حڪومت عوام جون رَڙيون ڪڍي ڇڏيون، دوائن جي اگهن ۾ 262 سيڪڙو تائين واڌ

وفاقي حڪومت 94 دوائن جي اگهن ۾ 9 کان 262 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نوٽيفڪيشن موجب بخار، مٿي جي سور، دل جي مرضن، مليريا، شگر، ڳلي ۾ تڪليف ۽ فلو جون دوائون مهانگيون ڪيون ويون آهن. ان سان گڏوگڏ اينٽي بائيوٽڪس، پيٽ جي سور، اک، ڪن، ڏند، وات ۽ بلڊ انفيڪشن جي دوائن جي اگهه ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مارڪيٽ ۾ دوائن جي فراهمي گهٽ هجڻ سبب وفاقي حڪومت کي مجبوري ۾ اگهه وڌائڻا پيا. ان ڏس ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته اسان ڪمپنين جي دٻاءَ ۾ ناهيون آيا پر اگهه ان ڪري وڌايا آهن ته جيئن دوائون ماڻهن تائين پهچي سگهن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي دوائون مهانگيون ٿيون، اهي لائف سيونگ ۽ پراڻي فارمولي واريون آهن، انهن دوائن جي اگهن ۾ مناسب تبديلي نه اچڻ سبب اهي مارڪيٽ مان گم ٿي وينديون آهن ۽ بليڪ ۾ ملنديون آهن.

سندس چوڻ هو ته ضروري هو ته دوائن جا اگهه اهڙا هجن ته سڀني جي پهچ ۾ هجن، اهي دوائون جيڪي ماڻهن کي مهانگيون ملي رهيون هيون هاڻ سولائيءَ سان ملنديون، حڪومت ۽ ڊريپ جو ڪم دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، مارڪيٽ ۾ اڻلڀ دوائن جي اگهن ۾ ٿوري واڌ جي ضرورت هئي. هڪ نئين پراسيسنگ پاليسي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سڀني صحت جي ادارن ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، جن دوائن جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي، انهن جي فهرست ويب سائيٽ تي ڏني ويندي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments