خاص

بلاول ڀٽو هڪ ڪلاڪ ۾ يو اين ميمبر ملڪن ۽ عالمي ادارن کان هڪ کرب 30 ارب رپيا گڏ ڪري ورتا

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ڪلاڪ ۾ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ۽ عالمي ادارن کان هڪ کرب 30 ارب رپيا گڏ ڪري ورتا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اپيل عالمي بينڪ، ايشين  ڊولپمينٽ بينڪ، عالمي صحت اداري، يونيسيف، هلال احمر، ريڊ ڪراس سميت گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن مثبت رد عمل ڏنو. فنڊ گڏ ڪرڻ دوران بلاول ڀٽو جي اپيل تي آمريڪي پرڏيهي وزير ساڍا 6 ارب ڊالر جي امداد ڪئي، جيڪي يو ايس ايڊ جي معرفت ڏني ويندي، اها امداد پاڪستان ۾ جاري اڳ واري امداد کان علاوه آهي. واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ جاري پنهنجي منصوبن لاءِ 11 لک ڊالر ڏئي چڪي آهي. ان کان اڳ چين، آمريڪا، ترڪي، برطانيا، آذر بائيجان، سعودي عرب، قطر، ڪوويت، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين ملڪن پاران به جلد امداد جو اعلان ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير جي اپيل تي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن طرفان روڪ امداد کان علاوه ٽينٽ، دوائون، کاڌي پيتي جي شين سميت اهم امدادي سامان فراهم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو، گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن سميت عالمي ادارن طرفان پاڪستان جي لاءِ امداد جو سلسلو جاري آهي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن جي هنگامي اپيل تي ڀرپور رد عمل ڏيندي ضرورتمند پاڪستانين جي مدد ڪئي وڃي، ڇو ته اسان کي نه رڳو رليف ريسڪيو ڪوششون ڪرڻيون آهن، پر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير به ڪرڻي آهي. پرڏيهي آفيس ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان گلوبل وارمنگ سبب سڌي ريت متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي عالمي برادري جي مدد جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ هيٽ ويو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ڪلائوڊ برسٽ ۽ طوفاني برساتن سان ٻوڏ آئي، ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ڪرڻي آهي. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن تائين کاڌي پيتي جون شيون پهچائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، امداد تي دوست ملڪن ۽ عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان کي خيمن ۽ مڇر داڻين جي تمام گهڻي ضرورت آهي، گڏيل قومن جي اپيل تي عالمي برادري اڳتي اچي.