ترجمي جو فن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل علم ۽ ادب جو مطالعو حصو پھريون ذوالفقار علي جلباڻي August 2021

لفظ ”ترجمو“ پنهنجي اندر هڪ وسيع معنيٰ رکي ٿو. دنيا جي سمورين ٻولين ۾ هي اصطلاح اهميت حاصل ڪري چڪو آهي. دنيا جي هرهڪ علمي ۽ ادبي زبان ۾ ٻين ٻولين تان ترجما ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، اها هڪ قديم روايت رهي آهي. هڪ ڪتاب جو ترجمو ٻي زبان جي ضرورت ۽ اهميت وارو رهيو آهي. هرهڪ باشعور ماڻهوءَ کي نين شين کي حاصل ڪرڻ جي ضرورت رهي ٿي، تنهنڪري انهيءَ ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اعليٰ انسانن ٻين ٻولين مان ڪيئي نوان نوان علم سکي ۽ ٻين کي سيکاريا آهن. اهو سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل صدين کان جاري آهي. اسان هتي لفظ ”ترجمو“ بابت لغت جو سهارو وٺون ٿا.

لفظ ترجمو بابت سنڌيڪا ڊڪشنري ۾، وضاحت هن طرح ڪيل آهي:

”منتقل ڪرڻ (1) هڪ مان ٻي حالت/جاءِ وغيره(Translate v.t)  تي پهچڻ (2) ترجمو ڪرڻ، ٻي زبان ۾ منتقل ڪرڻ (3) مختلف لفظن جو روپ ڏيڻ.“ سنڌيڪا ڊڪشنري: 2003، 955.

اسان کي ڪهڙي قسم ۽ ڪهڙي موضوع جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ گهرجن، جن مان اسان جي قوم جي ذهني ۽ فڪري اوسر جا گل ۽ گونچ ڦٽندا رهن؟ منهنجي خيال ۾ اُهي ڪتاب يا لکتون جنهن ۾ تعليم ۽ ادب، تاريخ، سائنس، مذهب، تصوف، سماجيات، جاگرافي کان ويندي ديني ۽ دنياوي معلومات وارا موضوع شامل هجن تن لکتن جا ترجما ڪرڻ گهرجن ۽ اُهو به ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙا ملڪ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهن، تن جي نصابي ڪتابن کان استفادو حاصل ڪجي. تعليم ڪهڙي؟ تعليم جيڪا بنيادي طور تي انسان ۾ انسانيت پيدا ڪرڻ جو درس ڏئي. ادب جا ڪهڙا ڪتاب يا لکتون جيڪي اسان جي معاشري ۾ حُسن ۽ نِکار پيدا ڪن ۽ جيئن اسان ٻين سان سهڻي سلوڪ سان پيش اچي سگهون. اهڙا افسانا، ناول، شاعريءَ جا ڪتاب جيڪي انسان جي تبديل ٿيندر رخن جي انوکين حرڪتُن ۽ جذبن جن ۾ ظلم ستم هجي تن سان نفرت ڏيکاريل هجي ۽ مظلوم سان محبت ۽ همدردي جهڙو درس ملي. هڪ مترجم جڏهن ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان ڪا ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ته سندس من اندر هڪ خيال جڙي ٿو ته هيءَ نئين شيءِ ٻين ماڻهن سان ونڊڻ ورڇڻ گهرجي ۽ پوءِ هُو ايئن ڪري ٿو ته نئين معلومات کي پنهنجي هم زبان ماڻهن ڏانهن ڪڏهن زباني ته ڪڏهن لکت ۾ منتقل ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو اها هڪ انساني فطرت به آهي ۽ خواهش به ته سندس ڪم ٻين کي وڻي. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ ڪي تمام وڏا نالا ٿي گذريا آهن جن جي فڪر ۽ فلسفي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، انهن مان ڪي آهن: هومر، دانتي، شيڪسپيئر، گوئٽي، وليم ورڊس ورٿ، دوستو وسڪيِ، لوشون، ڪاليداس، ٽئگور، نظامي، عمر خيام، فردوسي، مولانا جلال الدين رومي، فريدالدين عطار، حافظ سعدي، شاهه عبداللطيف ۽ سچل لاءِ هر ادبي ٻوليءَ ۾ جڳھ آهي، جن جي خيالن، سوچن ۽ فڪر ۾ دنيا جي ترقي لاءِ پروگرام آهن، انهن جي فڪر ۾ ڪيئي حڪمت ۽ دانائي جا مثال آهن. اهي مثالي ڪردار آسان طريقي سان ٻين ٻولين جي ادب ۾ جاءِ جوڙي وٺندا آهن ۽ هرهڪ علاقائي ٻولي ۽ ادب ۾ پورا ٺهڪِي بيهندا آهن. شاهه لطيف وٽ ست سورميون، ڏھ ڏاتار ۽ ڪي فڪري ڳالهيون سندس ڪلام ۾ بيان ڪيل آهن جيڪي پوري دنيا کي وڻن ٿيون ۽ اهي ڳالهيون هرهڪ کي پنهنجون لڳن ٿيون. مثال: اسان سندس هڪ سورمي مارئي جي ڪردار جو حوالو ڏيئي رهيا آهيون اهو ڪردار ڪير به پڙهي مسلم ۽ غير مسلم اُن جي دل موهجي پوندي. ڇاڪاڻ جو شاھ صاحب جنهن انداز ۽ ڪمال خوبين سان پنهنجي سورمي کي ڪلام ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف وطن سان محبت ته ٻئي طرف سچائي، ٽئين طرف ڪردار جو حوصلو ۽ همت جنهن وٽ ڪابه لوڀ لالچ ناهي، انهيءَ فلسفي کي پوري دنيا جي ادب ۾ جاءِ ڇو نه ملندي. اڄ پوري عالمي ادب ۽ سائنسي دنيا تي افلاطون، سيفوءَ جا ادبي ڪارناما مڃجي چڪا آهن، جن پوري دنيا تي ڇاپ ڇڏي آهي، پنهنجا اثر نمايان ڪيا آهن. ڇو ته انهن جا ادبي ڪارناما مڃيل آهن. هرهڪ کي انهن ڪارنامن ۾ پنهنجي گھرج محسوس ٿئي ٿي. اهي لکڻيون ۽ فن پارا ڄڻ ته اسان کي پنهنجا ٿا لڳن. دنيا ۾ جيتريون به علمي ادبي ٻوليون آهن. انهن جو جيترو به ادبي سرمايو آهي، انهن جون اصلوڪيون توڙي ترجمو ٿيل تحريرون آهن، اهي پنهنجي شان شوڪت جون گواھ آهن. دنيا جي عالمن، اديبن ۽ محققن مختلف موضوعن تي مختلف زبانن مان پڙهندڙن کي جيڪي ترجما ڪري پيش ڪيا آهن سي هر لحاظ کان فائدي وارا آهن. انگريزي، فرينچ، اسپيني، جرمن، روسي، اٽالين به پنهنجي تخليقي ادب ۽ ڏيهي توڙي مقامي تحريرن جي ڪري اڳڀريون آهن. بلڪه دنيا جي ادب کي پنهنجي اندر سمائي سوگهو ڪري ڇڏيو آهي. انگريزي نثر توڙي نظم جي زبان اتان جي گڏيل سماج جي زبان آهي. ايلزبيٿ پهرين ۽ جيمس جي دورن ۾ ترجمي نگارن اتان جي ادب کي سنوارڻ لاءِ دنيا جي فلسفي جي اصول کي آڻڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ جي اندر تازا خيال، تازي هوا داخل ڪرڻ لاءِ معلوماتي شيون ڏنيون آهن. ترجمن جي ذريعي بحر ۽ روم جي عالمن جا خيال يورپ تان پرواز ٿيا ۽ پوءِ ارڙهين صدي ڌاري انگلينڊ ۽ هائلينڊ جي نون بورزوائي خيالن نظرين ڏکڻ طرف رخ ڪيو. اهڙي نموني جو اهم ڪم فرانسيسي مترجمن سرانجام ڏنو، جنهنڪري انقلاب آيو ۽ انهن لاڙن، فڪري اثرن جي ڪري آمريڪا ۽ پوءِ روس ۾ انقلاب آيا. اهو سمورو ڪمال ترجمن ۾ پيش ڪيل مواد جو هو، جن نون نون خيالن فڪرن کي جنم ڏنو ماڻهن کي انقلاب آڻڻ جا گس ڏيکاريا. فڪري ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ سان هڪ طرف ڪيترن ئي ملڪن ۾ سماجي اٿل پٿل ٿي ته ٻئي طرف مختلف علائقن ۾ هم آهنگي پيدا ٿي، ثقافتي سنگم جڙيا ۽ ماڻهن ۾ ذهني ۽ فڪري انداز جا رنگ نکرڻ لڳا ۽ انهيءَ جا اثر پوري دنيا تي ٿيڻ لڳا، انهيءَ جو نتيجو هي نڪتو جو پوري دنيا جي ٻولين اندر نون خيالن نون فڪرن جي ڪري نوان گوشا نڪري نروار ٿيا. اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ مان پڻ اهڙي شاهدي ملي ٿي ته سنڌي ادب جي جديد نثري ادب جي شروعات به ترجمن سان ٿي آهي. انگريزن جي اچڻ کان اڳ اسان جي صورتخطي جي ڪا مقرر شڪل نه هئي، سنڌي ٻولي ڳالھائي ته ويندي هئي، پر ان کي لکڻ لاءِ مختلف مڪتبهءِ فڪر جا ماڻهو مختلف لپين ۾ تحرير ڪندا هئا. مسلمان عربي، هندو ديو ناگري، سک گرمکي، اسماعيلي فرقي وارا خواجڪي مطلب ته هرڪو پنهنجي مذهب، ڌرم ۽ فرقي جي لحاظ کان انهن لپين کي آفاقي ڄاڻندو هو، پر اهي سڀئي ٻوليون ڪن آوازن جي صحيح ترجماني ڪري نه سگهنديون هيون. انگريز سرڪار 1843ع تي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي انتظام کي هلائڻ لاءِ سنڌي ٻولي کي لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي پنهنجي دفتري انتظام هلائڻ واسطي ان ڳالھ جي ضرورت کي محسوس ڪيو ۽ سنڌي زبان جي الف- ب جوڙائي تعليم جو نظام قائم ڪيو. سن 1848ع ۾ ممبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلرڪ هڪ حڪم نامون ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي. مٿئين حڪم نامي مطابق سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر 6 سيپٽمبر 1851ع تي ليٽر نمبر 1825 مطابق سڀني سول ملازمن لاءِ اهو حڪم ڏنو هو ته سنڌي ٻولي ۾ ضروري امتحان پاس ڪيو وڃي. منگھا رام ملڪاڻي لکي ٿو ته: ”انگريزن جي حڪومت جي شروعات ۾ سنڌ جي پهرين چيف ڪمشنر سر بارٽل فريئر يورپي عملدارن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي ٺهرايو هو. انهيءَ مراد سان ته اهي ڏيهي ٻولي جو اڀياس ڪري رعيت سان لھ وچڙ ۾ اچن ۽ پرڳڻي جي انتظام کي بخومي هلائين. هن ڪم ۾ ڪيترن صاحب لوڪن گھڻي دلچسپي ڏيکاري. سنڌي ٻولي جو ڳوڙھو اڀياس ڪيائون ۽ محنت ڪري ٻوليءَ جي بنياد نسبت کوجنائون ڪيائون، ڪن ته بلڪل ڪمائتا، عالماڻا ۽ بنيادي ڪتاب جھڙوڪ: ويا ڪرڻ، لغتون، عام لوڪن جي واتان ٻڌل نظم ۽ نثر ۾ قصا ڪهاڻيون قلمبند ڪري، با ترتيب ڪتابي صورت ۾ آڻي شايع ڪيا.“ ملڪاڻي: 1993، 8. انگريزن جي دور ۾ هر طرح جي علمي ۽ ادبي ڪم جي شروعات ٿي. ”انگريز سرڪار، سنڌي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي، انگريزي، فارسي ۽ ٻين ٻولين مان ڪتابن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ انعام رکيا. هن ئي زماني ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر، ”مسٽر پريڊيءَ“، هڪ اسڪول کوليو. اهو اسڪول 1852ع کان 1856ع تائين، لوڪل ڪميٽيءَ جي هٿ هيٺ هو.“ (الانا: 2006، 310). انهيءَ زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي موضوعن بابت شاندار ۽ شاهڪار علمي ۽ ادبي ڪتابن جا ڌڙا ڌڙ ترجمو ٿيڻ شروع ٿيا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل ترجمن جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ترجمن جي روايت اوائلي دور کان شروع ٿي هوندي، پر زماني جي لاهين چاڙهين ۽ اٿل پٿل ڦيرين گهيرين سبب اهو علمي ۽ ادبي خزانو جيڪو هٿ سان لکيل قلمي صورتن ۾ هو سو هيٺ مٿي ٿي تلف ٿي ويو هوندو. انگريزن جي دور حڪومت ۾ ڄڻ ته انهيءَ ڪم جي جوڙجڪ نئين سر ٿي آهي. انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ ۽ ان جي علمي ادبي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي ساراهه جوڳا قدم کنيا. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي موجوده عربي رسم الخط قائم ڪري سموريءَ سنڌ ۾ رائج ڪرايو، انهيءَ لحاظ کان ته جيئن سنڌي زبان جي الف- ب جي ترتيب کانپوءِ اُن کي تعليمي ڦهلاءُ سان گڏ دفتري ڪار وهنوار لاءِ استعمال هيٺ آندو وڃي. اُن کان اڳ جيڪو فارسي ٻوليءَ ۾ ڪار وهنوار ٿيندو هو اُن جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ کي سموري سنڌ ۾ سرڪاري طور رائج ڪيو ويو. انهيءَ کانپوءِ سرڪاري سطح تي ڪي عملي ڪم به شروع ٿيا جنهن ۾ سڀ کان اول ڪراچيءَ ۾ ”گورنمينٽ بُڪ ڊيپو“ قائم ڪيو ويو ويو، انهيءَ پليٽ فارم تان اشاعت جو ڪم شروع ڪيو ويو. هي بُڪ ڊيپو غالبن 1854ع ڌاري قائم ٿيو ۽ 1918ع تائين جاري رهيو. هن اشاعتي گهر پاران درسي ڪتاب، سنڌي آکاڻين، قصن جا ڪتاب شايع ٿيا. اهڙيءَ طرح جي ڪم کي ڏسي ڪن پئسي وارن ماڻهن خانگي اشاعتي گهر قائم ڪرڻ شروع ڪيا، اهڙو اشاعتي گهر سڀ کان پهرين سن 1883ع ۾ ماستر هريسنگھ سکر ۾ قائم ڪيو ۽ ان کانپوءِ سن 1885ع ۾ شڪارپور شهر ۾ منشي پوڪر داس شڪارپوري قائم ڪيو. ٻنهي اشاعتي گهرن طرفان ڌڙا ڌڙ ڪتابن شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. مذهبي، غير مذهبي، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ قصن جي ڪتابن کان ويندي درسي ڪتابن تائين سوين ڪتاب اشاعت ٿي منظر عام تي آيا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمانن ۾ اهڙو شوق ڪونه پيدا ٿيو جو اڃان تائين يعني سن 1914ع کان اڳ ڪو اشاعتي ادارو قائم ڪن. ”برصغير ۾ سن 1914ع ۾ مولانا شبلي نعمانيءَ ”اعظم ڳڙھ“ پُر فضا ۽ پُر سڪون ماحول ۾ هن اداري کي وجود ۾ آندو. مولانا صاحب پنهنجي خانداني گهر ۽ باغُ هن اداري لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. برصغير جي وڏن ۽ جيد عالمن، اديبن ۽ محققن کي گڏ ڪري، هن اداري ۾ آندو ويو. سن 1915ع ۾ سيد سليمان ندوي، مسعود علي ندوي ۽ مولانا عبدالسلام ندويءَ جهڙن علم دوست محققن عملي طرح سان علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

هن اداري جا مکيه سبب هئا:

  1. سموري برصغير جي وڏن اهل قلم ۽ مصنفن کي جمع ڪري، هڪ باقائدي جماعت کي وجود ۾ آڻجي.
  2. اعليٰ ۽ بلند پايه جي ڪتابن کي گهڻي تعداد ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪرائجي.
  3. علمي ۽ اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب شايع ڪرايا وڃن (خانائي: 2016، 23)

هن اداري پنهنجو منشور ڏئي مقصدن وارو ڪم ڪري ڏيکاريو، مطلب ته هن اداري جي وجود کانپوءِ هر لحاط کان مسلمانن جي نمائندگي ٿيڻ لڳي ۽ هر فن تي نهايت ئي عمدا ۽ معلوماتي ڪتابي سلسلا اشاعت ڪري سمورن علمن جي وڏي خدمت ڪري ڏيکاري ۽ مسلمان قوم کي هڪ احساس ڏياريو ته علمي ترقي کانسواءِ ڪابه ترقي نٿي ٿي سگهي. اهو وهم ۽ گمان اجايو آهي ته مسلمانن وٽ انگريزن کان اڳ ۾ ڪو علم هو ئي ڪونه جيڪا ڳالھ درست ڪونهي، پوري دنيا ۾ مسلمان هر لحاظ کان علم سان سرشار هئا. سندن رڳ رڳ ۾ روحاني تعليم جو درياءُ موجزن هو. ارغونن جي دور ۾ سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. ارغونن کانپوءِ ترخانن ۽ مغلن جي دور تائين فارسيءَ ٻولي کي علمي ۽ تعليمي حيثيت حاصل هئي، وري جڏهن ڪلهوڙن جي حڪمراني جو دور شروع ٿيو ته پنهنجي مقامي زبان ڏانهن ڌيان ڌريو ويو، انهيءَ عرصي دوران مخدوم نوح قرآن پاڪ جو فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيو. مخدوم جعفر بوبڪائي، قاضي شاھ محمد اول ۽ ٻين عالمن بهترين نموني سان ترجمن وارو ڪم ڪيو. ”اگرچه ايسٽ انڊيا ڪمپني فارسي زبان جي سرڪاري حيثيت ختم ڪري مقامي زبان کي رائج ڪرڻ جو فيصلو 20 نومبر 1837ع ۾ ڪيو هو، ليڪن اردو زبان ۾ قانوني موضوعن تي ترجما اِن کان پهرين شروع ٿي چڪا هئا. 1800ع جي قانون جو ترجمو گل ڪرسٽ ڪيوسن 1803ع ۾ هدايت نامه مالگزاري ۽ 1820ع ۾ قانون ديواني جو ترجمو ”خلاصه فهرست نما“ ڊبليو ايڇ ٽرانٽ ۽ نعمت علي جي شراڪت ۾ شايع ٿيو.“ (طارق محمود: مارچ 1986ع، 49).

”انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليون رواج ۾ هيون. سنڌ جي مدرسن، مڪتبن ۽ خانقاهن ۾ ديني درس ۽ تدريس جو ڪم انهن مٿين ٻولين ۾ ڪيو ويندو هو. سنڌي زبان مدرسن ۾ رواج هيٺ هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ درس و تدريس جو رواج عام هو.“ (خانائي: 2016، 29).

سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو ترجمن ۾ ڪردار:

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي اشاعتي پروگرامن جي سلسلي ۾ جيڪو علمي ۽ ادبي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي تنهن کي ڏسي هر سنڌ واسي کي سرهائي پئي محسوس ٿيندي رهندي. هن سوسائٽيءَ جو بنياد آزاديءَ کان اڳ سن 1931ع ۾ پيو. ”سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي ۽ ترويج ڏيارڻ ۾ نجي اشاعتي ادارن جو اهم ڪردار رهيو آهي. اوڻيهين صديءَ جي پوئين اڌ ۽ ويهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي هندو عالمن، اديبن ۽ ساڃاھ وَندن ڪيترائي اشاعتي ادارا قائم ڪيا، جن ۾ ڌرمي، ادبي ۽ اخلاقي ڪتاب شايع ڪري، سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. ليڪن اُن دور ۾ ڪوبه اهڙو اشاعتي ادارو ڪونه هو، جيڪو ادب جي ذريعي سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي، ادبي ۽ اخلاقي ضرورتن کي پورو ڪري.“ (خانائي: 2016ع، 13). انهيءَ خال کي محسوس ڪري سنڌ جي مشهور ۽ معروف تعليمي ماهر، عالم ۽ استاد خان بهادر محمد صديق ميمڻ هڪ اهڙي اداري جي بنياد رکڻ جي ضرورت کي محسوس ڪري اُن کي عملي جامو پارائي ڏيکاريو جو هي سوسائٽيءَ جو علمي ڪم، سنڌ جي ادبي تاريخ جو وڏو حوالو آهي. خان بهادر محمد صديق ميمڻ سان هن نيڪ ڪم ۾ جيڪي ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار ساٿي هئا تن ۾ سيد ميران محمد شاھ، مخدوم غلام حيدر صديقي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ ۽ استاد محمد صديق ”مسافر“ جي نيڪ صلاحن ۽ مشورن سن 1931ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ”سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي“ جي نالي سان ادارو وجود ۾ آيو. هن اداري پاران ٽيٽيهن ليکڪن جا 72 کن ڪتاب شايع ٿيا. دراصل هن اداري ويهن سالن جي عرصي يعني (1931-1951ع) تائين پنهنجون اشاعتي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن اداري پاران مشاهيرن ۽ بزرگ شخصيتن جي سوانح حيات کان ويندي شاعرن ۽ اڪابرن جي ڪارنامن تي ڪيترن ئي اهڙن عالمن، تذڪره نويسن ۽ مورخن جي ڪم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا.“ سوسائٽيءَ سنڌ جي ڪيترن ئي نامور ديني عالمن ۽ اديبن کان ديني ۽ مذهبي ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪرائي ڇپائيءَ جي زيورن سان آراسته ڪيا:

ديني ادب بابت ترجما، جهڙوڪ: اسلامي تصوف: مترجم- مخدوم ميان غلام حيدر صديقي (1935ع)، چاليھ حديثون: مترجم- غلام محمد شاهواڻي (1940ع)، اسلامي هدايت نامون: مترجم- مولانا فضل احمد غزنوي (1942ع)، جواهر: مترجم- مولانا عبدالڪريم چشتي (1943ع)، اسلامي عقائد: مترجم- رسول بخش آخوند (1944ع)، ارڪانِ اسلام: مترجم- رسول بخش آخوند (1946) ۽ مقاصد الاسلام: مترجم- قاضي عبدالرزاق (1946ع).

اصلاحي ۽ اخلاقي ڪتاب: قرآن ۽ نئين روشني: مترجم- حڪيم عبدالخالق ”خليق“ مورائي (1932ع)، ضمان الفردوس: مترجم- مرزا قليچ بيگ (1935ع)، عقود اللالي يا موتين جو هار: مترجم- مرزا قليچ بيگ، (1937ع)، اسلامي نظامِ تعليم: مترجم- خان بهادر محمد صديق ميمڻ (1940ع)، جوهرِ اسلام: مترجم- غلام محمد شاهواڻي (1940ع)، تهذيب اخلاق: مترجم- مرزا قليچ بيگ (1941ع)، گلشنِ بهار: مترجم- غلام محمد شاهواڻي (1942ع)، اخلاقِ محسني، ڀاڱو پهريون: مترجم- محمد صديق ”مسافر“ (1943ع).

