خاص

خبردار! سنڌ ۾ سيپٽمبر ۾ به معمول کان وڌيڪ مينهن وسندو

ملڪ جي ڏاکڻي حصن ۾ ايندڙ مهيني به چوماسي هوائون داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. موسمياتي تجزئي نگارن موجب سسٽم سنڌ جي سامونڊي علائقن تي 14 کان 15 سيپٽمبر کان اثر انداز ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سيپٽمبر ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿي سگهن ٿيون، پر انهن برساتن جي شدت جولاءِ ۽ آگسٽ جهڙي نه هوندي. تجزئي نگارن موجب 80 سيڪڙو چوماسي برساتون پئجي چڪيون آهن، چوماسي سيزن سيپٽمبر جي آخري هفتي يا آڪٽوبر جي پهرئين هفتي تائين جاري رهي سگهي ٿو. موسمياتي تجزئي نگارن چيو آهي ته اها وڏي مدي تائين جي اڳڪٿي آهي، جنهن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.