دوست آهن. طارق عالم ابڙو منهنجي پختي عمر ۾ دوست ٿيو. هو مون کي چوندو هو ته تون پنهنجي مستقبل تي نظر ٿو رکين، تنهنجون محمد ابراهيم جويو سان دوستيون آهن، فلاڻي فلاڻي سان دوستيون آهن، تون آگري سان، تون رباني سان دوستيون ٿو رکين. هو چوندو هو ته تون انهن جي پٺيان پنهنجي سٺي مستقبل لاءِ پيل آهين. آئون ان کي چوندو هئس ته آئون هڪڙو پروگرام ڊائريڪٽر جيڪو پنهنجي صلاحيت تي هتي چونڊجي آيو آهيان مون کي ڪنهن جي به ضرورت ڪونهي ۽ اڄ قسم کڻي ٿو چوان ته مون وٽ ڪجهه ڪونهي سواءِ منهنجي پينشن جي ۽ جيڪي ڪجهه پئسا مون کي گريجوئيٽي جا مليا آهن جنهن مان منهنجو گهر هلي ٿو ۽ آخر ۾ مون جيڪا جاب ڪئي اوڻهٺ سالن ۾ جنهن مان مون چوڏهن پندرهن لک جي ڪرولا گاڏي ورتي ته جيئن منهنجا ٻار اسڪول ۽ ڪاليج تائين سٺي گاڏيءَ ۾ وڃي سگهن. آئون آر. ڊي ٿي رٽائرڊ ٿيو آهيان ڇا ٻار معاشري ۾ ڏيکارين ته هنن وٽ سٺي گاڏي به ڪونهي. بس ايئن سمجهو ته زمانو ظالم آهي، ايئن چوندس ته مون سان ڪنهن وفا ڪونه ڪئي جيڪڏهن ٻيو جنم وٺي اچان ته سواءِ طارق عالم جي ڪنهن کي اڳيان اچڻ ڪونه ڏيندس. منهنجا ماڻهن سان رڳو وڙ آهن ۽ انهن ماڻهن مان مون ڪجهه ماڻهو پسند ڪيا جن سان آئون ويجهو هئس، پر اهي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو منهنجي رٽائرمينٽ کانپوءِ اڄ فاصلي تي آهن. انهن جا نالا ڪهڙا وٺان پنهنجن ڪالمن ۾ آئون انهن جا نالا لکندو آهيان ڪنهن کي “فم” ڪنهن کي “مم” لکندو آهيان خدا هر ڪنهن کي انهن کان بچائي. ٻيو توهان کي ٻڌايان ته آئون پڙهڻ جي سلسلي ۾ به تمام گهڻو choosy آهيان، منهنجي انگريزي ڪمزور آهي ان ڪري مون انگريزي ادب جو ترجمو پڙهيو آهي ميلان ڪنڊيرا کي، جيڪڏهن آئون انگريزي ۾ پڙهندس ته ان جو اهو لطف حاصل نه ڪري سگهندس جيڪو ترجمي ۾ حاصل ٿي سگهي ٿو. اردو ته دنيا جي لذيذ ترين جادوگر ٻولي آهي، اسين ته پنهنجي ٻوليءَ جا بادشاهه آهيون. اردو ۾ ادب جو جيڪو مزو آهي اهو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪونهي. پيا پڙهو توهان ارون دتي راءِ جو گاڊ آف سمال ٿنگس جيڪو انگريزيءَ ۾ مون کي اوترو لطف نٿو ڏئي جيڪو اردو ۾ ڏئي ٿو. منهنجا پسنديده ليکڪ رهيا ميلان ڪنڊيرا، ارون دتي راءِ، گارشيا مارڪيز ۽ آخر ۾ جڏهن آئون ڪنهن نتيجي تي پهتس ته مون کي ميلان ڪنڊيرا سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو، ان کانپوءِ وڌ ۾ وڌ گارشيا پسند آيو جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ دل ۾ خيال ٿيو ته ڪاش آئون هينئن لکي سگهان ها. ان کانپوءِ قرت العين حيدر، انتظار حسين. گارشيا جو جيڪو وزڊم آهي پنهنجي ڳوٺن ۾ ڏيکارڻ لاءِ ايجادن جو ۽ ٻين شين جو ته آئون سحر ۾ جڪڙجي ٿو وڃان. انتظار حسين وري هجرت کي جيئن لکيو آهي، لکنئو، دهلي، طوائفون، ناچڻيون، فلمون. توهان جيڪڏهن مون کان پڇندا ته آئون ڪنهن کي ڪاپي ٿو ڪريان ته آئون انهن جو چور آهيان آئون انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ ڪاپي ٿو ڪريان. نيئر مسعود دنيا کي خبر ڪونهي ته هو ڇا ته افسانه نگار آهي، لکنئو جو ماڻهو آهي جنهن جا افسانه لکنئو جي گهٽي گهٽي، حڪيم، درس تدريس، يونيورسٽيون الائي ڪو جهان آهي جيڪو تمام گهڻو خوبصورت آهي. شاعري مون کي ميرا جي، جي وڻندي آهي، فيض احمد فيض کي ٽچ ڪندو آهيان تمام خوبصورت شاعر هو. مون کي ن. م راشد جي شاعري به وڻندي آهي، مون کي امداد حسيني جي شاعري وڻندي آهي، منير نيازي وڻندو آهي. هاڻي سچي ڳالهه آهي ته مون کي ٻين جي پڙهڻ لاءِ وقت ڪونهي آئون انهن کي ئي پڙهي پورو ڪريان ته وڏي ڳالهه آهي.

زاهده ابڙو: سنڌيءَ ۾ ڪنهن جو نثر وڻندو اٿوَ؟

نصير مرزا: افسانوي نثر ۾ ته آهي جمال ابڙو صاحب ۽ غلام رباني آگرو صاحب ۽ غير افسانوي نثر ۾ مهتاب محبوب، ممتاز مرزا، پير محمد علي ۽ حسام الدين راشدي. وري جڏهن توهان منهنجي ٽهيءَ مان پڇندا ته ادا غلام نبي سومرو، ضراب حيدر ان جو نثر مون کي پنهنجي طبيعت وٽان لڳي ٿو. ان کان علاوه اڪبر سومرو، حسن مجتبيٰ، انهن جي ڪا تحرير هوندي آهي ته شوق سان پڙهندو آهيان. حميد ڪاشميري هڪ دفعو مون کي لاهور ريلوي اسٽيشن تي نظر آيو، وڃي مليو سانس ٻڌايومانس ته اسان اردو ادب پڙهندا آهيون، پڇيائين ته ڪهڙو ادب پڙهندو آهين ٻڌايومانس ته قرت العين حيدر چيائين اڇا بس بس سمجهه ۾ اچي ويو، سمجهي ويس تو سان وڌيڪ نٿو ڳالهائي سگهجي. خبر پئجي وئي ته تنهنجو ادب ۾ ٽيسٽ ڇا آهي.

زاهده ابڙو: ڪمپيئرنگ ڪڏهن کان شروع ڪئي جو ڪمپيئرنگ جا بادشاهه ٿي ويا. ڇا توهان پنهنجو ڪو متبادل تيار ڪيو آهي؟

نصير مرزا: تمام اهم سوال آهي بنيادي طور تي ته آئون پنهنجو پاڻ کي ڪمپيئر سمجهان ئي ڪونه ٿو. نظريهءِ ضرورت تحت جيئن ڪڏهن ڪڏهن توهان وڏن وڏن اداڪارن کان ٻڌو هوندو جيئن اداڪاره شميم آرا، پتلي ٻائي ته “وه مين تو اپني سهيلي ڪي ساٿ شوٽنگ ديکني گئي ٿي پر ان ڪو ڪام نهين آرها ٿا تو مين ني ڪها مين ڪر سڪتي هون اور مين هيروئن بن گئي” سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي به ڪمپيئر ٿيڻ جو ڪو شوق ڪونه هو ۽ نه ئي منهنجو ڪو اهڙو فطري لاڙو هو. 1980ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندو هئس منهنجو استاد هو پروفيسر قرار حسين جو پٽ ۽ تاج حيدر جو ڀاءُ سائين جوهر حسين، اسان جو وزيٽنگ پروفيسر هو. ٻيو اسان جو استاد هو شيخ عزيز جنهن کي سئو سلام هجن اهو اخبار جو ايڊيٽر به هو، پر اخبار جو ايڊيٽر هو پنهنجي جاءِ تي هو جيڪو آل رائونڊر هو جنهن سڄي برصغير جو ٿيئٽر ۽ موسيقي اسان کي پڙهائي، آئون هينئر جيڪڏهن فر فر ڳالهايان پيو ته منهنجي پٺيان شيخ عزيز بيٺو آهي. جنهن مون کي ٻڌايو ته فلم ڇا آهي، ٿيئٽر ڇا آهي، ميوزڪ ڇا آهي، ڪلاسيڪل ڇا آهي، نيم ڪلاسيڪل ڇا آهي، لائيٽ ڇا آهي، ڪافي ڇا آهي، وائي ڇا آهي آئون انهن سڀني شين تي جيڪڏهن بي ڌڙڪ ڳالهائي سگهان ٿو ته منهنجو ميڄالو شيخ عزيز ڀريو آهي ۽ ٻيو جوهر حسين. هنن مون ۾ ڏٺو ته مون ۾ ڪو جوهر آهي. شيخ اياز ويچاري کي جنرل ضياءُ الحق وائس چانسلر جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هن اڃان پنهنجي عهدي کي جاري رکڻ چاهيو پئي اڃان هن جي نوڪري جو دورانيو باقي هو، ان جي ڪتاب “حلقه ميري زنجير ڪا” جي پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ مهورت هئي، جنهن جو ڊائريڪٽر منهنجو استاد جوهر حسين هو، شيخ اياز سان بيوفائي وڏن وڏن ڪمپيئرن ڪئي. آئون انهن جا نالو نٿو وٺان. ان کي ان پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ ڪرڻي هئي. شيخ اياز جيئن وائيس چانسلريءَ تان هٽيو ته سڀني پنهنجون اکيون ڦيري ڇڏيون. آئون ته شاگرد جي حيثيت سان وڃي پروگرام ۾ ويٺو هئس. يقين ڪريو ته مون کي ڪمپيئرنگ جي قاف جي به خبر ڪانه هئي سڀ مهمان اچي ويا هئا شيخ اياز اچي ويو هو سڄو هال ڀريل هو. توهان وٽ گاڏي تمام ڀلي آهي پراڊو آهي، ڪرولا آهي ڊرائيور ته پيدا ڪريو نه، هاڻي ڊرائيور ته آهي ڪونه جيڪو فنڪشن کي هلائي. هڪ کان هڪ استاد ۽ پروفيسر ويٺا هئا ڪنهن ۾ به همت ناهي جو چڙهن اسٽيج تي، جوهر صاحب آيو مون کي ڪن کان ڇڪي چيائين “چلو پروگرام ڪو ڪنڊڪٽ ڪرو” جواب ڏنومانس ته “سر مين نهين ڪر سڪتا” ان وقت آئون شاگرد هئس، پر هن مون ۾ ڪو اهڙو ٽئلينٽ ڏٺو جو هن مون کي چيو ته “مين تمهين  لک ڪر ديتا هون ڪي تم ڪرلو گي” سائين ابراهيم جويو، فهميده رياض، شيخ اياز سڀ اسٽيج تي ويٺا هئا. منهنجي عمر ان وقت مشڪل سان ٽيويهه چوويهه سال هئي جڏهن ماس ڪميونيڪيشن ۾ هئس. محفل عاليشان ٿي وئي سڀني تاڙيون وڄايون نصير مرزا هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان رجسٽر ٿي ويو. پوءِ ريڊيو جو سلسلو شروع ٿيو ريڊيو ته ريڊيو آهي، اهو ته آهي ئي هڪ ادارو وري جو توهان پروڊيوسر آهيو. ان دور ۾ ڪيئي ڪمپيئر آيا ڊاڪٽر رميش ڪمار آيو، بخشڻ مهراڻوي آيو، محمود مغل آيو. جيئن توهان متبادل جي ڳالهه ٿا ڪريو ته مهتاب چنا ٻي مهتاب چنا پيدا نه ڪري سگهي، پر هن وقت انتهائي سٺا ڪمپيئر موجود آهن جن ۾ آئون ثاقب ابڙو جو نالو وٺندس جيڪو ڏاڍو سٺو ڪمپيئر آهي هن وقت آئون ڇاهٺ سالن جو آهيان منهنجي مٿي تي مختصر وار آهن، آئون هڪ عمر رسيده ڪمپيئر آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي پاڻ به ناهي وڻندو ته مان ڪمپيئرنگ ڪريان ريڊيو ۾ ته توهان بوٿ ۾ ويٺا آهيو رڳو توهان جو آواز  ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ماڻهو منهنجو آواز  ٻڌندا ته سمجهندا ته هي ڪو اٺيتاليهه پنجيتاليهه سالن جو ماڻهو هوندو، پر اسٽيج لاءِ آئون اوور ايج آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته اسٽيج تي بيهڻ هاڻي سٺو ناهي لڳندو. ثاقب کي ڏسي خوشي ٿيندي آهي ۽ سوچيندو آهيان ته منهنجو به اهڙو قد هجي ها اهڙا فيچر هجن ها. اسٽيج ڪمپيئر هينئر جيڪي به آهن سڀ سٺا آهن، ڪو ننڍڙو، ڪو ڊينڊڙو، ڪو ٻلڙو هجڻ بجاءِ جيڪي ڊگها هجن، سهڻا هجن، شاهه رخ خان هجن، عامر خان جهڙا هجن انهن کي ڪمپيئرنگ ڪرڻ گهرجي. ٻه چار دوست اهڙا آهن جن کي ڏسي خوشي ٿيندي آهي. سوز هالائي چوندو هو ته آئون ڪنهن به پروگرام ۾ ان ڪري ايندو آهيان جتي نصير ڪمپيئرنگ ڪندو آهي ته ڏسان هاڻي هو ڪهڙي جملي سان حملو ٿو ڪري.

زاهده ابڙو: توهان شاعريءَ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين سٽ ڪهڙي لکي؟

نصير مرزا: مون پهريون ڀيرو شراب رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سان پيتو هن گلاس کڻي هٿ ۾ ڏنو. اسرار شام، سائين نثار حسيني، هاڻي سائين رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي اڳيان جيڪو ڪنهن سنڌي فلم جو هيرو باباءِ ثقافت هينئن کڻي جو توهان کي گلاس ڏي گلاس کي چيئرس ڪري ته هاڻي چپن جي ويجهو آڻيو مون چيو ته نه، ڪنهن چيو ته توکي جواب ڏيڻو ئي ناهي اهو جڏهن مون ڍڪ پيتو ان کانپوءِ مون پهرين سٽ لکي، “ڄڻ ته ڇاتيءَ ۾ لهي پيا ڇيرا” منهنجي ڇاتيءَ ۾ ڄڻ ڇيرا لهندا ويا ۽ منهنجي ڇاتيءَ کي ڇليندا ويا، مون شيخ اياز سان به جام ٽڪرايو آهي، تنوير عباسي سان جام ٽڪرايو، محمد ابراهيم جويو سان، منهنجي خوشنصيبي مون کي ماءُ ڄڻيو، منهنجي لاءِ اهو ئي وڏو اعزاز آهي ڀلي کڻي آئون وڏو ليکڪ نه ٿي سگهيس، پر وڏن ماڻهن جي ڇانوَ ۾ آئون ويٺو آهيان، انهن سان هٿ ملايو آهي. شيخ اياز کي قبر ۾ مون لاٿو آهي، سندس پٽ پري بيٺا هئا. شيخ اياز مون کي پنهنجو دوست سڏيندو هو آئون ان سان بي پناهه پيار ڪريان ٿو. مون کي شيخ اياز جا سوين شعر ياد آهن.

زاهده ابڙو: پهرين جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ڪهاڻي ۽ ناول گهٽ ٿو پڙهيو وڃي يا ته اهڙي ڪهاڻي نٿي لکي وڃي يا وري نوجوانن وٽ وقت ڪونهي يا ٻيو ڪو سبب آهي توهان ڇا ٿا سمجهو.

نصير مرزا: پهرين ڳالهه ته پهرئين جي مقابلي ۾ افسانه نگار ۽ شاعر مقرر، دانشور تمام گهڻا پيدا ٿي ويا آهن. ڪوالٽي هميشه ڪوانٽٽيءَ مان ئي نڪرندي آهي. مثال طور: عبدالقادر جوڻيجو جو افسانو، نسيم کرل جو افسانو، امر جليل جو افسانو، غلام نبي مغل جو افسانو، ماڻڪ جا افسانه، شوڪت حسين شورو جا افسانه توڻي مدد علي سنڌيءَ جا افسانه انهن ۾ آرٽ به آهي ته ڪرافٽ به آهي، جيڪي مئگزين ايندا رهن ٿا انهن کي پڙهان به ٿو، جيڪي سوجهرو کانپوءِ نڪتا آهن. همسريءَ ۾ گهڻو سماجي مسئلن کي اجاڳر ڪيل هوندو آهي. غلام نبي سومرو سامهون ويٺو آهي ۽ افسوس آهي ته هن ماڊل محبت ۽ چترڪار کانپوءِ لکڻ ڇڏي ڏنو. طارق عالم جو پاولي آيو ۽ رات سانت ۽ سوچون آيو رهجي ويل منظر جنهن جا ڇاپا ڇاپي پبلشر ٿڪجي پيا آهن، پر ڪيترائي پبلشر ان کي پيا ڇاپين اهو آهي ته افساني جي جيڪا گهڙاوت آهي، جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ آرٽ پيس چئجي اڄ به لکبو ته هلندو. مون ٻه ٽي نالا اڳ ۾ ورتا جن ۾ ضراب حيدر آهي، اڪبر سومري جي ناول ڏانهن ڪونه ويندس ان ۾ الائي ڇا آهي، پر غلام نبي سومري جي افسانن ۾ دم نظر آيو. رسول ميمڻ ڏاڍو سٺو ٿو لکي، پر جنات سائنس، فلڪيات، ارضيات، معدنيات خدارا توهان افسانو لکو. نسيم کرل جو افسانو پڙهي ان مان موضوع نه کڻو ان مان آرٽ کڻو. ٻيو ته ويهه صفا لکڻ افسانو ناهي، افسانو ننڍڙو ٿو ٿئي. انتظار حسين ۽ قرت العين حيدر جي چواڻي ته اسين اٺ سئو صفحا لکي ان مان اٺ صفحا ڪڍون ٿا. هندستان ۾ موهن ڪلپنا وري گُنو سامتاڻي ڏسو، شيام جئه سنگهاڻي آهي، نثر ۾ لڇمڻ ڪومل آهي، ان ته وري غير افسانوي نثر جيڪو ممتاز مرزا جيئن لکيو. اهو ته جهڙو خشونت سنگهه ٿي پيدا ٿيو. هن وقت جيڪي به افسانه نگار آهن، سٺا هوندا، پر مون کي سمجهه ۾ نٿا اچن. آئون لکندڙ ناهيان، منهنجا هٿ مٿي آهن، آئون سٺو ليکڪ ناهيان، پاڻ کي هڪ پڙهندڙ طور پيش ٿو ڪريان. هڪ سٺو پڙهندڙ آهيان سٺي پڙهندڙ جي حيثيت سان مون کان سچي پڇو ته ٿوري گهڻي شاعري وڻي ٿي، پر ان ۾ به منهنجي آخري پسند حسن درس آهي، جنهن امداد حسينيءَ کانپوءِ نئين ٽرمنالاجي آندي، پنهنجن ڳوٺن، دريائن، وڻن، اناجن کي هن ايڏو ته شاعري بڻائي ڇڏيو جو هن قهر ڪري ڇڏيو. هن ۾ الهاميت آئي پئي، “پوکي سگهان ٿو آئون، لڻي سگهان ٿو آئون، ڄڻي سگهان ٿو آئون” هو ان دعويٰ سان آيو جيڪي اولياء ڪندا آهن. “هي ڏوهه نه آهي ڌرتيءَ جي مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ…” جيڪا شيخ اياز جي دعويٰ هئي جيڪا وري حسن درس ڪئي آهي. اهو صاحب طرز اسان جو وڏو شاعر هو. هاڻي جيڪي شاعر آهن انهن مان توهان ڪنهن کي به صاحب اسلوب نٿا چئي سگهو. ڪنهن جو غزل سٺو ٿي ويو، ڪنهن جي سٽ سٺي ٿي وئي. جڏهن ناصر ڪاظمي لکي پيو ته منير نيازي به لکي پيو ٻئي ڌار ڌار بيٺا آهن. پروين شاڪر “خوشبو” جي حد تائين پسند آهي. اها شاعريءَ جي Keats هئي سندس نرم ۽ مٺو لهجو آهي. جوانن جي دنيا آهي انهن جي پريزنٽيشن هجڻ گهرجي. سندس مينار خوشبوءَ تي ٺهيو آهي. هن وقت جيڪي به شاعر لکن پيا جن ۾ منهنجا همعصر آهن، پر اهڙو ڪو شاعر ايندو جيڪو حسن درس جي اسٽائل کي ٽوڙي سگهي. منير نيازيءَ کان آل انڊيا ريڊيو تي انٽرويو ورتو ويو. هن کان سوال پڇيو ويو ته “فيض صاحب ڪا انتقال هوگيا اب بڙا شاهر ڪونه هي” جنهن تي هن چيو ته “بس ڪڀي ڪڀي گمان هوتا هي اپني باري مين” آئون جڏهن پنهنجن همعصرن ۾ هئس ته، ڀلي اهي مون تان کلندا هئا، آئون پنهنجي هڪ ڌار ڊڪشن سان پئي آيس، پر ظالم نوڪري ۽ گهڻي نثر لکڻ جي شوق، براڊ ڪاسٽنگ “جيڪ آف آل ماسٽر آف نن” ڪري ڇڏيو. نه ته حسن درس کان پهرين هڪڙو سٺو شاعر ٿي سگهان ها. پنهنجي لهجي جو، پنهنجي اسلوب جو. سڀئي نظم لکي ويا آهن.

زاهده ابڙو: توهان وري لکڻ شروع ڪيو؟

نصير مرزا: “دير ڪر ديتا هون هر ڪام ڪرني مين” هاڻي زندگيءَ ۾ مون وٽ ڳڻيل سال آهن، آئون ڪيتري به ڪوشش ڪريان، آئون ڪيترو به صحتمند رهان، پر ايندڙ ڏهن پندرهن سالن ۾ مون کي نيٺ ته اباڻي قبرستان ۾ وڃي سمهڻو آهي. آئون اهي ڪم ڪريان جيڪي ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي. آئون نه ڪندس ته ابن نياز سومري تي ڪير ڪم ڪندو، حاجي ابن حقير منڱڻ تي ڪير ڪم ڪندو، پنهنجي آتم ڪٿا تي ڪم ڪريان. هڪ ته آئون سوشل ناهيان جو پنهنجي شاعري جلسن ۾ بيهي ترنم سان وڏي واڪي پڙهي سگهان. توهان جيڪڏهن مون کان پڇندا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ حقيقي شاعر ڪير آهي مون جهڙو ٿيڻ چاهيو پئي انهن ۾ حسن درس حقيقي شاعر هو، انور پيرزادو ان کي وري تحقيق ۽ ٻين شوقن ٻوڙي ڇڏيو، مسلڪ اچي پيدا ٿيا. شاعر جو ڪو مسلڪ ناهي هوندو ۽ هو ڪنهن ڌر جو ناهي هوندو، هو نه ساڄي ڌر هوندو آهي نه کاٻي ڌر مزو تڏهن آهي جڏهن توهان پنهنجي ڌر ٿيو. شيخ اياز به ڪا ڌر ٿورئي آهي، هن کي توهان ڪنهن به تنظيم سان ڳنڍي ئي نٿا سگهو. انور پيرزادو بس ڌرين ۾ جڪڙجي ويو، امداد حسينيءَ کانپوءِ ڪمال جو شاعر پيدا ٿيو هو. مون اصل ۾ انهن جو تسلسل ٿيڻ ٿي چاهيو. آئون شيخ اياز ۽ امداد حسينيءَ جو تسلسل ٿيڻ ٿو چاهيان. قسمت کي اهو منظور نه ٿيو ته آئون پنهنجا نقش قدم شاعريءَ ۾ ڇڏيان ها.

زاهده ابڙو: ٻڌو آهي ته مرزا ڪميونٽي جي گهرن ۾ ڪجهه اهڙيون لائبريريون آهن جن ۾ ناياب ڪتابن جا نسخه پيل آهن جن تائين عام ماڻهن جي پهچ ناهي. ڇا توهان کي ان باري ۾ ڪا خبر آهي ته عام ماڻهن کي انهن لائبريرين تائين اچڻ کان ڇو روڪيو ويو آهي ۽ عام ماڻهو انهن مان ڪيئن فيض حاصل ڪري سگهي ٿو؟

نصير مرزا: هن وقت ٽنڊي ٺوڙهي ۾ اسان جي فيمليءَ ۾ ٻه وڏيون  لائبريريون موجود آهن. هڪڙي ته خود شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي آهي ٻي لائبريري سندس فرزند اجمل بيگ جي آهي، جيڪو پڻ شاندار نثر نگار ۽ روايتي نموني جو پخته ترين شاعر آهي. هو به جيئن ته شو شا جو قائل نه هو ان ڪري سندس ديوان ايئن ڪٻٽن ۾ پيا آهن. اصل ۾ ڳالهه اها ٿي آهي ته هن جي شادي اردو ڳالهائيندڙ فيملي ۾ ٿي هئي سندس ٻار اردو ڳالهائين ٿا ۽ انهن ٻارن جون شاديون به وري اردو ڳالهائيندڙن ۾ ٿي ويون، ان جو ڪو ادبي وارث نه ٿي سگهيو، ان ڪري اها لائبريري جيئن جو تيئن بند پئي آهي. اها لائبريري سندس وڏي بنگلي جو هڪڙو حصو آهي. توهان کي شايد خبر هجي ته ٽنڊي ٺوڙهي جا مرزا حويلي اسٽائل بنگلن ۾ رهن ٿا. ٽنڊي ٺوڙهي جي چوڌاري وڏو ڪوٽ ڏنل آهي جنهن جي اندر داخل ٿيڻ جا محدود دروازا آهن. جن مان اندر وڃي سگهجي ٿو. بدقسمتي سان اهي لائبريريون به انهن حويلين جو حصو آهن. قليچ بيگ جي لائبريري اتفاق سان رستي جي پاسي ۾ آهي ان جي پٽ اسد بيگ مرزا ان جا در کوليا ته اچو ان مان فيض حاصل ڪريو. ان کي احساس هو ته هن دور جو ماڻهو مرزا قليچ کان پري ٿيندو ويندو ۽ هن لائبريري جا دروازا کولي کين ويجهو آڻڻ چاهيو. هن جون ساليانه سالگراهون، وفات جا ڏينهن اهي سڀ ڏينهن 1980ع تائين سائين نثار حسيني جي سهڪار سان ملهايا ويا. سائين اسد مرزا بيگ جي وفات کانپوءِ لائبريري جا دروازا بند ٿي ويا. هڪڙو ته سبب اهو ٿيو ٻيو ته جڏهن لائبريري کي عام ڪيو ويو ته اتان مرزا قليچ بيگ جا هٿ سان لکيل ٻه انتهائي قيمتي مسوده ڪجهه وڏن ماڻهن چوري ڪيا، جيڪي لکين رپين ۾ هنن ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي وڃي وڪيا. ڇپجڻ کانپوءِ خبر پئي ته اهي فلاڻي ماڻهو جيڪي هاڻي مري ويا آهن وڏا اسڪالر آهن، نالو نٿو وٺان، وڏن مقامن ۾ ستا پيا آهن، انهن جا نالا جيڪڏهن وٺجن ته ماڻهو اسان کي بج بج ڪري ڇڏين. پوءِ هن جي پونئرن چيو ته جيڪڏهن اسان دروازا کوليون ٿا ته ماڻهو ته اچيو اسان جي چوري ڪريو وڃن. ڪتاب لائف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن جو ترجمو “احوال شاهه ڀٽائي”، انگريزي مسودو مالڪ ڳولهي رهيا آهن ته اهو ڪيڏانهن ويو خبر پئي ته هڪڙي وڏي محقق اهو اڄ کان 40 سال اڳ ۾ لک رپين ۾ وڃي وڪڻي ڇڏيو. اسان جي خاندان ڪيس ڪيو، پر اداري اسان کي اهو مسودو واپس نه ڏنو جيڪو مرزا قليچ بيگ جي هٿن سان لکيل هو. هاڻي انهن ان کي عام ماڻهن لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن توهان جهڙو ڪو دوست اچي ان کي ڏسڻ چاهي ۽ ان جو فوٽو سيشن ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو، باقي ڪٻٽن تي ته وڏا وڏا تالا لڳل آهن ميرن جي دور جا انهن جون چاٻيون اسان جي بزرگ عورتن وٽ آهن. باقي نسل ختم پيا ٿين، ڪتابن کي اڏوهي کائي وئي آهي، وارث مرندا پيا وڃن، نئين نسل کي پرواهه ڪونهي.

زاهده ابڙو: ڇا ايئن نٿو ٿي سگهي ته انهن جا وارث اهي ڪتاب ڪجهه اهڙن ادارن کي ڏيئي ڇڏين جيڪي انهن ڪتابن کي سنڀالين جيئن سنڌي ادبي بورڊ آهي ۽ جيڪي ڪتاب ڇپيل ناهن انهن کي اهو ادارو ڇپرائي.

نصير مرزا: اسان جي فيملي ڪوبه ڪم ڪرڻ کان پهرين استخاره ڪندي آهي جنهن فقه سان لاڳاپيل آهن ان جي مڪمل طور تي پيروي ڪن ٿا. مطلب ته امام جعفر صادق جو ڪتاب کولين ٿا ۽ ان مان استخاره کولين ٿا. هڪڙو دفعو هنن استخاره ڪيو ته ڇا اسين مرزا قليچ بيگ جا نوادرات انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي کي ڏيون، جواب “نه” ۾ آيو ته نقصان ٿيندو، ڇا جي ڪري جو اڳ ۾ هو هڪڙو ٻه ڪتاب وڃائي چڪا آهن. اسان جي هڪڙي ڊائريڪٽر جي زماني مان ان جو هڪڙو هٿ جو لکيل مسودو چوري ٿي چڪو آهي، اهو به تمام وڏو ماڻهو هو، وڏو نالو هو. قليچ جا نوادرات هڪ کان هڪ موجود آهن. ٻار جي منڊيءَ کان وٺي هن جي مسلي ۽ تسبيح تائين، ڇٺيءَ جي وڳي تائين، عينڪ، مسچٽو، مون توهان کي ٻڌايو نه ته مون شين کي محفوظ ڪرڻ ڪٿان سکيو آهي مون پنهنجي خاندان مان سکيو آهي. مون کي ادل سومرو خط لکندو هو، مون ان جا لفافه ناهن ڦاڙيا. اهو اسان جي فطرت ۾ شامل آهي منهنجي امان جنهن سوئي ڌاڳي سان سبندي هئي، اها به سنڀالي رکي آهي. جنڊ هلائيندي هئي اهو مون وٽ آهي، سندس ڇڄ، سندس چادري، وڳو سڀ سنڀالي رکيا اٿم. اسان کي ڀلي توهان پراڻن خيالن وارو سڏيو، پر اسان جو سڄو خاندان ائين ئي آهي هاڻي اهي چون ٿا ته اسين اهي نوادرات ڪيئن ڏيون اهي سڀ شيون ضايع ٿين پيون، پر ڏين نٿا. 1929ع ۾ هو گذاري ويو، پر ان خاندان  جون عورتون ان کي سنڀالينديون اچن. هو پنهنجي ڪابه قيمتي شيءِ ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

زاهده ابڙو: حيدرآباد ۾ ڪنهن زماني ۾ مجلسون ٿينديون هيون ۽ انهن ۾ سنڌي مرثيا ۽ نوحا پڙهيا ويندا هئا، پر اڄ ان جي جاءِ تي اردو شاعري ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ڇا اهو سنڌي ادب جو نقصان ناهي.

نصير مرزا: بنيادي طور تي جيڪي امام بارگاهن جا وارث خاندان آهن جيئن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا آهن، ٽنڊي آغا جا مرزا آهن، ٺٽي ۾ خاندان آهن، ٺيڙهي ۾ آهن، سکر ۾ آهن، سيوهڻ شريف ۾ آهن، موري ۾ خاندان آهن اهي نسل در نسل ساڳي روايت قائم رکيو اچن جيڪا ڪربلا جي سانحي جي روايت سيد ثابت علي شاهه کان شروع ٿي، جنهن ۾ مرثيا نويسي، نوحا خواني، سينا زني شامل آهي. ڇاهٺ سالن جي عمر ۾ ياد اٿم ته چئن سالن جي عمر کان آئون اهو سڀ ڪجهه ڏسندو پيو اچان. اسان جي عزاداري ۽ انهن خاندانن جو نمونو اهو ساڳيو آهي، ٻيو ته شهرن ۾ يقينن اردو ڳالهائيندڙ مرثيا نويسن جو اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو. اسان جا ذاڪر هوندا هئا، هنن جا علماء ۽ خطيب آهن جيڪي لکنئو ۽ دهلي مان آيا. مطلب ته جيڪي خاندان آهن انهن وٽ مرثيا نويسي ساڳئي نموني پڙهي ٿي وڃي. هاڻي جيئن ته آساني وارو رستو ڳوليو ويو آهي ته هڪڙو مرثيو پڙهي وري توهان سينا زني ڏي اچو هاڻي عزاداري جو عروج ماتم سان ٿو ٿئي، پڙن ۽ جلوسن سان ٿو ٿئي ۽ مرثيو صرف هڪ هنڌ ويهي پڙهڻ واري شيءِ آهي، سلام هڪڙي هنڌ پڙهڻ واري شيءِ آهي. آئون  هڪڙي ڳالهه ڊڄي ڊڄي ٿو چوڻ چاهيان ته هي وقت ته تبليغ جو آهي نصرت فتح علي خان اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ ۾ جڏهن قوالي ڳائي ته مون سوچيو ته هي بيوقوف آهي چوي ڇا پيو، جنهن ۾ هن چيو ته “اج نئين تي ڪل ساري علي علي ڪهين گي” مون سوچيو اسين ٺيڙهي کان وٺي حيدرآباد ٿا اچون ته اڄ ئي ڪونه ٿا چون ته ڪٿان ڪير علي علي ڪندو. اهو ويٺو اجائي خام خيالي ڪري اها 1992 جي ڳالهه آهي. هينئر 2021 آهي توهان ڏسو ته هاڻي توهان جتي وڃو ته توهان کي علم ئي علم نظر ايندو. هاڻي محرم ۾ جوان ان جو حصو وڌ ۾ وڌ ٿيا آهن. اسان جي عمر وارا ويهي مرثيو ٻڌن ٿا ۽ جوان نوحا خواني طرف راغب ٿي ويا آهن. ان ڪري سنڌيءَ ۾ به ڪثرت سان نوحا خوان پيدا ٿيا آهن، پر ڳالهه اها آهي ته ڪراچي واري جيڪا نوحا خوان پارٽي پيدا ٿي آهي ان هڪڙي يلغار ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اسان جا سنڌي به پيدا ٿي ويا آهن نوحا خوان، پر هو بين الاقوامي طور سڃاڻندڙ نوحا خوان ٿي ويا آهن ۽ ايڏي طاقتور شاعريءَ سان اچن ٿا جو اسان جي مجلسن مٿان حاوي ٿيو وڃن. اسان جا سنڌي مومن چون ٿا ته ڪا ڳالهه ڪانهي ڇو جو اها ڳالهه علي عه جي باري ۾ آهي، حسين عليه السلام جي باري ۾ آهي، ڪربلا جي واقعي جي باري ۾ آهي، پوءِ چاهي اهو پنجابي ۾ هجي، سرائيڪي ۾ هجي سڀ ان کي ڪربلا جي واقعي جي ترجماني سمجهن ٿا. ان جي باوجود به روايتي خاندانن ۾ مرثيا خواني ان ساڳئي روايتي انداز ۾ ٿئي ٿي جيڪا مون ننڍپڻ ۾ ڏٺي هئي.

زاهده ابڙو: اسان وٽ قومي شاعريءَ جو اهو معيار ناهي رهيو جيڪو ڪنهن زماني ۾ هوندو هو جيڪا شاعري شيخ اياز ڪئي، استاد بخاري ڪئي وري ان کي خوبصورتي سان ڳايو ويو اڄ اهو معيار نظر نٿو اچي ان جا سبب ڪهڙا آهن.

نصير مرزا: شاهه  لطيف جو هڪڙو شعر آهي “آسڻ جن آريج ۾ تن جي وِه جو وِرَڻُ ٻيو” شاهه لطيف چئي ٿو ته اسان کي جيڪا ڌرتي سنڌ کي ملي آهي اها هڪ ٺوٺ ڌرتي آهي، ان ۾ نانگ آهن، ان کي جيڪڏهن کيڙبو ته ان مان زهر وانگر شيءِ ملندي. شيخ اياز کان ڪنهن پڇيو ته تنهنجي شاعري ۾ ايتري ڪڙاڻ ڇو آهي هن چيو “آسڻ جن آريج ۾ تن جي وِه جو وِرَڻُ ٻيو” جنهن کي اڻ اريج ٿيل زمين ملي. اسان جي شاعري ۾ ان ڪري وڌيڪ انقلابيت ۽ ڏنگ آهي. جڏهن ڌاريا اچي اسان جي مٿان يلغار ڪندا ۽ ٻاهريون ٻوليون اسان جي ٻوليءَ مٿان حاوي ٿين ٿيون ته ان وقت اسان کي پنهنجي دفاع ۾ اهو ئي ڪرڻو آهي. اسان کي پهرين سنڌ سان الستي پيار ڪرڻ سائين جي ايم سيد سيکاريو، شاهه سائين به اسان کي سنڌ سان پيار ڪرڻ سيکاريو، پر نعرو هڻڻ اسان کي سائين حيدر بخش جتوئي سيکاريو آهي، جيڪا ٽيهن چاليهن سالن جي ڪهاڻي آهي. جيئن ئي پاڪستان ٺهيو آهي 1947ع کانپوءِ اسان جي ٻوليءَ کي ڪيئن ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد ان رد عمل ۾ سامهون آيو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي صوبائي ٻولي ۽ سنڌي ادبي سگنت جو پيدا ٿيڻ وري ون يونٽ سنڌ سان ڪهڙو قهر ڪيو ان کي ان وقت تحريڪ ميسر ٿي، ان کي تحرڪ ڏنو انهن سڀني تحريڪن جنهن ۾ شاعرن پنهنجو فطري آواز پنهنجي شعرن ۾ بلند ڪيو. تنوير عباسي ڪيڏارو لکيو، شيخ اياز شاعري ڪئي، شاعر ڪامياب ٿيا.

جيئن اسان جي سنڌي ٽوپيءَ تي حملو ٿيو ته ان جي نتيجي ۾ ڪلچر ڊي سامهون آيو. ڪلچر ڊي جي حوالي سان وري شاعري ٿئي پئي اهو هڪڙو جذبو آهي، هڪ اٿل آهي. “جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن” اهو هڪڙو سلوگن آهي، هڪڙو نعرو آهي. اها جوانن جي شاعري آهي جنهن کي اسان رد نٿا ڪريون ان کي به پنهنجو ٿا سمجهون اِها اُها ساڳي شاعري آهي جيڪا ان وقت جي حالتن جي مطابق شيخ اياز ڪئي، تنوير عباسي ڪئي. تنوير جي ۽ شيخ اياز جي جمال شاعري ٻي آهي ۽ اها جلال شاعري هئي جيڪا انهن تحريڪن کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ لکي وئي. وري جڏهن سنڌ سرهائي جو ساهه کڻندي ته اها شاعري اسان جي لاءِ هڪڙو دستاويز هوندي. سنڌ ته واقعي هينئر واڳونءَ جي وات ۾ آهي الائي ڪير ايندو، الائي ڪير اچي مون کي آجپي جو ۽ سک جو ساهه کڻائيندو. جڏهن درياهه ۾ پورو پاڻي ايندو، اسان جا کيت آباد ٿيندا، اسان جي ٻوليءَ کي پهرئين درجي جي ٻوليءَ جو رتبو ملندو.

زاهده ابڙو: نصير صاحب اسان جي معاشري ۾ انتها پسندي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي توهان جو ادب سان ۽ ريڊيو سان تعلق رهيو آهي ڇا توهان اهو سمجهو ٿا ته موسيقي ۽ شاعري گڏجي انتها پسنديءَ جو مقابلو ڪري سگهن ٿيون.

نصير مرزا: هن وقت سڄي دنيا ۾ بنياد پرستي زور وٺي رهي آهي، تصوف ۾ طريقت جا چار اسڪول آف ٿاٽ آهن جنهن ۾ نقشبنديه، قادريه، چشتيه ۽ سهر ورديه آهي انهن جي تصوف جون پاڙون وڃي حضرت علي عه سان ملن ٿيون، منهنجي جيڪا شيعت آهي اِها اُها آهي. سچ پڇو ته آئون نظام الدين اولياءَ کي به مڃان ٿو ته منهنجي لاءِ پير عبدالقادر جيلاني به اوترو ئي اهم آهي. امام ابو حنيفه ۽ ٻين فقن جا عالم، پر هاڻي اچون ٿا توهان جي سوال جي طرف ته آئون ڇا، پر منهنجا وڏا ڏاها اسڪالر اهو چوڻ لڳا آهن ته صرف صوفي ازم نه، پر ان سان گڏ ٿياسافيڪل سوچ جيڪا صوفي ازم جي هڪ شاخ ئي آهي ان ۾ تصوف جا ڪهڙا به طريقا هجن انهن ۾ امن آهي، محبت آهي ۽ پيار جو پرچار آهي. سچ پڇو ته ڪميونزم به دنيا جو اهو تدارڪ نه ڪري سگهيو هاڻي نظرين جو جيڪڏهن ڪو آخري نقطو آهي ته اهو تصوف تي منحصر آهي ته ماڻهو صوفي خيالن جا ٿي وڃن ۽ صوفي نظرين کي اختيار ڪن ۽ صوفي نظريي کي اظهارڻ جو جيڪو طاقتور طريقو آهي اهو اتفاق سان شاعري ٿي پيو آهي. منهنجي هڪڙي دوست هڪ مقالي ۾ پڙهيو ته هڪڙي پاسي هڪ ميراثي آهي ۽ ٻئي پاسي مذهبي ڳالهه ڪرڻ وارو ڪو مولوي يا پريسٽ آهي يا ڪو ٻائو آهي. توهان جيڪڏهن انهن جو تقابلي جائزو وٺندا ته فنڪار ڪڏهن به نفرت جي ڳالهه ڪونه ڪندو، پر مذهب جي ڳالهه ڪرڻ وارن ۾ انتها پسندي شامل هوندي آهي. ان پنهنجي مقالي ۾ اها ڳالهه چئي ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو پيغام وڌيڪ ٻڌو ويو آهي ته اهو هن ميراثي جو ٻڌو ويو آهي ان فنڪار جو ٻڌو ويو آهي جنهن تصوف ڳايو آهي جنهن صوفي ازم ڳايو آهي. توهان شاهه عبداللطيف جو مثال وٺو، قلندر لعل شعباز جو مثال وٺو، سچل جو مثال وٺو، توهان ڪنهن به سنڌ جي درگاهه تي هليا وڃو توهان کي مسلمانن سان گڏ اتي هندو به نظر ايندا، سک به نظر ايندا، عيسائي به نظر ايندا مطلب ته اهو ئي نظريو سچو آهي جنهن تي سڀ متفق آهن. انهن صوفين اسان کي هميشه محبت ڪرڻ سيکاري. اهو پيغام ايشيا کان نڪري هاڻي يورپ تائين پکڙجي رهيو آهي. بهرحال دنيا جي نجات ان ۾ آهي ته ٿياسافيڪل سماج قائم ٿئي. جيئن لتا منگيشڪر، عابده پروين جي لاءِ چوي ٿي ته آئون ان جهڙو نٿي ڳائي سگهان آئون ته فلمي گانا ٿي ڳايان، پر عابده ته تصوف ذريعي تبليغ ٿي ڪري. اسان کي فخر آهي ته ادي عابده سنڌ جي حوالي سان پنهنجو پيغام دنيا ۾ پکيڙي رهي آهي.

زاهده ابڙو: توهان ڪتاب “خيمي ۾ شام” لکيو جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو وري نادر بيگ جي اوائلي ڪهاڻين جي ڪتاب جو توهان پيش لفظ لکيو جيڪو هڪ منفرد انداز ۾ لکيو ويو آهي ان جي باري ۾ ٿورو اسان کي ٻڌائيندا.

نصير مرزا: اهو مون تذڪره اسٽائل ۾ لکيو آهي، ڪوبه لکڻ وارو جيڪو صحيح معنيٰ ۾ لکڻ وارو هوندو ڇو ته لفظ به ساڳيا آهن، احساس به ساڳيا آهن، هاڻي ليکڪ ان جي لاءِ ڪو نئون فارميٽ ڳوليندو آهي ته آئون ان کي ڪنهن نئين انداز ۾ لکان ته اهو نواڻ محسوس ٿئي. آئون وري پنهنجي خاندان ۾ موٽندس جيڪو هڪ روايتي خاندان آهي جتي اسان جا وڏا روزنامچه ۽ تذڪره لکندا هئا ته اسان جي پيءُ هينئن چيو اسان جي ماءُ هينئن چيو، اسان جي ڏاڏي هينئن چيو اهو به لوڪ داستانن وانگر تحريرن جو هڪڙو فارميٽ آهي. جيئن ته اهو منهنجي خاندان جي هڪ فرد جي ڪتاب جي ڳالهه هئي ته مون ان کي تذڪره فارميٽ ۾ لکيو. اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن مون اهو لکيو جيڪي فڪشن يا نان فڪشن لکن ٿا انهن کي اهو تذڪره فارميٽ وڻيو، جن ڏٺو ته آئون نه محقق آهيان، نه افسانه نگار آهيان، نه ناول نگار آهيان، پر ان جي باوجود به مون هڪ نئين انداز ۾ ڳالهه ڪئي. توهان کي ڇا ٻڌايان ته منهنجن  شوقن مون کي تباهه ڪيو نه ته آئون ڏاڍو سٺو ليکڪ ٿي سگهيس پئي. جيترو شيخ اياز “ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” لکي نالو ڪڍيو، جيترو لڇمڻ ڪومل “وهي کاتي جا پنا” ۾ نالو ڪڍيو، منهنجي شونقڻ ميلي مون کي تباهه ڪيو نه ته آئون به ڪا ڍنگ جي شيءِ لکي وڃان ها.

زاهده ابڙو: منهنجو خيال آهي ته اسان کي نصير مرزا جي ان ڪم جي لاءِ ٿورائتو هجڻ کپي جيڪو هن ريڊيو پاڪستان تي ڪندي اسان کي ڪيترا سٺا فنڪار ڏنا، سٺا ڪمپيئر ڏنا، سٺي موسيقي ڏني ۽ ان سڄي ڪم کي محفوظ ڪيو جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي، نه ڪي ان جي لاءِ سوچيون جيڪو توهان نه ڪري سگهيا.

نصير مرزا: جيئن شمع هوندي آهي ان کي خبر هوندي آهي ته آئون پنهنجي ارد گرد جو ايترو حصو روشنيءَ سان ڍڪي سگهان ٿي. آئون به ٻريو آهيان، مون کي پنهنجي روشنيءَ جي به خبر آهي، پر الائجي ڇو مون کي هڪڙو وهم آهي ته آئون هڪڙو مستند رائيٽر نه ٿي سگهيس. منهنجن همعصرن جو ڏاڍو سٺو نالو آهي. منهنجي جيڪا اصل قيمت آهي اها هڪ ليکڪ جي حساب سان ماڻي نه سگهيو آهيان. ماڻهن مون کي ڏاڍي محبت ڏني آهي، پر جيڪو ادب ۾ مقام ٿيندو آهي جيڪا حيثيت ٿيندي آهي اها نه ماڻي سگهيس. ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا شيطان کي به سڀ ڪو ٿو سڃاڻي. بس ايترو چوندس ته منهنجي ڪيل ڪم مطابق منهنجن همعصرن ۾ مون کي اها جاءِ نه ملي سگهي.

زاهده ابڙو: توهان جو شيخ اياز تي تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب “سامي سج وڙا”، حفيظ شيخ تي “اڇو پکي واهه ۾” مرزا نادر بيگ، ممتاز مرزا صاحب، مراد علي مرزا ۽ حميد سنڌيِءَ تي توهان جا مرتب ڪيل ڪتاب توهان جي محنت، تحقيق ۽ تخليق جو ثمر آهن، اوهان پنهنجي محنت مان مطمئن آهيو؟

نصير مرزا: ڏسو هڪڙي نماز پڙهجي جنهن ۾ ڌيان دنيا ۾ هوندو آهي اها ڄڻ ته اُٺڪ بيٺڪ هوندي آهي. مون ۾ جيتري صلاحيت هئي ۽ مون جيترو ڪم ڪيو آهي ۽ جيڪو ان ڪتاب ۾ لکيو آهي اهو ٿورو مختلف آهي. جن ڪتابن جا توهان حوالا ڏنا ان کانسواءِ حفيظ شيخ تي مون ڪم ڪيو جيڪي سندس همعصر هئا ڪنهن به مٿس ڪم نه ڪيو. هو 1972ع ۾ گذاري ويو ۽ 1992ع ۾ مون مٿس ڪم ڪيو. آئون جڏهن خيرپور ويس جتي ٻٻرلوءِ ۾ جتي هو رهندو هو، جتي هڪڙي ڀونگڙيءَ ۾ کيس نانگ چڪ پاتو هو، جڏهن هو پنهنجي زال سان اتي ستل هو، پوءِ هو گذاري ويو کيس اميدن ڀرئي ۾ اچي دفن ڪيائون. هو بهترين افسانه نگار هو. ساڙيلا افسانه نگار هڪٻئي جي لاشن جي مٿان جهنڊا پيا ڦڙڪائيندا آهن، ايئن ٿيندو رهيو آهي. حفيظ شيخ جا شاندار افسانه “امان مان اسڪول نه ويندس” ۽ “چاچا” آهن. جڏهن سندس همعصر اياز قادري جهڙا جيڪي هونئن ته تحقيق تي دڙن جا دڙا لکندا پيا وڃن، پر پنهنجي دوست تي ڪم نه ڪيو. مون کان ته پاڻ هو پهرين جو هو، هو ته پاڻ ۾ دوست هئا مٿس بهتر ڪم ڪري سگهيا ٿي. آئون ٻٻرلوءِ ۾ جڏهن سندس جڳهه ڏسڻ لاءِ ويس پوءِ ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ “اڇو پکي واءُ ۾” آندم، هن جي قبر ڳولهي لڌم سندس ڀيڻن سان مليس. مون انهن جون سڀ شيون توهان کي ڳولهي ڪشٽ ڪري گڏ ڪري ڏنيون آهن. مون کي خوشي آهي ته هاڻي حفيظ شيخ تي، مراد علي مرزا تي، ممتاز مرزا تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيون پيون ٿين. منهنجا ڪتاب شاگردن لاءِ ڄڻ ريفرنس بُڪ آهن.

زاهده ابڙو: توهان ايترو تحقيقي ڪم ڪيو جنهن مان خبر پوي ٿي ته توهان جو فطري لاڙو تحقيق ڏانهن هو جيڪڏهن توهان محقق ٿيو ها ته ڏاڍا ڪامياب ٿيو ها.

نصير مرزا: نه مون کي پنهنجي نالي سان ڊاڪٽر وڻي ئي ڪونه ٿو. منهنجي گهر جو نالو اٿوَ نصير علي بيگ مرزا، علي ته وڻي ٿو، پر مون سوچيو ته نالو ننڍڙو هجڻ گهرجي، مون سڄي زندگي پنهنجي نالي تي پنهنجي ماءُ سان احتجاج ڪيو ڇو ته منهنجن ڀائرن جا نالا عمار علي، منصور علي اهي ايڏا سٺا نالا آهن ۽ منهنجو نالو نصير علي، اسان جي پاڙي ۾ ڪمپائونڊر هوندو هو سُيون هڻندو هو ان جو نالو نصير هو جنهن کي ٻار پيا پٿر هڻندا هئا.

زاهده ابڙو: هڪ شاعر ۽ هڪ نثر نويس جي حيثيت سان اها ڪهڙي توانائي آهي، غير معمولي تخيل جي پرواز آهي جنهن توهان کي غير معمولي اديب جي حيثيت بخشي آهي.

نصير مرزا: شاعري اهڙي شيءِ آهي، ڏسو توهان پاڻ به شاعر آهيو ۽ نثري نظم جون شاعره آهيو، پر جيڪا شاعري الهام آهي اها نثري نظم ڪونهي، اها آزاد نظم ڪونهي، جيڪو خيال غيب مان اچي ٿو اهو هڪ فارميٽ ۾ اچي ٿو. اهو خيال جڏهن اچي ٿو ته توهان اتي هوندا ئي ڪونه آهيو. جڏهن توهان ان خيال مان نڪرندا ته توهان کي خبر پوندي ته توهان آهيو. جيڪي حقيقي شاعر آهن شاهه عبداللطيف کان وٺي اياز کان امداد حسينيءَ تائين نثري نظم شاعريءَ جو فينسي اسٽائل آهي. ان جي لاءِ ڪنهن به الهام جي، ڪنهن به سوچ جي ضرورت ڪونهي رڳو لکڻ ايندو هجي. توهان کي ڏانءُ اچڻ کپي، توهان کي هنر هجڻ کپي، جنهن ۾ توهان هڪ سوچ کي پکيڙيندا وڃو، پر توهان پابند غزل ۾ ته اچو هڪڙي سٽ ته شروع ڪريو، شاعري بنيادي طور تي الهام آهي. اهو حال جڏهن توهان تي لهي، اها ڪيفيت جڏهن توهان تي طاري ٿئي، اها ڪيفيت توهان تي هڪ گانو ٻڌندي به طاري ٿي سگهي ٿي، هڪڙو فلمي سين ڏسندي به ٿي سگهي ٿي يا ڪو ڏکارو سين ڏسي به اها ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي، ڪا حسين شيءِ ڏسي به اها ڪيفيت طاري ٿي سگهي ٿي. مرزا قليچ بيگ فارسيءَ ۾ آخري شعر لکيو آهي: “هو جيڪو آيو اهو ايڏو حسين هو هن کي ڏسڻ ۾ آئون ايڏو ته محو ٿي ويس جو مون کان ٻيو ساهه کڻڻ وسري ويو گهر وارن لوڏي اعلان ڪيو ته اڙي هي ته مري ويو” اها آهي اُها الهام جي ڪيفيت جنهن ۾ ماڻهو پاڻ ته اتي هوندو ئي ڪونهي. نور الهديٰ شاهه بار بار چوي ٿي آئون هي جيڪي جلا وطن وارا افسانه لکي آئي آهيان هاڻي جڏهن آئون انهن کي ڪڏهن پڙهندي آهيان ته سوچيندي آهيان ته اها ڪهڙي نور الهديٰ شاهه هئي جنهن اهي افسانه لکيا، مون کيس چيو ته توهان پروفيشنل ڊراما ٿا لکو جيڪو سوچي سمجهي لکيو ويندو آهي جيڪو شعوري طور تي سوچي سمجهي لکيو ٿو وڃي، پر افسانو لکڻ وقت هڪ ڪيفيت طاري هوندي آهي. هاڻي مون تي جڏهن شاعري واري ڪيفيت طاري ٿئي آئون ميٽنگون پيو اٽينڊ ڪريان، ميٽنگ ۾ دڙڪا پيا ملن، ايڪسپلينيشن ڪالون پيون نڪرن، وري آفيس ۾ ويهان ته لڏا ماڻهن جا ويٺا آهن. الهام توهان کان نويڪلائي ٿو گهرجي، شاهه لطيف وانگر حجرو گهرندو، سچل وانگر توهان کي جهوپڙي کپي، سامي وانگر مٽ ۽ اڪيلائي کپي، جنهن ۾ توهان لکندا وڃو. اسان تي شروع ۾ الهام لٿو آهي ضرور:

دريءَ مان ڏٺا مون ته پنڇي هئا اڱڻ مان ستاره

اکين ۾ کڻي جو ڏسان مان ڄڻ خواب هئا

وري ماڻڪين تان کنيم جو ڇپر ته ڄڻ ترورا

هڪڙي ڏينهن پينگهي ۾ ويٺي لڏيس ته نما شام جو اکين جي اڳيان ڪو ترورو اچي لنگهي ويو ايئن لڳو ڄڻ ڪو پکي هو سمجهه ۾ ڳالهه ڪونه آئي يا ڪو تارو ٽٽي هيڏانهن هوڏانهن هليو ويو آهي، بس پوءِ مون يڪدم لکڻ شروع ڪيو، پر نثر لکڻ ۾ الهام جي ڪا ضرورت ڪانهي ڪا، پر آئون نثر لکڻ جي لاءِ “آخري شب ڪي همسفر” ضرورت پڙهندو آهيان الائجي ڇا آهي ان ۾ مائي ڇا ٿي لکي، پر مون کي اتان لکڻ لاءِ راهه ملي ٿي.

زاهده ابڙو: توهان جي ذاتي زندگي ڪيئن گذري؟ توهان پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيو يا ڪو احساس آهي ته اڃان به زندگي بهتر گذري سگهي پئي.

نصير مرزا: آئون قسمت تي يقين رکندڙ آهيان قدرت مون کي هڪ پڙهيل لکيل خاندان ۾ پيدا ڪيو. جيڪڏهن وري مون کي ٻيو جنم ملي ته والد ڀلي ڪير به هجي، پر منهنجي ماءُ شريفان آرائين هجي. ماءُ سان مون کي گهڻي رغبت هئي جيستائين والدين هئا تيستائين گهر ۾ تمام گهڻي خوشحالي هئي زمينداري ڪانه هئي، پر بابا جي سٺي نوڪري جي ڪري خوشحالي هئي. پوءِ وري پينشن تي ڏکيو گذران وارو دور شروع ٿيو. پنهنجي طبيعت جي لاءِ توهان کي هڪڙو شعر ٿو ٻڌايان:

ڪشتيان ڊوب چڪي هين ساري

اب ليئي ڦرتا هي دريا هم ڪو

آئون هڪ اهڙي گهر ۾ هڪ اهڙي ماءُ کي ڄايس جيڪا جوانيءَ ۾ بيواهه ٿي وئي، آمدنيءَ جو ذريعو محدود ٿي ويو، اهي يادگيريون مون کي ٿوري اذيت ڏينديون آهن. ڇو جو منهنجي فيملي ۾ ماڻهو ڪروڙ پتي آهن، منهنجو پنهنجو ڀيڻويو عابد حسين مرزا پندرهن هزار ايڪڙ جو مالڪ آهي، ٽنڊي فضل کان هلو ته ميرپورخاص روڊ تائين سندس زمينون آهن. اسان انهن تي بار ڀري ناهيون. ڇو جو اسان جي ماءُ اسان کي اهو سيکاريو ته ڀيڻن جي رحم و ڪرم تي ناهي پلجڻو. منهنجي ڀيڻ نيلوفر جو گهر وارو جسٽس ذاڪر حسين آهي جيڪا جمال ابڙي کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو اهي به تمام وڏا زميندار آهن، پر اسان جي ماءُ اسان کي پنهنجي محدود آمدنيءَ مان لکايو پڙهايو. منهنجا ڀائر سئوٽن ماساتن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ وارا شڪار جا شوقين آهن، مون کي وري سٺا استاد ملي ويا. پٺيان جڏهن مڙي ڏسان ٿو ته آئون هڪڙو آرام پسند ماڻهو آهيان منهنجو هڪڙو پينگهو آهي، مون جيڪي ڪتاب پڙهيا آهن يا لکيا آهن اهي ان پينگهي ۾ ويهي لکيا ۽ پڙهيا آهن. آئون پينسل سان لکندو آهيان ميز ۽ ڪرسي جو ته مون وٽ تصور ئي ڪونهي. زندگيءَ مان مطمئن هجڻ واري سوال تي چوندس ته منهنجي زندگي اتفاق سان سٺي گذري مون کي سٺي ماءُ ملي جنهن مون کي سنڀاليو، ان کانپوءِ سٺا استاد مليا جن جو ذڪر آئون مٿي ڪري چڪو آهيان، پر ڪا مڻيا هئي جو استادن مون تي توجهه ڏنو ۽ جنهن ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ٿيڻي هئي اها نه ٿي ۽ سٺو ٿيو ته نه ٿي مون ۾ ته گهر ٺاهڻ جي صلاحيت ڪونه هئي. آئون آزاد زندگي گذاريندو آهيان، آئون حر آهيان. اڄ ڏينهن تائين مون ڪنهن جي هيٺانهين قبول ناهي ڪئي. اسان جي منسٽر هوندي هئي ان جي ڪا ڳالهه ڪونه ٻڌندو هئس، عنايت بلوچ اسٽيشن ڊائريڪٽر هوندو هو مون کي چوندو هو ته تون منهنجي ڳالهه ڪونه ٿو مڃين، هو جيڪي چوندو هو آئون ان جي ابتڙ ڪندو هئس. وري جڏهن آئون ڊائريڪٽر ٿيس ۽ جيڪي وڏا ڊائريڪٽر هوندا هئا اهي وري اسلام آباد ۾ هوندا هئا، اهي فون تي جيڪي وڻين سو چئي ڇڏين باقي روبرو مون ڪنهن جي ڪونه ٻڌي. ڪنهن جي ماتحت طور ڪم ٿئي ئي نٿو، بک مري ويندس، پر ماتحت ٿي ڪم نه ڪندس.

زاهده ابڙو (کلندي): گهر ۾ ته قبول ڪئي اٿوَ نه.

نصير مرزا: بس دردانه روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهي آهي دردانه جي باري ۾ ڇا چوان هوءَ سمجهي وئي ته آئون ڪهڙي قسم جو مرد آهيان. هن چار ٻار ڄڻي دنگ ڪيو مون کي چيائين ته هاڻي ڪتاب سنڀال. منهنجو گهر مون ٿورئي ٺاهيو آهي اسان جو هڪڙو ننڍڙو باغ هو ان تي هن اٺاويهه سال ويسيون وجهي محنت سان ٺاهيو آهي. هن وقت منهنجي سوا لک پينشن آهي جيڪا آئون سڄي اي ٽي ايم مان ڪڍرائي وڃي سندس هٿ تي رکندو آهيان، منهنجي ڌوٻيءَ جو بل به هوءَ پاڻ ادا ڪندي آهي، هاڻي آئون ڪٿان کاوان پيان؟ آئون ريڊيو جا پنج ست پروگرام ڪندو آهيان ڪجهه هزار مون کي اتان ملندا آهن اخبار ۾ ڪوڙا سوڙا ڪالم لکندو آهيان رڳو ڪوڙ لکندو آهيان رڳو لفاظي هوندي آهي ان جا چار پنج هزار ملي ويندا آهن. آئون ڦول گلي جنهن کي کدڙا گلي به چوندا آهن اتي جي وڃي چانهن پيئندو آهيان پنهنجن دوستن سان، هير آباد ۾ ننهي جا پڪوڙا کائيندو آهيان ڪڏهن وڃي ضرور کائي ڏسجوَ. ڪڏهن ڪڏهن آئون پنهنجي زال کي چوندو آهيان ته مون کي قدرت توکي ڏيئي ڪنهن نيڪي جي جزا ڏني آهي. منهنجي گهرواري دردانه منهنجي ماروٽ جي ڌيءَ آهي ۽ مون کان پندرهن سال ننڍي آهي جنهن ڏينهن منهنجي ماءُ ۽ آئون سندس رشتو وٺڻ وياسين ته در به هن کوليو جڏهن منهنجي ماءُ اندر هلي وئي ته مون کي چيائين، چاچا توهان به اندر اچو نه اها اڄ منهنجي گهرواري آهي.

زاهده ابڙو: اسان جي پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

نصير مرزا: آئون سنڌ جي سڀني پڙهندڙ کي بيحد آفرين ڏيندس ڇو ته اسان جي پبلشرن هڪڙو عجيب بيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي ته ڪتاب هلن ڪونه ٿا، وڪجن ڪونه ٿا، حالانڪه توهان جن به پبلشنگ ادارن جا نالا وٺو ان مان ڪوبه فارغ ڪونهي ڌڙا ڌڙ ڪتاب پيا ڇپجن. ڪشور ناهيد جي لفظن کي دهرايون ٿو جنهن چيو ته لکڻ واري جو لکي لکي محل کنڊر پيو ٿئي ۽ پبلشر جو ڪتاب ڇپائي ڇپائي کنڊر محل پيو ٿئي. گاڏي کاتي چوڪ کان وٺي توهان صدر تائين هلندا وڃو توهان کي گاڏا ڪتابن سان ڀريل نظر ايندا. معنيٰ ته انهن جي چلهه ٻري پئي اهڙي طرح سان پبلشر مالا مال آهن، ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن جيڪي هڪڙو ٽائيٽل نه سوين ٽائيٽل ڇپرائين ٿا، پر اهي ڪتاب وٺي ڪير ٿو، پڙهندڙ پيو وٺي. لائبريريون ته چار پنج سئو آهن، اهي چار پنج سئو يا هزار ڪتاب ته ڪونه وٺنديون ۽ سڀ لائبريريون به سڀ ڪتاب ڪونه ٿيون وٺن. آئون سنڌ جي پڙهندڙن کي سلام ٿو ڪريان ته سنڌ جو پڙهندڙ جاڳي پيو پوءِ ڪتاب فلسفي تي هجي، تحقيق تي هجي، شاعري هجي، اهي ڪتاب پڙهن پيا تڏهن ته پبلشر ڪتاب شوق سان ڇپرائين پيا. آئون پبلشرن کي پيغام ڏيندس ته لکڻ ڏاڍو مشڪل عمل آهي هڪڙو خط لکڻ به مشڪل آهي، ادبي تحرير لکڻ آسان ڪونهي. ليکڪن جو قدر ڪريو، جيڪڏهن ڪتاب ڇپرايو ٿا ته انهن کي ان جو معاوضو ڏيو ته جيئن هو پنهنجي خاندان جا مددگار ٿي سگهن. اسان وٽ ڪاپي رائيٽس کي به فالو نٿو ڪيو وڃي اسان جا ادبي ادارا به ليکڪ کي ٽيهه چاليهه هزار مس ٿا ڏين اهو ڪهڙو معاوضو آهي، انهن کي سڄا معاوضا ملڻ کپن ۽ جيڪي خانگي پبلشر آهن انهن جا ته ڳوڙها ئي نٿا سڪن ڳوڙها اگهي اگهي دڪانن جا ٽشو پيپر ئي ختم ٿي ويا آهن، اهي ته اهو مڃڻ لاءِ ئي تيار ڪونه آهن ته ڪو ڪنهن ليکڪ جو ڪتاب هليو آهي انهن جي مطابق ته اهي ڪتاب ڇاپي نقصان ۾ وڃن ٿا. منهنجي نوڪري پيشا ماڻهن کي گذارش آهي ته هر مهيني پنهنجي پگهار مان ڪوبه هڪڙو ڪتاب خريد ڪن. جيڪڏهن ڪو ڪتاب خريد ڪري گهر ويندو اهو پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي نسل جي شوق جي آبياري به ڪري رهيو هوندو. اِي ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ڪٿي آهي جيڪو مزو توهان کي حقيقي ڪتاب کي هٿ ۾ کڻي پڙهڻ ۾ ايندو. جيڪڏهن توهان کي شاعري، ڪهاڻين يا ناول جو لطف وٺڻو آهي ته رات جو ليٽي هٿ ۾ ڪتاب کڻي پڙهو جيئن سڄي دنيا جا ماڻهو پڙهن ٿا. توهان کي ڏسي توهان جا ٻار به پڙهندا، توهان پڙهندا ته توهان جو ايندڙ نسل به پڙهندو. شعور ڪتابن سان ملندو آهي ۽ عمل توهان پاڻ ڪرائيندا آهيو.

***

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments