بلديات جي سيڪريٽري افتخار شلواني کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر ڪرڻ جو فيصلو
سنڌ حڪومت بلديات جي صوبائي سيڪريٽري افتخار شلواني کي بلديه ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مطابق وزيراعليٰ سنڌ، افتخار علي شلواني کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن بنائڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، نوٽيفڪيشن اڄ جاري ڪيو ويندو. افتخار علي شلواني پاڪستان ايڊمنسٽريٽر سروس جي گريڊ 21 جو آفيسر آهي ۽ ان کان اڳ هو قانون، صحت کاتي جو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي کان علاوه وفاقي وزارت صنعت ۽ پيداوار ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. افتخار علي شلواني جو اباڻو تعلق حيدرآباد سان آهي. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي هئي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي. هن 1993ع ۾ سول سروس جو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ جوائن ڪيو ۽ هن وقت افتخار علي شلواني سيڪريٽري بلديات سنڌ آهي.

