بلاگخاص

خبر پئي ته هي ڪيهرن جو ڳوٺ آهي…

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

خبر پئي ته هي ڪيهرن جو ڳوٺ آهي…

الطاف شيخ

نئون ديرو پهچڻ کان ٿورڙو اڳ NHA وارن طرفان رستي تي لڳل وڏو بورڊ ڏسي )جنهن تي نئون ديرو ۽ ڳڙهي خُدا بخش شهرن جي رهنمائي تير ذريعي ڏيکاريل آهي)، منهنجي دل ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍائڻ تي چيو. مختلف  ملڪن ۾ رستن تي ان قسمَ جا بورڊَ ڏسي فوٽو ڪڍائڻ جو مونکي به وڏو شوق آهي. هڪ دفعي ملاڪا ۾ رهندڙ ميرپور خاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر کلندي  پڇيو ته ان بورڊَ اڳيان ڇو؟

”ان ڪري جو اهڙن فوٽن لاءِ Caption لکڻ جي ضرورت نٿي پوي. فوٽو ڏسندڙ ڪئالا لمپور يا جوهوربارو شهرن جا نالا پڙهي سمجھي وڃن ٿا ته اسان ملائيشيا ۾ آهيون. اهڙي طرح نئون ديرو ۽ ڳڙهي خُدا بخش جا نالا پڙهي منهنجا ڌارين ملڪن جا دوستَ سمجھي ويندا ته سنڌ، بقول هِڪَ بنگالي تراني جي سنڌ رُڳو ڌوڙ ۽ صحرا نه آهي پر سنڌ جو سيارو يورپ جي اونهاري وانگر سهڻو ۽ ساوڪ وارو پڻ آهي. منير کي چيم ته جلدي جلدي فوٽو ڪڍ ته اڳتي وڌون. سائين يوسف ته پيو سمجھندو هوندو ته اسان ڪو موٽڻ وارا آهيون.

منير فوٽو ڪڍي رهيو هو ته هڪ ڪار جيڪا تيزي سان اڳتي وڌي وئي ۽ پوءِ يڪدم بريڪون هڻي رورس گيئر ۾ پٺيان پٺيان موٽي اچي اسان وٽ بيٺي. ”سائين الطاف شيخ آهيو نه؟“ ڪار مان لٿل پيءُ پٽ هِڪَ آوازَ ۾ پڇيو.

”اسان توهانجا ڪِتابَ پڙهندا آهيو ۽ توهانجا فوٽو ڏسي توهان کي سڃاتوسين.“

هو ڇا چوندا آهن ته هيءَ هِڪَ ننڍڙي دنيا آهي. مشتاق شيخ جيڪو لاڙڪاڻي ۾ نئشنل بئنڪ جو سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ۽ ريجنل هيڊ آهي منهنجي دوست مختيار شيخ جو ڀيڻويو ۽ سالو به ٿئي ۽ ساڳي وقت خيرپور جي سفير ظفر شيخ جي گهر واري ادي رضيه جو ڪزن به ٿئي. ساڻس گڏ سندس پٽ خالد هو جنهن ڪراچيءَ جي سر سيد يونيورسٽيءَ مان بايو ميڊيڪل ۾ انجنيئرنگ ڪئي آهي ۽ هاڻ لاڙڪاڻي جي انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنسز ۾ ڪم ڪري ٿو.

گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾ مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته پاڻي جي جهازن ذريعي دنيا جي مختلف بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي پهچي مونکي حيرت ٿي ته جتي ڪٿي سنڌي هندو واپاري ۽ پڙهيل ڳڙهيل نظر آيا جيڪي هندستان جي ورهاڱي وقت يا ان کان به گهڻو اڳ سنڌ ڇڏي اتي پهتا هئا. ان وقت سنڌي مسلمانن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اعليٰ تعليم يافته هو. حيرت ٿيندي هئي ته اسان وٽ تعليم ڪڏهن ايندي. هندو سنڌين جي به ڪجهه اِها Speculation هئي ته هنن بنا هي نئون ملڪ پاڪستان ڪيئن هلندو. پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اسان جا ماڻهو مختلف ادارن ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. هينئر ته سنڌ جي هر ذات جو ماڻهو نظر اچي ٿو پر مون اهو ڏٺو ته اوائلي سالن ۾ لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ شڪارپور پاسي جا شيخَ، ۽ حيدرآباد ۽ نوابشاهه پاسي جا ميمڻ ڪميونٽي جا ماڻهو تعليم جي معاملي ۾ تمام گهڻو اڳتي اچي ويا. يا اهو عجيب اتفاق هجي ته ڌارين ملڪن ۾ مونکي انهن ذاتين جا ماڻهو گهڻا نظر آيا. 1973ع ڌاري ٽوڪيو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ظفر شيخ سان ملاقات ٿي. اڳتي هلي مون ڏٺو ته هِنَ جا ڀائِرَ، ڀائٽيا، ڀاڻيجا ۽ سوٽ ماسات به CSS  جا امتحان پاس ڪندا ويا.  ٻيو نه ته عورتون مرد ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد کان ڌارين ملڪن ۾ نوڪريون ڪرڻ لڳا.

لاڙڪاڻي جي مشتاق شيخ جنهن 1980ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان ايڪانامڪس جي مٿاهين پوزيشن ۾ M.A ڪئي تنهن کان پڇيم ته کين تعليمَ جو شوق ڪيئن ٿيو ته هن ٻڌايو ته هن جو والد صاحب حسن الله شيخ به پڙهيل ڳـڙهيل هو. هو ايئرپورٽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر هجڻ ڪري ڪراچي رهندو هو…. ان ڪري مشتاق ۽ سندس ڀائر ڀينرن جي تعليمَ ڪراچي مان ٿي. مشتاق وارا پاڻَ ۾ ڇهه ڀائر آهن. وڏو پاڻ آهي ان بعد ڊاڪٽر فاروق واپڊا ۾ آهي، خليل ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي، جاويد ميزان بئنڪ ۾، نويد MSc ڪرڻ بعد بزنيس ۾ آهي ۽ ننڍو نديم آهي.

مشتاق ٻڌايو ته هو پيرن جي ڳوٺ ۾ اتي جي هِڪَ زميندار سراج راشدي سان ملڻ وڃي رهيو آهي جنهن چينَ مان چيري ٽماٽا (ننڍا گول ٽماٽا) ڪونڊين ۾پوکڻَ جي ٽيڪنالاجي سکي آيو آهي جنهن کان ڪجهه چڪيون ۽ خريد ڪرڻ پيو وڃان. اسان کي هِنَ ساڻس گڏ هلڻ ۽ سراج راشدي سانِ ملڻ لاءِ چيو پر اسان کي وقت نه هو. البت اها مونکي حيرت ٿي ته پير جو ڳوٺ ته خيرپور ۾ آهي هي ڪهڙي پير ڳوٺ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي! موڪلائڻ بعد ڪار ۾ اچي ويٺاسين ته منير چانڊئي ٻڌايو ته ”خيرپور وارو پير جو ڳوٺ پير پاڳارو ۽ ان جي خاندانَ جو آهي. پر راشدي گهراڻي جا ڪيترائي پير هِتي نئون ديرو جي به آسپاس رهن ٿا جيڪي سڀ پيرن جا ڳوٺ سڏجن ٿا.“ پوءِ مونکي ياد آيو ته اسانجو ذوالفقار راشدي جو به ته هِنَ پير ڳوٺ سان واسطو هو جنهن کي هو شاهه جو ڳوٺ به سڏيندو هو. ذوالفقار راشدي ولد سيد محمد امام شاهه راشدي اسان کان 6 سالَ کن وڏو هو. هِنَ جي ڪِرت جيتوڻيڪ زمينداري هئي پر هو علمي ۽ ادبي ماحول ۾ ڄائو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو ۽ معروف شاعر، اديب ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. پاڻ لاڙڪاڻي مان هفتيوار اخبار ”هاري“ ۽ ان بعد هفتيوار رسالو ”مذهب انسانيت“ جاري ڪيائين سندس شعري مجموعو ”سوچَ کي لوچَ“ ۽ هڪ ٻيو ڪِتاب ”ڪسوٽي“ شايع ٿيل آهن. 51 ورهين جي ڄمارَ ۾ سندس وفاتَ ٿي.

علي محمد راشدي ۽ حسام الدين راشدي صاحب جن جو به هن تَرَ سان واسطو هو. سندن ڳوٺ جو نالو بهمڻ آهي جيڪو پڻ راشدي پيرن جو ڳوٺ سڏجي ٿو. سنڌ جي مشهور پڙهيل ڳڙهيل خاتون مئڊم مهتاب راشدي جيڪا سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري ٿي رهي ۽ پاڻ ريڊيو، ٽي وي جي مشهور ڪمپيئر، سنڌ جي ثقافت جي ڄاڻو، تعليمي ماهر ۽ ليکڪا به آهي ان جي گهر واري اڪبر راشدي جو تعلق پڻ هنن ڳوٺن يعني راشدي پيرن جي ڳوٺن سان آهي.

نئون ديرو وارو رستو وٺي اڳتي هليو وڃجي ته وڃي مديجي کان نڪرجي جتان پوءِ سکر اچي ٿو. لاڙڪاڻي کان جي ٽرين ۾ چڙهجي ته اها به لاڙڪاڻي بعد ماهوٽا مان ٿي نئون ديرو اچي ٿي جِتان پوءِ رُڪ اسٽيشن اچي ٿي. ڳڙهي خُدا بخش وڃڻ لاءِ نئون ديرو کان کاٻي پاسي رستو وڃي ٿو جيڪو ڪئنال روڊ ٽپڻ بعد ڳڙهي خدا بخش پهچي ٿو. نئون ديرو بس اسٽاپ تي سياسي ليڊرن جا وڏا پوسٽر ڏسي آئون ڪار مان لٿس ۽ ڪجهه تصويرون ڪڍڻ لڳس. ٻه چار همراهه جيڪي ڪمدارَ ۽ منشي نموني جا ٿي لڳا روڊ جي ڪپر تي بيٺا هئا. مون به سنڌي ڳالهائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ساڻن زوريءَ سلام دعا ڪري پڇيو ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟

”سائين وڃو نه پيا پر پنهنجي رئيس جو انتظار ڪري رهيا آهيون.“ هنن وراڻيو.

”ڪهڙي رئيس جو؟“ پڙهائي ۽ نوڪري ڪري جيتوڻيڪ آئون سنڌ ۾ گهڻو نه رهيو آهيان.

منهنجي تقريبن سڄي عمر ٻاهر گذري آهي پر ولايت ۾ رهي به مون سنڌ جي ماڻهن جي ڪافي ڄاڻَ رکي آهي ۽ وقت به وقت وڌائڻ لاءِ ان قسمَ جا سَوالَ ڪندو رهندو آهيان.

”سائين رضوان ڪيهر صاحب.“ هنن ٻڌايو.

”ممتاز ڀَٽي صاحب جو ناٺي؟“ مون پڪ ڪرڻ چاهي.

”جي ها سائين.“

”خير ۾ اچي پيو؟“ مون پڇيو.

”هي ڀر وارو ڪيهرن جو ڳوٺ سندس ئي ته آهي.“ هنن جواب ڏنو ۽ مونکي اهو معلوم ڪري بيحد خوشي ۽ حيرت ٿي. دل ۾ سوچيم ته واقعي هيءَ دنيا بيحد ننڍڙي آهي. ڪيتريون ڳالهيون جيڪي خوابَ گُمان به نه هونديون آهن اهي اوچتو ٿي وينديون آهن. منهنجي رضوان ڪيهر سان ته فقط هڪ دفعو مرحوم قمر شهباز جي گهر ملاقات ٿي هئي سا به ويهارو کن سالَ اڳ. پر سندس وڏي ڀاءُ عدنان سان ڪيترائي دفعا آمريڪا ۾ ملاقات ٿيندي رهي ۽ هاڻ به ڪراچيءَ ۾ جنهن علائقي ۾ آئون رهان ٿو عدنانَ جو گهر به اتي ٻن ٽن گهٽين جي فاصلي تي آهي ۽ اسان جي مسجد ۾ تقريباً روز ملاقات ٿيندي آهي. هو مونکي هميشه سندن ڳوٺ گهمڻ لاءِ چوندو رهندو آهي پر آئون اهو سوچي ته منهنجو خبر ناهي ڪڏهن اندروني سنڌ ۾ وڃڻ ٿئي، آئون کانئس اهو به نه پڇندو هوس ته تنهنجو ڳوٺ ڪهڙي ضلعي ۾ آهي! ۽ آئون اوچتو ان ڳوٺَ ۾  بيٺو آهيان ۽ ڪمدار سندس اوطاق/بنگلي ڏي اشارو ڪري چئي رهيو آهي ته عدنان به هِتي اچي رهندو آهي ۽ توهان ماني کائي پوءِ وڃو. مونکي سندس ڳوٺ جي Situation ڏاڍي وڻي. ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏهن ڪراچي آيس ته عدنان ٽپهري جي نماز بعد مونکان پڇيو ته آئون ڪيڏانهن گم ٿي ويو هوس.

”اسلام آباد يا ملائيشيا هليو ويو هئين ڇا؟“ هِنَ پڇيو.

مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ته جيڪڏهن توکي چوندس ته آئون تنهنجي ڳوٺَ مان ٿيو پيو اچان ته تون چوندين ته آئون شايد چور پڪڙڻ واري جادوئي مَٽَ ۾ منهن وجھي تنهنجي ڳوٺَ ۽ اوطاقَ جو سير ڪري آيو آهيان …. پوءِ ساڻس سڄو احوال ڪيم ته لاڙڪاڻي ليڪچر ڏيڻ ويو هوس. تڏهن به اعتبار نه پئي آيس پر چڱو جو سندن ڪمدار منشي جا فوٽو ڪڍي آيو هوس. اهي ڏسڻ سان کيس ڏاڍي کل آئي ۽ حيرت پڻ ٿي.

ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهڻ ڪري ۽ مختلف ملڪن ۾ رهڻ ڪري منهنجي سنڌ جي ڪيترن ئي پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن ۽ سياستدانن ۽ انهن جي اولاد سان ملاقات ٿي هوندي. مونکي عدنان ڪيهر سڀ ۾ نرالو ۽ منفرد لڳندو آهي. هو نه رڳو پڙهيل ڳڙهيل پر Thorough Gentleman آهي. ڪيترن سالن کان هن کي ڏسندو اچان ته هو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ نهٺائي ۽ نئڙت وارو آهي. هي پهريون وڏيرو ڏٺو اٿم جو ولائت ۾ رهڻ جي باوجود شراب نٿو پيئي ۽ پنجَ وقت نمازي آهي. وڏو زميندار هجڻ جي باوجود بنهه سادگي ۾ هلي ٿو. عدنان فائننس ۽ اڪائونٽس جو شاگرد آهي ۽ هن MBA ۽ ٻي سموري تعليمَ آمريڪا مان حاصل ڪئي.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات 1974ع ڌاري آمريڪا ۾ ٿي. پاڻَ اٽڪل 16 سال آمريڪا ۾ رهيو ۽ آمريڪا جي مشهور سنڌي ائسوسيئيشن SANA جي شروعاتي ميمبرن مان آهي.

عدنان 1957ع ۾ جون جي مهني ۾ ڊاڪٽر بشير احمد ڪيهر جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌ جو مشهور سياستدان غلام رسول ڪيهر سندس ڏاڏو ۽ وڏيرو بشير خان ڪيهر  پڙ ڏاڏو آهي. خانصاحب غلام رسول ڪيهر سنڌ جي چوٿين اسيمبلي (12 سيپٽمبر 1953ع کان 26 مارچ 1955ع) جو ميمبر ٿي رهيو. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم جي ڏينهن ۾ مئي 1972ع کان مارچ 1977ع تائين سنڌ اسيمبلي جو unopposed ميمبر ۽ اسپيڪر ٿي رهيو.

رضوان احمد ڪيهر عدنان ڪيهر جو وڏو ڀاءُ، اڄ ڪلهه ڪيهر قبيلي جو سردار آهي. رضوان جي شادي سردار ممتاز ڀٽو جي گهران ٿي آهي ۽ عدنان جو ٽيون ۽ ننڍو ڀاءُ عبدالسميع ڪيهر جيڪو بئنڪر آهي رئيس غلام مجتبيٰ جتوئي جو ناٺي آهي. سندس هڪ ڀيڻَ اسان جي پيٽارو جي ڪِلاس ميٽ محمد عالم هاليپوٽي جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر منظور هاليپوٽي جي گهر واري آهي ته ٻي ڀيڻَ بئريسٽر (رٽائرڊ جج) فرخ ضيا شيخ جي زالَ آهي. عدنان جي ناناڻي پاسي به سڀ اعليٰ تعليم يافته ۽ مشهور سياستدان آهن. شڪارپور جو حاجي مولا بخش سومرو سندس نانو ۽ الاهي بخش سومرو مامو ٿئي…… هِڪَ ئي وقت سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن کي گڏ ڪچهري ڪندي ۽ ماني کائيندي مون عدنان جي گهر ڏٺو آهي. عدنانَ جي وڏي ڀاءُ سردار رضوان هن ڀيري پهريون دفعو سياست ۾ حصو ورتو. هو36 PS- واري صوبائي سيٽ تان اميدوار هو پر ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيو.

سنڌ جي مشهور سياستدان ۽ ليکڪ پير علي محمد راشدي صاحب به پنهنجي مشهورَ ڪِتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ هن خاندانَ جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻَ عدنان جي پڙڏاڏي وڏيري شير خان ڪيهر لاءِ لکي ٿو ته:

”نئين ديري کان لاڙڪاڻي ڏانهن روانو ٿبو ته رستي ۾ ڪيهرن جو شهر ايندو. پراڻي گهاڙ واهه جي قَريب، وڻراهه جي وِچَ ۾، وسيل ۽ متل. شهر جو وڏيرو ان زماني ۾ مرحُوم شير خان ڪيهر هوندو هو. بزرگانه صورت ۽ سيرت، سفيد سُنهاري چاپهين، جسم ۾ ڀريل. سواري ڇڪڙي جي پسند ڪندو هو، جنهن ۾ چڙهي ماهوٽن تائين ايندو هو، ۽ اتان ريلَ ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ويندو هو.

”ان خاندانَ جو علم ۽ پيري فقيريءَ سان گهڻو واسطو رهندو آيو. خليفو محمد پناهه مرحوم پير صاحب پاڳارن جو هِڪُ نالي وارو خليفو ٿي گذريو هو، جنهن جي عِلم دوستيءَ جون پڻ گهڻيون روايتون پيون ٻڌبيون هيون. مرحُوم شير خان، نئين زماني جون ضرورتون محسوس ڪندي، پنهنجي پُٽَ غلام رسول خان کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏياري، سرڪاري ملازمت ۾ داخل ڪرايو. غلام رسول خان مختيار ڪاريءَ مان ترقي ڪري ڪليڪٽر بڻيو. اتان رٽائر ڪري سياست ۾ آيو، جِتي مون سان (علي محمد راشدي صاحب سان) گڏ وزير ٿي رهيو. اهڙا بااخلاق، باوفا ۽ با اصول پٽ مرحوم شير خان جهڙن ديندار ۽ نيڪوڪار پيئن کي ئي قدرت طرفان عطا ٿي سگهيا ٿي…..ـ“