ڪهاڻيونڪهاڻيون

بندوبست ڪلاسڪ ڪهاڻي بادل جمالي

ٻڌو اٿم

”ته شادي ٿي وئي اٿئي؟“

”ها“

”مبارڪون هجنئي.“

”مبارڪون خوشيءَ جي موقعي تي ڏبيون آهن.“

”ته ڇا، توکي شاديءَ جي خوشي ڪانهي؟“

”نه“

”ڇو ڀلا؟“

”ان ڪري جو مڙس مون کي چاچي چوندو آهي.“

”چاچي چوندو، وڏو ڪو بيوقوف آهي!“

”بيوقوف ناهي، پر بيقصور آهي.“

”چوين ڇا پئي؟“

”سچ ٿي چوانءِ.“

”دماغ تنهنجو خراب آهي الائي منهنجو؟“

”اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي.“

”تو ته مون کي منجهائي وڌو آهي.“

”هرو ڀرو ٿو منجهين.“

”مڙس ٿو زال کي چاچي چوي، آئون هرو ڀرو ٿو منجهان- چريو ته ڪونهي؟“

”اون هون…“

”متان ايئن ته ڪونهي جو تون وڻينس نٿي، جنهنڪري ٺٺوليءَ طور چاچي ٿو چوئي؟“

”ايئن به ڪونهي.“

”پوءِ ڇا ڳالهه آهي، کدڙو ته ڪونهي؟“

”اچي ويجهو پئينس.“

”ته پوءِ پڪ صغير آهي. اڙي، هي ڇا تون روئين پئي؟ عقل ڪر، ايڏو بي همتو ٿورئي ٿبو آهي. اچي هي وٺ رومال اکيون اگهي ڇڏ. تون… چري ته ڪانه ٿي آهين…“

مون رومال توکي ڏنو اکين اگهڻ لاءِ، تو وري اکيون بند ڪري گلاب جي گل وانگر سنگهينس پئي!“

”گلاب جي گل وانگر؟“

”ڪٿي گلاب جو گل، ڪٿي مرداني پگهر جي مست خوشبوءِ وارو رومال! دل چاهي ٿي ته هي رومال سنگهندي سنگهندي، هميشه لاءِ اکيون پوري ڇڏيان.“

”ڏاڍي مايوس ٿي لڳين.“

”مون سان ظلم ٿيو آهي.“

”ظلم ته تو پنهنجو پاڻ سان خود ڪيو آهي. توکي ياد هوندو ته اڄ کان اٺ سال کن اڳ مون توکي شاديءَ لاءِ چيو هو ته تو مون کي ڪوبه جواب نه ڏنو هو.“

”آئون مجبور هئس، اسان وٽ اهو ڪم مائٽن جي حوالي هوندو آهي.“

”ته پوءِ مائٽ تنهنجا انڌا هئا، جو تو جهڙيءَ مومل کي بيڪار ڇوري جي حوالي ڪيائون؟“

”مائٽن جو ڏوهه ڪونهي، هي سڀ بابا جي وفات کانپوءِ ٿيو آهي.“

”پڻهين کانپوءِ چاچهين تنهنجي پٺ ڪانه ڀري؟“

”انهيءَ جا ئي ته هي ڪم آهن.“

”ته ڇا، تنهنجي شادي پنهنجي پٽ سان ڪرائي اٿس؟“

”ها.“

”… توبهه، ڇهن سالن جو گهوٽ، پنجويهن سالن جي ڪنوار! ماڻهين جون اکيون ٻڌل هيون جو توکي گڏي سمجهي ننڍڙي گڏي سان ٿي شادي ڪرايائين؟“

”امان ويچاريءَ جو ڏوهه ڪونهي. هن گهڻيون ئي دانهون ڪيون، پر مون کي بي پهچ ۽ بي پهر سمجهي ڀنڀوريءَ وانگر جهٽيو ويو آهي.“

”چاچو تو وارو اڳي ته ڏاڍو چڱو ماڻهو هو. راڄ جو رئيس، سخي، حاجي ۽ نيڪ نمازي. ڇا اهي سڀئي خوبيون ڇڏائجي ويس؟“

”اهي خوبيون اڄ به اٿس.“

”پوءِ اهڙو ظلم ڪيئن ڪري سگهيو؟ منهنجي خيال ۾ هن رڳو پڻهين جون زمينون ۽ دولت ڦٻائڻ خاطر توکي پنهنجي پٽ سان پرڻايو آهي، نه ته هن معصوم کي هينئر شاديءَ جي ڪهڙي گهرج هئي.“

”انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي.“

”اوهين کڻي انهن شين تان هٿ کڻو ها.“

”امان ايئن به چيس، پر ڪونه مڃيائين.“

”ها- هن سوچيو هوندو، جي ايئن ڪندس ته ماڻهو ٿڪون هڻندم؛ سو اڳوپو  توکي هٿ ڪيائين ته جيئن مال هضم ڪرڻ ۾ سولائي ٿئيس- ائين نه؟“

”ها.“

”مار، ڪاري بک هيس ٻيو!“

”ڀلا ڪنهن چڱي مٺي کان چورائي، ڪنهن ٻئي طريقي سان راضي ڪريوس ها.“

”چڱو مٺو ته ڇا، امان قرآن ميڙ کڻي ويس، تنهن کي به اهو چئي موٽايائين ته قرآن پنهنجو حق ڇڏڻ لاءِ ڪونه ٿو چوي.“

”چئبو ته لوهه ٿي وئين.“

”مجبوري آهي“

”تون مڙس کي سمجهائين ڪانه ٿي ته آئون تنهنجي زال آهيان، مون کي چاچي نه چئو؟“

”چوانس ٿي.“

”پوءِ؟“

”ويچارو ننڍڙو آهي، اها ڳالهه وسريو وڃيس.“

”آخر هو توکي چاچي چوي ڇو ٿو؟“

”هو ننڍڙو هو جو امان ۽ آئون ڪڇ تي کڻي کيس گهمائينديون هيون سين- ڪيڏي مهل روئندو هو ته کيس ريجهائڻ لاءِ ماڻس چوندي هئي، هوءَ ڏس چاچي پئي اچيئي… ايئن چئي هوءَ اسان کي سڏ ڪندي هئي، پوءِ ڪڏهن امان وڃي کڻندي هئس ته ڪڏهن آئون؛ ان ڪري هو اسان ٻنهي کي چاچي سمجهندو هو ۽ اڃان تائين اهو خيال ذهن ۾ اٿس.“

”پوءِ ڀلا، تنهنجو بندوبست ڪريان؟“

”بندوبست؟ هون…“

”کلين ٿي؟“

”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“

”هڪڙي کان ڏهه پڇ.“

”تنهنجي انهيءَ بندوبست جي حقدار آئون وڌيڪ آهيان يا تنهنجي ستٽيهن سالن جي ڪنواري ڀيڻ؟“

”ڪيترن ئي ماڻهن جي حياتي، هن ڌرتيءَ جي هانوَ تي هڪ بار کان وڌيڪ حيثيت ڪانه ٿي رکي؛ ليڪن هڪڙو سٺو ڪتاب هڪ ڪامل شخصيت جي جگر جو اهو املهه خون آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي… ڇا، اسان کي جگري خون جي انهيءَ محفوظ سرمائي جو احساس آهي؟“