جسٽس عمر عطا بنديال جي چيف جسٽس آف پاڪستان طور مقرري لاءِ منظوري

صدر پاڪستان عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال جي چيف جسٽس آف پاڪستان طور مقرري ڪري ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال جي مقرري 2 فيبروري 2022 کان ٿيندي، موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد پهرين فيبروري تي رٽائرڊ ٿي ويندو. جسٽس عمر عطا بنديال هن وقت جسٽس گلزار احمد کانپوءِ سپريم ڪورٽ جو سڀ کان سينيئر جج آهن، صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڪئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments