سفرنامو

جهاز جو نئون هجڻ کان سي وردي (Seaworthy) هجڻ ضروري آهي الطاف شيخ

زنجبار جهنگٻار

آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ

 

حصو پهريون     

جهاز جو نئون هجڻ کان سي وردي (Seaworthy) هجڻ ضروري آهي

الطاف شيخ

سامونڊي نوڪريءَ دوران اسان پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارن کي ان ڳالهه تان سخت ٻَرو چڙهندو هو، جڏهن اسان جي ڪن مجبورين ڪري آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ بيٺل هڪ جهاز تان ٻئي جهاز تي بدلي ڪئي ويندي هئي… خاص ڪري اهو ٻيو جهاز يورپ جي ڪنهن بندرگاهه ۾ هجڻ بدران آفريڪا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو هو. مسئلو اهو هو ته آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه مان اڏام ملڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ته ڇا، پر پوءِ به اڌ صدي گذرڻ بعد به آفريڪا جي حالت اها هئي. ويندي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ملڪن ۾ به انهن جون هوائي ڪمپنيون 1980ع بعد ٺهيون ۽ آفريڪا جي ملڪن جون ايئر لائينون: ايئرڪينيا، اٿوپين ايئر لائين، ارڪ ايئر (نائيجيريا)، روانڊا ايئر لائين، موريشس ايئر لائين گهڻو گهڻو پوءِ کليون. آفريڪا جون اڏامون پنهنجي ملڪ کان ايشيا يا آفريڪا جي ٻين ملڪن ڏي وڃڻ بدران فقط يورپ جي انهن ملڪن ڏي ويون ٿي، جن ملڪن جي قبضي ۾ اهي آفريڪي ملڪ ڪالونيون هئا. جيئن اسان جي ننڍي کنڊ تي برطانيا جو انڊونشيا تي هالينڊ وارن جو يا ڪمپوڊيا تي فرانس جو قبضو هو.

هڪ دفعي اسان جو جهاز (يعني پاڻيءَ جو جهاز) ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ ممباسا مان ٿيندو موزمبق ملڪ جي بندرگاهه لارينزو مارڪس پهتو ته اسان جي هيڊ آفيس طرفان نياپو آيو ته مون کي سينيگال ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه موڪليو وڃي، جتي اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جهاز آمريڪا مان پهچي رهيو هو، جيڪو پوءِ ناروي ڏي وڃڻو هو. لارينزو مارڪس (موزمبق) کان ڊڪار (سينيگال) ڪا ڊائريڪٽ اڏام نه هئي. لارينزو مارڪس بندرگاهه (جنهن جو نالو پورچوگالي ائڊمرل نالي هو، پورچوگالين جي وڃڻ بعد، يعني موزمبق کي آزادي ملڻ بعد، هاڻ موپوتو سڏجي ٿو) کان اُڏام فقط پورچوگال جي شهر لسبن ڏي هئي سا به هفتي ۾ هڪ دفعو. ان اڏام ۾ ٽي ڏينهن کن وڃي رهيا هئا سو مون کي جلدي جلدي ٽپڙ ٻڌڻ لاءِ چيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن مڪاني آفيس وارن مون کي اچي هوٽل تي ترسايو جتان ٽئي ڏينهن صبح ساڻ ايئرپورٽ پهچي جهاز ۾ اچي چڙهيس. لسبن پهچڻ تي اتي جي ايجنٽ (اسان جي جهاز ران ڪمپنيءَ جي انچارج) لسبن جي هوٽل ۾ ترسايو ۽ ٻڌايو ته ڊڪار وڃڻ لاءِ مون کي پئرس وڃڻو پوندو جتان پڻ هفتي ۾ هڪ دفعو ڊڪار (سينيگال) اڏام وڃي ٿي. هڪ ته سڀاڻي وڃي رهي آهي جيڪا فل آهي ۽ نه آئون ان کي رسي سگهندس. باقي ٻي هفتي واريءَ ۾ هو منهنجي سيٽ حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪري رهيو آهي سو اهو هفتو کن آئون لسبن يا پئرس ۾ گذاري سگهان ٿو. جيئن آفريڪا جي ملڪ موزمبق تي پورچوگال جو قبضو رهيو ۽ اڄ تائين موزمبق جي سرڪاري آفيسن ۽ يونيورسٽين ۾ پورچوگالي ٻولي هلي ٿي (جيئن اسان وٽ انگريزي) تيئن سينيگال فرانس وارن جي قبضي ۾ هو ۽ سينيگال ۾ فرينچ هلي ٿي. اتي جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ پئرس جي يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا.

انهن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز کي ڇڏڻ بوريت جو ڪم سمجهيو ويو ٿي ۽ جهاز جي آفيسرن ان ڳالهه کي پسند نٿي ڪيو… ڇو جو پنهنجي ملڪ جي جهاز تي هجڻ معنيٰ گهر ۾ هجڻ، جتي پنهنجي ملڪ جهڙي ماني ٽڪي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪ ته ڌارين ملڪن ۾ نه حلال کاڌا عام هئا ۽ نه اسان جا ماڻهو برگر، اسپاگيٽي ۽ پيزا جهڙين شين کائڻ جا عادي ٿيا هئا. ٻي ڳالهه ته پنهنجي جهاز تي رهڻ معنيٰ پنهنجن جي وچ ۾ رهڻ، جن سان ماڻهو خوب ڪچهريون ڪري سگهي ٿو… ڌارين ۽ گورن سان اسان نه ڪچهري ڪري سگهون ٿا ۽ نه هو اسان جا چرچا ڀوڳ سمجهي سگهن ٿا. سو اسان جي ماڻهن نه پنهنجي کاڌي جو ۽ نه ڪچهريءَ جو ناغو ڪرڻ چاهيو ٿي. مون کي وري به اڪيلائي پسند آئي ٿي جو مون کي لکڻ پڙهڻ لاءِ سڪون وارو وقت ملي ويو ٿي. کاڌي جي نخري کان به آئون آجو هئس. ڪنهن ملڪ ۾ حلال گوشت نٿو ملي ته ڇا ٿيو. ڇا ضروري آهي ته روز گوشت يعني ٻوڙ ماني کائجي… ڀاڄي ڀتي، مڇي يا دال بيضا به ته کائي سگهجن ٿا، پر سائين انهن ڏينهن ۾ مون پنهنجا ڪيترا هم وطني ڏٺا جيڪي ٻوڙ ماني نه ملڻ ڪري نه رڳو تعليم پر نوڪري به ڇڏي ڳوٺ موٽي آيا ٿي. ولايت ۾ مون اهڙن مسئلن جو اهوئي علاج ڪڍيو هو ته هڪ ڪڻڇي ۽ ڇري وٺي ايندو هئس ڪڏهن پيز پٽاٽا تري پيو کائيندو هئس ته ڪڏهن گانگٽ مڇي. ان رڌ پچاءَ لاءِ زيتون جو تيل بهتر سمجهندو هئس. ان کان علاوه تازو ميوو، بادام اخروٽ ۽ بسڪيٽن جهڙيون شيون وٺي رکندو هئس. سڄو وقت گهمڻ ڦرڻ ۾ enjoy ڪندو هئس يا لکڻ پڙهڻ ۾! ايجنٽ به خوش هوندو هو جو مٿين شين تي ايندڙ خرچ هوٽل ۾ ماني کائڻ جي خرچ کان گهڻو گهٽ ايندو هو ۽ مقامي آفيس وارن جي بچت ٿيندي هئي. ڇو جو منهنجي رهائش ۽ ماني ٽِڪيءَ جو اهي ذميوار هئا. بهرحال لسبن ۽ پئرس ۾ هفتو کن گذارڻ بعد هوائي جهاز ۾ ڊڪار پهتس جتي اسان جي ڪمپنيءَ جو پاڻيءَ وارو جهاز پهچي چڪو هو ۽ هاڻ سامان سان ڀرجي ناروي جي بندرگاهه برگن ۽ ٽرنڍهام روانو ٿيڻو هو. هن جهاز جي انجڻ سلزر هئي ۽ ڪمپني وارن ڪجهه اهڙا انجنيئر هن جهاز تي رکڻ چاهيان ٿي جن سلزر انجڻ وارا جهاز هلايا هجن. جيئن اهي انجنيئر ناروي تائين رستي تي ۽ اتي جي بندرگاهن ۾ (جهاز جي بيهڻ دوران) ان جي انجڻ جي مختلف حصن جي روٽين مرمت ڪري سگهن، جيڪا هاڻ ڪافي Over due ٿي چڪي هئي ۽ انشورنس ڪمپني بار بار خبردار ڪري رهي هئي. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته جهاز کي انشورنس ڪرائڻ بعد، ان ڪمپنيءَ جا شرط شروط مڃڻا پوندا آهن ۽ ان مطابق جهاز ۽ ان جي انجڻ جي maintenance ڪري انشورنس ڪمپنيءَ جي سرويئر کي گهرائي ان بابت ٻڌائڻو پوندو آهي. سرويئر ان مان مطمئن ٿيڻ بعد جهاز جي Seaworthy- يعني سمنڊ تي هلڻ لائق هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو آهي. جهاز جي حادثي مهل انشورنس ڪمپني“سي ورٿي نيس” جو سرٽيفڪيٽ ڏسي ٿي. اهو سرٽيفڪيٽ ختم (Expire) هجڻ جي صورت ۾ اها ڪمپني جهاز جي مالڪ کي ٿيل نقصان جي قيمت ڏيڻ لاءِ ٻڌل نٿي رهي. اهي ڳالهيون ان ڪري لکيون اٿم ته پڙهندڙن کي اها ڄاڻ رهي ته پاڻي جي جهاز يا هوائي جهاز لاءِ اهو اهم ناهي ته اهو نئون آهي يا پراڻو، پر انشورنس ڪمپني طرفان Seaworthy يا ايئر وردي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي. اهڙي سرٽيفڪيٽ هجڻ وارو جهاز کڻي 20 سال پراڻو هجي، پر اهو باحفاظت سمجهيو وڃي ٿو. ڇو جو ان جي هر شيءِ صحيح سمجهي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن انجڻ يا جهاز جو ڪو حصو گسي به ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيءَ جي سرويئر تبديل ڪرائي، پوءِ سرٽيفڪيٽ ڏنو هوندو. هي سرويئر پراڻا ۽ قابل مئرين يا ايئرو ناٽيڪل انجنيئر ٿين ٿا ۽ هو پنهنجي انشورنس ڪمپني جي بچاءُ لاءِ سختي سان چڪاس ڪري پوءِ Seaworthiness جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا. جيتوڻيڪ جهازن جا مالڪ ته اهوئي چاهين ٿا ته Routine Maintenance به نه ڪرايون، انجڻ جو گٺل پرزو به نه بدلايون، پر انشورنس ڪمپني هر وقت اهو چاهيندي آهي ته جهاز جي هر شيءَ “اي ون” حالت ۾ رهي، جيئن جهاز جو حادثو نه ٿئي. ان ڪري هو پڪي خاطري ڪري پوءِ جهاز جي مالڪ کي جهاز لاءِ Seaworthiness جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا.

ڊڪار آفريڪا کنڊ جي اولهه ڪناري تي، اتر طرف سينيگال ملڪ جي گاديءَ جو شهر ۽ مشهور بندرگاهه آهي. آمريڪا کنڊ ڇڏڻ بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ تي سامهون ڊڪار اچي ٿو. آمريڪا مان موٽڻ تي اسان گهڻو ڪري سڌو ڊڪار ايندا آهيون ان بعد اتر طرف يورپ ڏي ويندا آهيون يا پنهنجي وطن ورڻ لاءِ ڏکڻ جو رخ رکندا آهيون. سينيگال جي چوڌاري موريطانيا، مالي، گِني، گِني بسائو جهڙا ملڪ آهن. هڪ ملڪ گئمبيا جيڪو ڪوڪي وانگر سنهو آهي اهو ته ڄڻ سينيگال ۾ ٺوڪيو پيو آهي. يعني ان جو فقط ڪجهه حصو ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ڪنارو آهي باقي جي چوڌاري سينيگال وڪڙيو پيو آهي. شروع ۾ هن ملڪ تي پورچوگال وارن جو قبضو رهيو، ان بعد ڊچ ماڻهن ۽ انگريزن جو به پر 1677ع کان هي ملڪ فرانس وارن جي قبضي ۾ رهيو، جن هن ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه کي غلامن جي وڪري جو مرڪز ٺاهي رکيو. 1960ع ڌاري فرينچن هن ملڪ جي جان ڇڏي ۽ خود مختيار ٿيو.

انگريزن وري به جتي حڪومت ڪئي، اتي ريل گاڏي سسٽم کان تعليمي نظام، پوسٽل سروس، ايريگيشن ۽ جڊيشريءَ جهڙا ادارا ٺاهيا، پر فرينچن ۽ پورچوگالين ۾ اهو افعال نه هو. آفريڪي ملڪن جي هڪ ته انهن يورپي حاڪمن ڀينگ ڪئي ۽ ٻيو خود مختياريءَ بعد سندن پنهنجن چونڊيل يا ڊڪٽيٽر مڪاني شيدي حاڪمن ڪئي. اڄ ڏينهن تائين سينيگال جي حالت خراب آهي. اسان جهاز وارن جي مجبوري رهي ٿي جو اسان کي ڊڪار، لئانڊا يا موپوتو جهڙن آفريڪي بندرگاهن ۾ اچڻو پيو ٿي جن تي فرينچن، پورچوگالين ۽ جرمنن جي حڪومت هئي نه ته ان جي مقابلي ۾ اسان لاءِ ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار جهڙا بندرگاهه وڌيڪ بهتر هئا، جتي انگريزن جي حڪومت رهي ۽ بزنس گجراتين، پارسين، آغا خانين، سنڌي هندن ۽ بوهرين جي هٿ ۾ هو. هنن جي دڪانن تي اسان جي دلچسپي ۽ ضرورت جون شيون ملي ويون ٿي ۽ هو سستي اگهه تي وڪڻندا هئا. انهن سان ڪچهريون به خوب ٿينديون هيون. …(هلندڙ)…