تاريخي ڪتابن جا ترجما: هندستان جي تاريخ: مترجم- عبدالشڪور منشي (1941ع)، هندستان ۾ مسلم حڪومت جي تهذيب: مترجم- رحيم بخش ميمڻ (1945ع).

سنڌي ادب بابت ترجمو: اسلامي ڪتب خانا: مترجم- سيد حسام الدين راشدي (1939ع).

دراصل ترجمن ڪرڻ جو اهوئي مقصد هو ته ٻين ٻولين جي خزاني مان معلومات حاصل ڪري پنهنجي سنڌي زبان جي علمي خزاني ۾ واڌارو ڪجي. انهيءَ جو فائدو اهو ٿيو جو اسان جي نوجوانن کي نون موضوعن تي نوان ڪتاب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي مليا ۽ نوجوانن انهن مان ڀرپور استفادو حاصل ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو آندو. نون ڳالهين، علمن ۽ فنن وارا ڪتاب اسان جي نسل جي معلومات ۾ جيڪو اضافو ڪيو تن ترجمن جي جاءِ بجاءِ ساراهه ٿيڻ لڳي جنهنڪري انهن جا مثبت اثر سنڌي معاشري مٿان مرتب ٿيڻ لڳا.

سيد ميران محمد شاھ (19- مارچ 1898ع 28 جمادي الثاني 1383ھ/16- نومبر 1963ع).

سيد ميران محمد شاھ جو نالو سنڌي ادب ۾ اُچي پد تي نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن صاحب سنڌي ادب لاءِ ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا، انهيءَ خدمتن جي ڪري سندس نالو ادبي دنيا ۾ ذڪر هيٺ ايندو رهندو. سيد ميران محمد شاھ جون هونئن ته ڪيتريون ئي ادبي خدمتون آهن جنهن ۾ هو هڪ سٺي شاعر سان گڏ سياسي، سماجي ڪمن ۾ هر وقت اڳرو ۽ اڳڀري رهڻ جون شاهديون ملن ٿيون. ”سن 1941ع ۾ سنڌ سرڪار، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو. انهيءَ بورڊ، سنڌي لغت تيار ڪرڻ جي رٿ ڏني ۽ مستحق اديبن، عالمن ۽ شاعرن کي انعام ۽ معاوضا ڏيئي، بهترين ۽ معياري ڪتابن لکڻ ۽ تيار ڪرڻ لاءِ همٿايو. سيد ميران محمد شاھ سن 1951ع تائين پورا ڏھ ورهيه، انهيءَ بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو. اڳتي هلي، سنڌ سرڪار انهيءَ بورڊ کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي ۾ تبديل ڪيو، جو اڄ تائين قائم آهي. پاڻ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو ميمبر رهندو آيو ۽ ڪجھ وقت لاءِ اعزازي سيڪريٽري رهيو.“ (ڊاڪٽر خانائي: 2016، 46) سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان جيڪو ادارو قائم ٿيو، انهيءَ اداري هر لحاظ کان علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهيءَ ڪم ۾ ترجمي وارو ڪم نهايت ئي اهم ٿي ڄاتو ويو. دنيا جي ٻولين جا مشهور ۽ معروف ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪرايا ويا. هن قومي اداري سنڌ جي تاريخ بابت چڱو مواد شايع ڪيو آهي جن ۾ تاريخ، لغتون، لسانيات، شخصيات، آثار قديمه، تحقيق، تنقيد، ٻاراڻي ادب کان ويندي مطلب ته هر لحاظ کان علمي ادبي ڪوبه اهڙو پهلو ٻاڙو نه ڇڏيو جنهن ۾ ڪي ڪتاب شايع نه ٿيا هجن. سنڌ جي عالمن ۽ اديبن هن اداري لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پنهنجو رت ست ڏئي ننڊون ڦٽائي هن اداري ۾ ساهه وجهي اتساهه پيدا ڪرايو. سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ايامڪاري کان ويندي اڄ تائين جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيو آهي، سنڌ واسي هن اداري تي جيترو به فخر ڪن سو انهن کي سونهين ٿو. توڙي جو هن اداري ۾ ڪيئي لاها چاڙها ۽ لوڏا ايندا رهيا آهن، پر تنهن هوندي به انهن سڀني ڏکين حالتن کي مضبوط ۽ مربوط ڪري اسان جي ڏاهن ساري سنڀالي اڳتي وڌائي هن اداري جي تقدس کي قائم رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش پئي ڪندا رهيا آهن. هن اداري جي تاريخ مان اهو پڻ پتو پوي ٿو ته هن اداري جي ابتدائي فيصلن وارو سفر نهايت ئي نيڪ ثابت ٿيو آهي. جڏهن سنڌ جي تاريخ گمنامي جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل هئي تڏهن هن اداري جي خير خواهن وڏيون جفاڪشيون ڪري ٻين ٻولين مان، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪرائڻ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي پاياءِ تڪميل تي رسائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. ”عرب دور کان اڳ ۾ سنڌ بابت جيڪو تاريخي مواد ملي ٿو، اهو سڀ روايتي انداز ۾ آهي. قديم دور تي هن وقت تائين ڪوبه مستند تاريخي ڪتاب مرتب نه ڪيو ويو آهي. تقريبن 1400ع تائين سنڌ جي تاريخ جو مواد عربيءَ ۾ ملي ٿو. ان کانپوءِ سن 1500ع کان 1800ع تائين غزنوي ۽ دهليءَ جي سلطانن، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو راڄ رهيو. ان دور ۾ سمورو تاريخي سرمايو فارسي زبان ۾ ملي ٿو.“ (ڊاڪٽر خانائي: 2016، 111)، ترجمي وارو ڪم انتهائي ڪٺن هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو جنهن ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو ويندو آهي، سڀ کان پهرين انهيءَ زبان جي لوازمات، فني اصطلاحن روح ۽ نفس جو خيال رکڻ کان ويندي اُن جي علمي ۽ ادبي روايتن جو اڀياس ڪري جائزو وتو ويندو آهي ۽ ٻوليءَ جي روز مره ۾ استعمال ٿيندڙ مثال صرف ۽ ونحو جي معلومات رکڻ به ضروري آهي ته ٻئي طرف پهاڪن، محاورن، چوڻين کان ويندي علمي اصطلاحن جي استعمال وقت انهن شين جو ڀرم به رکڻو پوندو آهي. مثال اسان جنهن ڪتاب جو ترجمو ڪريون ٿا ته سڀ کان پهرين اهو ڄاڻڻ گهرجي ته اهو موضوع ڪهڙو آهي ۽ انهيءَ جي اصطلاحن کان واقفيت ۽ انهيءَ موضوع متعلق اونهو اڀياس هجي، انهيءَ کانسواءِ انصاف ڪري ڪونه سگهبو ۽ نه ئي ترجمي وارو حق ادا ٿي سگهندو. تاريخ ڇا ٿيندي آهي ۽ اُن جا ڪهڙا رخ آهن جن کي روشن ڪرڻو آهي ۽ تاريخ جي مڪمل معلومات کانسواءِ هن فن کي نڀائي نه سگهبو. ٻنهي ٻولين جي مڪمل معلومات کانسواءِ انهيءَ مواد مان عيب ظاهر ٿي بيهندا ڇو ته هي ڏاڍو سنجيده نوعيت جو ڪم آهي انهيءَ لاءِ اصل ڪتاب جنهن تان ترجمو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ زبان ۽ ٻيو جنهن زبان ۾ مواد ترجمو ڪري منتقل ڪيو وڃي ٿو تن ٻنهي ٻولين جي مهارت هئڻ گهرجي. اسان هتي ڪن عالمن جي ترجمن جو ذڪر ڪريون ٿا جن ترجمي ڪرڻ وقت پنهنجي ٻوليءَ جي نزاڪتن ۽ مزاج جو خيال رکي انهيءَ جي مترادفات ۽ اصطلاحن ۽ محاورن جو وقتائتو ۽ ٻولين سان ٺهڪندڙ مثال ڏيئي مختلف عنوانن کي موقعي ۽ مناسبت سان پيش ڪيو آهي، جيڪا ڳالھ سندن ترجمن جي ڪتابن مان محسوس ڪئي وئي آهي.

سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل مختصر ترجمن جو جائزو:

سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي جيتري سرهائي محسوس ڪجي سو ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي هن قومي اداري سنڌ جي تاريخ، ادب کان ويندي هر موضوع تي پنهنجي گوناگون صلاحيتن ۽ رٿا سان علمي ۽ ادبي ڪم جو بنياد رکي، جيڪا اوساري کنئي آهي تنهن ۾ هر قسم جو وکر ۾ ملي ٿو. انهيءَ ادبي عمارت هيٺ جيڪي ادبي تجربا ٿي رهيا آهن، انهيءَ تجربيگاھ ۾ وڏا وڏا علم جا اڪابر، ذهن ۽ ذڪاءَ جا مالڪ پنهنجي فڪري صلاحيتن سان مثبت نتيجا ڏئي رهيا آهن تن کي ڏسي پڙهي هرڪو علم جو پياسو پنهنجي علمي ضرورت پوري ڪري رهيو آهي. هن اداري جو علمي ڪم نه فقط سنڌ، پر ويندي سموري دنيا تائين پهتو آهي. اسان جڏهن سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ترجمن واري ڪم تي نگاھ وجهون ٿا ته خوشي محسوس ٿئي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ سڀ کان اول سنڌ جي تاريخ جي ڪتاب ”سنڌ نامه سنڌ عرف چچ نامه“ کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت بنيادي ماخذ آهي ۽ سنڌ جي تاريخ بابت خصوصي معلومات رکي ٿو. اسان جي مطالعي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جو ستون ڇاپو موجود آهي. هي سمورو ڪتاب ٽي سئو ٻيانوي (392) صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت ٻه سئو پنجويھ رپيا رکيل آهي. هن ڪتاب جو سنڌيڪار، مخدوم امير احمد ۽ محقق، مصحح ۽ شارح، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هن ڪتاب جي ديباچي ۾ لکيل آهي ته: ”سنڌ سرڪار جي سنڌي ادبي بورڊ“ پنهنجي پهرين نشست تاريخ 20 آڪٽوبر 1951ع ۾ فيصلو ڪيو هو ته سنڌ جي تاريخ جا ٽي ڪتاب (1) فتح نامه سنڌ، (2) تاريخ معصومي ۽ (3) تحفته الڪرام فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪرايا وڃن، انهيءَ لاءِ ته اهل وطن پنهنجي تاريخ کي پنهنجي زبان ۾ آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن. بورڊ طرفان انهن ڪتابن جي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب، پرنسپال اورينٽل ڪاليج حيدرآباد سنڌ کي سونپيو ويو.“ سنڌي ادبي بورڊ جي مانائتي مترجم ۽ سندس مددگار ساٿين انهيءَ ڪم کي پنهنجو قومي فرض سمجهي اهو ڪم پنهنجي رضا خوشيءَ سان سرانجام ڏئي پوري قوم کي ٿورائتو ڪري ڇڏيو. ”هيءُ ڪتاب جو عام طرح ”چچ نامه“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي، سو نه فقط سنڌ جي تاريخ بابت پهريون بنيادي ڪتاب آهي، پر سڄي بر اعظم پاڪستان- هندستان جي تاريخ جي سلسلي ۾ آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ وارين حڪومتن جو مختصر احوال ۽ سن 15 کان 96 هجريءَ (714- 637ع) تائين هندستان جي اتر- الهندي سرحدن تي اسلامي فوجن جي اوائلي، بري ۽ بحري حملن ۽ آخر ۾ مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتحن جو مفصل ۽ مستند ذڪر موجود آهي. انهيءَ ڪري قدامت جي لحاظ سان هيءُ ڪتاب وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو.“ (مقدمو: 1).

سنڌ جي تاريخ جي هن ڪتاب مان جيڪا معلومات ملي ٿي، سا هر لحاظ کان پرکڻ ۽ سمجهڻ ۽ ان کي جاچڻ جي دعوت ڏئي ٿي. ڇاڪاڻ جو ڪتابن ۾ پيش ڪيل مواد کي پرکڻ ۽ پروڙڻ وارو ڪم ڏاڍو رُکو ۽ گهرو هوندو آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪا سنڌ جي تاريخ بابت معلومات ڏني وئي آهي يا جيڪي واقعا ٿي گذريا آهن انهن واقعن جو سماج سان ڪهڙو تعلق آهي. تاريخ رڳو بادشاهن ۽ شهزادن جي ڪونه هوندي آهي ۽ نه وري فاتح ۽ مفتوحن جي هار جيت کي بيان ڪندي آهي، پر تاريخ جو علم وسيع آهي، ان جو تعلق متعين ڪيل علائقي جي جاگرافي، سياسي، سماجي، مذهبي، علمي، ادبي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي ۽ دنيا سان لڳ لاڳاپن، علمن، هنرن ۽ اُن دور جي اندرني ۽ بيروني حالتن ۽ واقعن جو احوال ملندو آهي. هن ڪتاب مان هر اهو ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو جنهن کي تاريخ جي علم جي ڄاڻ آهي ۽ انهيءَ سان دلچسپي آهي. ڇاڪاڻ جو تاريخ جو موضوع هڪ طرف خشڪ ۽ ٻئي طرف دلچسپي رکڻ وارن لاءِ نهايت ئي ڪارائتو موضوع آهي. هن ڪتاب ۾ قديم سنڌ جا حالات ۽ واقعات ڪهڙا هئا ۽ حڪمرانن کان ويندي سنڌ جون سياسي، سماجي، معاشي، علمي ۽ ادبي حالتون ڪهڙيون هيون تن ڳالهين بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، سا هرهڪ پڙهندڙ لاءِ فائدي واري آهي. هن ڪتاب ۾ عربن جي سنڌ کي فتح ڪرڻ جي باري ۾ مفصل ذڪر ملي ٿو، ڇاڪاڻ جو اسان جي خيال مطابق هن ڪتاب کان اڳ اهڙو ڪوبه ڪتاب نٿو ملي جنهن ۾ عربن جو سنڌ فتح ڪرڻ جو احوال، برصغير پاڪ ۽ هند جو احوال اهڙي اهم ۽ دستاويزي صورت ۾ ملندو هجي.

 …(هلندڙ)…

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments