بنا تڪليف جي ڊائلاسز جو سولو طريقو

دبئي هيلٿ ڪيئر اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) سائونڊ ويو جو استعمال ڪندي مريضن کي ڪيٿيٽرز جي ذريعي ڊائيلاسز جي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب ڊي ايڇ اي وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ صحت جو پهريون ادارو آهي جيڪو گردي جي خرابي جي مريضن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ٿو. گذريل هفتي راشد اسپتال هن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي هڪ 20 ورهين جي مريض جو پهريون آپريشن ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪو گردي جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ ان کي فوري طور تي ڊائلاسز جو عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت هئي. راشد اسپتال جي ويسڪيولر سرجري ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر هن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ ۽ ڪيٿيٽر ذريعي بنا سرجري جي مريض کي هيمو ڊائليسس لاءِ تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. هن عمل بابت ٻڌائيندي راشد اسپتال ۾ ويسڪيولر سرجري جي شعبي جي سربراهه ۽ ميڊيڪل ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر دينا القدرا چيو ته مريض ڪيترن ئي سالن کان گردي جي خرابي جو شڪار هو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments