توشه خانه ريفرنس: زرداري تي فرد جرم عائد، نواز شريف اشتهاري قرار

احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيئي ڇڏيو. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي فرد جرم عائد ڪري ڇڏي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت راولپنڊي ۾ ٿي. نواز شريف ۽ آصف علي زرداري تي توشه خانه کان تحفي ۾ مليل گاڏيون ذاتي استعمال لاءِ وٺڻ جو الزام آهي. جڏهن ته يوسف رضا گيلاني تي گاڏيون ڏيڻ جي سمري منظور ڪرڻ جو الزام آهي. ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج اعظم خان چيو ته آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني تي فرد جرم عائد ڪريون ٿا. جج اعظم خان، آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته توهان کي چارج شيٽ پڙهڻي آهي ته پڙهي وٺو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار صحت جرم کان انڪار ڪري رهيا آهن؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني صحت جرم کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. يوسف رضا گيلاني جي وڪيل چيو ته وزيراعظم وٽ اختيار هوندو آهي ته سمري جي منظوري ڏئي، نيب اختيارن جو غلط استعمال جو غلط ريفرنس بڻايو. جنهن کانپوءِ يوسف رضا گيلاني پاڻ روسٽرم تي آيو ۽ موقف ڏنو ته مون ڪڏهن به رولز جي خلاف ڪو ڪم ناهي ڪيو، قانون مطابق جيڪا سمري آئي ان کي منظور ڪيو. جيڪڏهن سمري غلط هجي ها ته سمري موو (move) ئي نه ٿئي ها.  

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments