خوشونت کان سعديه تائين… قسط-1

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-1

خوشونت کان سعديه تائين…

الطاف شيخ

پاڪستان ۾ بيحد پسند ڪيو ويندڙ ۽ پاڪستان کي پسند ڪندڙ سِکُ ليکڪ خوشونت سنگهه، اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون ۽ ڳالهيون ماڻهن جي دماغ ۽ زبان تي آهن. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هو اڃان ايڏو مشهور نه ٿيو هو ۽ نه وري مونکي ان وقت تائين ڪو اهڙو Craze هو جو جنهن تنهن اديب سان ملندو وتان. اڃان اديبن شاعرن کان وڌيڪَ اندين فلمن جي مشهور اداڪارن خاص ڪري اداڪارائن سان ملڻ جو نه فقط مونکي پر مون سان گڏ جهاز تي رهندڙ ٻين نوجوان آفيسرن کي به شوق هو. اهو ان ڪري جو ان دور ۾ نه اڃان ڪميپوٽر ايجاد ٿيو هو ۽  نه وڊيو رڪارڊر جنهن سان سامونڊي ڊگهن سفرن تي وقت گذاري سگهجي. تن ڏينهن ۾ شاپنگ جو به ايڏو شوق نه هو ۽ نه اهڙيون فئنسي شيون هيون جهڙيون اَڄُ ڏسجن ٿيون. وڌ ۾ وڌ ايئرو، وارن هوسينٽ ۽ سينٽ مائيڪل جهڙيون برانڊيڊ قميصون، عطر، صابڻ، رومال، ڪف لنڪ ۽ شربتن ۾ ڪوڪاڪولا ۽ سيون اپ  …جن جا انهن ڏينهن ۾ دٻا شروع ٿيا هئا…. ۽ اهي سڀ شيون جهاز جي ڊيوٽي فري اسٽور مان تمام سستي اگهه تي ملي وينديون هيون. بندرگاهه ۾ جهاز جي لنگر انداز ٿيڻ تي سڀني جو رُخ سئنيما هالن ڏي هوندو هو. خاص ڪري ڪولمبو (سري لنڪا)، بيروت (لبنان)، ممباسا (ڪينيا)، زنجبار (تنزانيا)، پينانگ (ملائيشيا) ۽ سنگاپور جي بندرگاهن ۾…. جِتي جي ڪنهن هڪ يا ٻن سئنيمائن ۾ هميشه انڊين فلمون لڳل هونديون هيون. هڪ دفعي ته اسانجو جهاز بيروت ۾ بيهڻ بدران لبنان جي هڪ ٻئي بندرگاهه طرابلس (Tripoli)۾ اچي بيٺو ۽ اسان جهاز جا دوست آفيسر طرابلس مان ٽئڪسي ڪري بيروت ۾ شمي ڪمپور ۽ سائره بانو جي فلم ”ايوننگ ان پئرس“ ڏسڻ ويا هئاسين.

هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ڪولمبو جهڙن بندرگاهن ۾ جتي هاڻ انڊين فلمن جي شوٽنگ ٿيڻ لڳي هئي، انهن شهرن جي هوٽلن ۾ يا اهم مارڪيٽن ۾ ڪڏهن ڪڏهن انڊين فلمن جو عملو ملي ويندو هو. خاص ڪري جڏهن اسان جو جهاز ڊگهي مرمت لاءِ شپ يارڊ ۾ هوندو هو ته اسان جهاز هلائڻ وارن کي ڪمپني جي خرچ تي ان بندرگاهه جي وڏي هوٽل ۾ رهايو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انهن هوٽلن ۾ رهندڙ اهم ماڻهن سان صبح جي وقت ڊائننگ هال ۾ يا شام جو لائونج ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي.

هڪ دفعي هانگ ڪانگ ۾ جهاز جي مرمت ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ هلي رهي هئي. جهاز تي لائيٽ ۽ پاڻيءَ جو بندوبست نه هجڻ ڪري اسانکي هانگ ڪانگ ٻيٽ جي ٻئي پاسي ڪولون جي هوٽل ميرامار ۾ رهايو ويو. منهنجي خيال ۾ اهو سال 1972ع  يا 73ع هو. مونکي پهريون دفعو شوق ٿيو ته هانگ ڪانگ جي ڪنهن مشهور چيني شاعر يا اديب سان ملجي … خاص ڪري اسانجي ليکڪ امر جليل جي هم عمر زانگ يان جيڪا xixiبه سڏجي ٿي جنهن جي هڪ ناول جو انگريزي ترجمو ايندي وقت سمنڊ تي پڙهيو هوم ۽ معلوم ٿيو هو ته هوءَ هانگ ڪانگ جي اسڪول جي ٽيچر آهي. باءِ دي وي سال 2006ع جي مشهور فلم “2Become1”هن جي ناول “Mourn Over the Breasts” جي بنياد تي ٺهيل آهي. هن جي هڪ ٻئي هم عمر ليکڪ ني ڪئانگ جو به هڪ رومانوي ناول پڙهيو هوم ۽ سوچيم ته هن ليکڪ سان به ضرور ملجي. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته هيستائين، جڏهن هو اسي سالن جي ويجھو آهي، هو 300 کن ناول ۽ 400 فلمن جون Scripts لکي چڪو آهي. سندس ڀاءُ يي شُو (Yi Shu) جا به ڪيترائي رومانوي ناول آهن. ميرامار هوٽل جي رسيپشن تي ويٺل صبح ۽ شامَ وارين ڪلارڪ ڏوڪرين سان مون پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ هنن وعدو ڪيو ته هو مونکي سڀان تائين مٿين ليکڪن جا فون نمبر ۽ اتا پتا هٿ ڪري ڏينديون جيئن آئون هنن سان ملي سگهان. پر مونکي حيرت ٿي جڏهن ان ئي ڏينهن شامَ ڌاري رسيپشن ڪلارڪ مونکي ڪمري تي فون ڪيو ته هيٺ لائونج ۾ اچي هڪ رائيٽر سان ملان…. بلڪه هو پاڻ مونسان ملڻ چاهي ٿو. اها هڪ عجيب ڳالهه هئي. آئون يڪدم ڪپڙا بدلائي پنجين فلور تان لفٽ ذريعي هيٺ آيس. منهنجي خيال ۾ اهو اديب چيني شڪل جو ئي هجڻ کتو ٿي پر لائونج ۾ ته ان وقت ويٺل ماڻهن ۾ ڪو به چيني مهانڊي جو نه هو. رسيپشن ڊيسڪ تي بيٺل چيني ڪلارڪ وٽ پهتس ته هن لائونج ۾ ڏهاڪو کن ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ سک همراهه ڏي اشارو ڪيو. مونکي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور، پينانگ ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽلن جي درن وٽ ۽ رسيپشن لائونج جو دروازو کولڻ ۽ چوڪيداري لاءِ سک هوندا هئا. اهڙي طرح بئنڪن جي ٻاهران پٺاڻ هوندا هئا. پر اها ڪمال جي ڳالهه آهي ته انهن محنت مزوري ۽ پورهيا ڪري نه رڳو پئسو بچايو پر پنهنجي اولاد کي اعلا تعليم ڏني. اڄ انهن ملڪن ۾ ڪوبه سک يا پٺاڻ هيٺين نوڪريءَ ۾ نظر نٿو اچي. هنن جي ٻي ۽ هاڻ ٽي جنريشن سرجن، ڊاڪٽر، وڪيل، فوجي آفيسر ۽ رانديگر آهن.

بهرحال انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ سک معنيٰ هوٽل جو درٻان  ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽلن جو درٻان معنيٰ سک. سو مون سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽل جي رسيپشن ۾ ڪنهن سک کي ڏسي اهوئي سوچيم ته هوٽل جي ڪلارڪ يا غلط سمجھيو آهي يا مون سان تعدي ڪئي آهي. ڪلارڪ ڏي گهورڻ سان هن چيو ته هي ماڻهن جو جٿو ايئرپورٽ ڏي ويندڙ بس جو انتظار ڪري رهيو آهي ان ڏاڙهيءَ واري جنهن کي خبر آهي ته هن هوٽل ۾ توهان پاڪستاني به رهيل آهيو سو مونکي ڪنهن اهڙي سان ملڻ لاءِ چيائين جنهن کي لٽريچر سان شوق هُجي.

آئون هن سک سان اچي مليس ته هن سٺي انگريزي ۾ ٻڌايو ته هن جو نالو خوشونت سنگهه آهي ۽ هن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هجڻ ڪري هن وٽ هِتي هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ڪِتاب گڏ ٿي ويا آهن ۽ هاڻ گهڻي وزن ڪري هو پاڻ سان انڊيا نٿو کڻي وڃي. ساڳي وقت ايڪسٽرا وزن اڇلڻ بدران ڪنهن مون جهڙي کي ڏيڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هوٽل جي ڪلارڪ کيس ٻڌايو. واقعي مونکي رسالا ۽ ڪجهه ڪِتاب حاصل ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. فرصت ۾ هانگ ڪانگ ۾ ۽ سمنڊ تي پڙهڻ لاءِ مونکي ڄڻ ته قُوت ملي ويو. خوشونت سنگهه پنهنجي هئنڊ بئگ کولي پنهنجي صحيح سان مونکي پنهنجا ٻه ڪِتابَ ”ٽرين ٽو پاڪستان“ ۽ “I Shall not hear the nightingale” جي ڪاپي پڻ ڏني “Train to Pakistan” هندستان جي ورهاڱي بابت هڪ تاريخي ناول آهي جنهن جي اها ڪاپي 1956ع جي ڇپيل آهي. ٻيو ناول 1959ع جو ڇپيل آهي جيڪو امرتسر جي انهن ڏينهن جي عڪاسي ڪري ٿو جڏهن انگريزن خلاف Quit India  تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. اسان ٿوري دير هِتان هُتان جي خبر چار ڪئي ته بس اچي وئي ۽ هي دهلي وڃڻ وارا مُسافر ان ۾ سوار ٿي ايئرپورٽ هليا ويا.

’ٽرين ٽو پاڪستان‘ هڪ مختصر ناول آهي پر سندس ڪي ڪي جملا ڏاڍا چڀندڙ آهن جيڪي اڄ به مونکي لڳي ٿو ته ائين ئي آهن. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن هڪ سياستدان ڪنهن ڳوٺاڻي کي آزادي جو مفهوم سمجھائي ٿو ته هو وراڻيس ٿو ته:

”آزادي توهان سياستدانن ۽ رئيسن ڀوتارن لاءِ آهي. اسين ڳوٺاڻا تعليم کان پري رکيل، انگريزن جا غلام هئاسين ۽ هاڻ آزادي ملڻ بعد توهان جا غلام ٿي رهنداسين….“

اڄ جي سنڌ جي منظر تي نظر ٿو ڪريان ته ڄڻ اهي جملا اڄ به اها ئي حقيقت رکن ٿا. سنڌ جا ڳوٺاڻا جن کان تعليم پري رکي وئي آهي اهي اڄ به غلاميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن.

هن ناول تي ساڳي نالي Train to Pakistan سان 1998ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي جنهن ۾ نرمل پانڊي، موهن اگاشي، رجيت ڪپور، سمرتي مشرا، ديويا دتا ۽ منگل ڌلان ڪم ڪيو آهي.

خوشونت سنگهه جو ”ٽرين ٽو پاڪستان“ ايڏو ته مشهور ناول آهي جو ڪيترن ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ڪجهه سال اڳ ملائيشيا ۾ ان جو تامل ترجمو پڻ ڏٺو هوم. ملائيشيا ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا انهن ۾ 90 سيڪڙو تامل ڳالهائڻ وارا آهن. هن ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو هالا جي ڊاڪٽر امجد ڪيريو ڪيو آهي ۽ سليمان وساڻ جي ”سنڌ سلامت“ ويب تي موجود آهي.

خوشونت سان اوچتو ملاقات بعد اٽڪل 35 سال بعد 2005ع ۾ دهلي ۾ ٿي جڏهن آئون پنهنجن پيٽارو جي اوڏ دوستن جي ٻارن جي شادي لاءِ مهينو کن دهلي ۾ رهيل هوس. مونکي خوشونت سنگهه هميشه پاڪستاني ڪالم نويس ۽ جهاز جو مالڪ آرڌشير ڪواسجي جي ياد ڏياريندو هو. ٻنهي جون لکڻيون شوخ آهن، ڏاڙهيون Impressive آهن ۽ سندن ڳالهين ۽ لکڻين ۾ هڪ عجيب طنز ۽ مزاح آهي. ٻنهي جي انگريزي ڏاڍي سٺي آهي…. بلڪه هئي جو ٻئي ڄڻا گذاري ويا آهن. هڪ سک هو ته ٻيو پارسي…. ڪواسجي صاحب سان گهڻي ملاقات ۽ گهڻي هجت هجڻ ڪري هڪ ڏينهن چيو هيومانس ته مونکي توهان ٻنهي مان ساڳي خوشبوءِ ٿي اچي. (منهنجو مطلب هو ته توهان ٻنهي جي لکڻين ۾ ساڳي Satire آهي) کلي وراڻيائين ته ساڳي برانڊ جو عطر ٿا هڻون يا ساڳي ڪمپنيءَ جي ناس ٿا ڏيون؟ هونءَ خوشونت سنگهه ڪواسجي کان ڏهه سال وڏو هو ۽ 1915ع ۾ پنجاب جي شهر هدالي ۾ ڄائو هو. سندس والد سر سوڀا سنگهه هڪ امير سِول ٺيڪيدار هو جنهن جون دهلي ۾ ٺاهيل ڪيتريون ئي مشهور عمارتون آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:” ڪناٽ پيلس جو مارڪيٽ ڪامپليڪس ۽ مشهور ڪمرشل عمارت Chelmsford، دهليءَ جي ٽي بي اسپتال، ماڊرن اسڪول، گونگن ۽ ٻوڙن جو اسڪول، سينٽ ڪولمبيا اسڪول، بڙودا هائوس وغيره. سر سوڀا سنگهه کي ملڪ رياض وانگر زمين وٺڻ جو به شوق هو. دهلي جي غير آباد علائقن ۾ جِتي به هن کي سستو پَٽُ مليو ٿي ته اهو وٺي ڊيولپ ڪيو ٿي. ايتريقدر جو هن کي ماڻهو ”آدهي دهلي دا مالڪ“ سڏڻ لڳا. مرڻ وقت هن پنهنجي ملڪيت جو وڏو حصو خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو جيڪو ”سوڀا سنگهه ٽرسٽ“ جي نالي سان دنيا ۾ مشهور آهي. هڪ دفعي خوشونت سنگهه انڊيا ۾ جيڪو پنهنجي پيءُ بابت ليڪچر ڏنو هو، ان جو عنوان هو: ”ماءِ فادر، دي بلڊر“ سوڀا سنگهه وريام ڪور نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جيڪا سوڀا کي انگريزي سرڪار کان Sir جو خطاب ملڻ بعد ”ليڊي سردارني ويرا ٻائي“ سڏبي هئي. کين چار پٽ ڀڳونت سنگهه، خشونت سنگهه، ميجر گربخش سنگهه ۽ دلجيت سنگهه ۽ هڪ ڌيءَ موهندر ڪور ٿي.

هِتي اهو لکندو هلان ته اسانجي دلپسند ليکڪ خشونت سنگهه جي ڀيڻ موهندر ڪور ”رخسانا سلطانا“ جي سس هئي. رخسانا سلطانا جو نانو ميان احسان الحق بيڪانير نوابي رياست جو چيف جسٽس هو. رخسانا جي ماسي (يعني جسٽس ميان احسان جي ٻي ڌيءَ ”بيگم پارا“ انڊيا جي مشهور ائڪٽريس ٿي گذري آهي. جنهن جو پٽ ايوب خان به ائڪٽر هو جنهن جو مشهور فلم ائڪٽر دليپ ڪمار (يوسف خان) سڳو چاچو ٿئي. رخسانا سلطان جي هڪ ڌيءَ (يعني خشونت سنگهه جي ڀاڻيجي، شِوندر سنگهه جي ڌيءَ) ”امرتا سنگهه“ بالي وڊ جي مشهور اداڪارا آهي جنهن 1983ع واري فلم ”بيتاب“ 1985ع جي بيحد ڪامياب فلم ”مرد“ ۽ ”صاحب“، 1986ع جي ”شادي“ ۽ ”نام“، 1987ع جي ”خود غرض“، 1992ع جي ”راجو بن گيا جينٽلمئن“ ۽ ”آئينا“ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. منهنجي خيال ۾ نواب آف پٽوڊي جي پٽ سيف جنهن هاڻ ٻي شادي ڪرينا ڪپور سان ڪئي آهي، ان جي ”امرتا سنگهه“ پهرين زال هئي. سيف علي خان جو پيءُ انڊيا جو نواب ۽ مشهور ڪرڪيٽر منصور علي خان ۽ ماءُ بالي وڊ جي ائڪٽريس شرميلا ٽيگور آهي.

بهرحال هِتي اسان خشونت سنگهه جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هو پاڪستان جي پنجاب صوبي جي خوشاب ضلعي ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ سندس پيءُ سَر سوڀا سنگهه دهليءَ ۾ عمارتون ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهيو هو جِتي جي هڪ اسڪول ”ماڊرن اسڪول“ مان خشونت بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ان بعد هن دهلي جي سنيٽ اسٽيفن ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتي. هن انگلنڊ جي شهر ڪئمبرج جي ”ڪنگ ڪاليج“ مان پڻ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن لاهور اچي اتي جي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪئي.

خشونت سنگهه مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري نوڪريون ڪيون، اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، سياست ۾ رهيو، ناول لکيائين، شاعري ڪيائين، اخبارن ۾ ڪالم ۽ سياسي ڪمينٽريون ڪيائين.

شروع ۾ ٽورنٽو (ڪئناڊا) ۾ انڊين حڪومت طرفان انفارميشن آفيسر ٿي رهيو ۽ 1948ع کان 1950ع تائين انگلنڊ ۽ آئرلئنڊ ۾ موجود انڊين هاءِ ڪميشن ۾ پريس اٽيچي (اتاشي) ۽ پبلڪ آفيسر ٿي رهيو. خشونت سنگهه انڊيا جي مشهور رسالي ”السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا“ (هاڻ هي رسالو بند ٿي ويو آهي نه ته اسان ڪي ڏها هن رسالي کي شوق سان پڙهيو ۽ پنهنجي انگريزي سڌاري. ان کان علاوه هر جهاز تي عورتن جو انڊين رسالو فيمينائن مشهور هوندو هو)، نئشل هيرالڊ ۽ هندستان ٽائيمس جو ايڊيٽر ٿي رهيو. خشونت جو ڪواسجي وانگر هفتيوار ڪالم (جنهن جو عنوان “With Malice Towards one & All”) ايڏو ته مشهور هوندو هو جو ڪيترن انگريزي اخبارن کان علاوه مڪاني مرهٺي، گجراتي، بنگالي ۽ تامل زبانن ۾ به ترجمو ٿيندو هو.

خشونت سنگهه 1980ع کان 1986ع تائين پارليامينٽ جو ميمبر به ٿي رهيو. سندس ننڍو چاچو سردار اُجل سنگهه جنهن 1983ع ۾ وفات ڪئي، پڻ پارليامينٽرين هو ۽ هندستان جي ڏاکڻي صوبي ”تامل ناڊو“ جو 1966ع کان 1971ع تائين گورنر ٿي رهيو. خوشونت کي 1974ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”پدما ڀوشن“ مليو هو جيڪو هن اندرا گانڌيءَ جي سکن جي گولڊن مندر تي گوليباري ڪرائڻ جي ڏک ۽ احتجاج ۾ 1984ع ۾ واپس موٽائي ڏنو. سال 2007ع ۾ کيس هڪ ٻيو صدارتي ايوارڊ پدما وڀوشن عطا ڪيو ويو جيڪو سول ايوارڊن ۾ ٻئي درجي تي اعليٰ آهي.

خشونت سنگهه لکڻ جي معاملي ۾ سڄي عمر لکندو رهيو. سندس آخري ناول The Sunset Club ان وقت لکي پورو ڪيو جڏهن هن جي عمر 95 سال هئي. ان بعد به هو هلڪيون ڦلڪيون شيون لکندو رهيو ۽ مرڻ کان هڪ سال اڳ هن جو ڪِتاب” خشونت ناما ـــ دي ليسنز آف ماءِ لائيف“ شايع ٿيو هو. خشونت ٽيهن کان وڌيڪَ ناول لکيا ان کان علاوه ڪيترائي درجن افسانا ۽ مضمونن سميت 80 کان مٿي ڪِتابَ لکيا. هن لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته هو هر روز صبح جو چئين بجي اٿي لکڻ شروع ڪندو هو. هن جي سکن بابت لکيل تاريخ جا ٻه واليوم “A History of the Sikhs”سندس آتم ڪٿا جو ڪِتاب 2002ع ۾ پينگئن پبلشرس ڇپرايو جنهن جو نالو “Truth, love & a little Malice” آهي. سندس ناولن ۾ “Delhi” پڻ تمام مشهور ٿيو جنهن جي ڇپجڻ سان سندس ايشيا کان علاوه يورپ ۾ هاڪ ٿي وئي. آئون انهن ڏينهن ۾ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهندو هوس. درياهه جي ٻئي پار ڪوپن هيگن ۾ پڙهڻ جو مونکان وڌيڪَ شوقين محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو پٽ محمد علي ميمڻ رهيو ٿي. هو لنڊن مان ان ڪِتاب جي ڪاپي وٺي آيو هو پاڻ پڙهڻ بعد، منٿن سان مونکي هفتو کن اڌارو ڏنائين.

خشونت سنگهه جو هي انگريزي ناول “Delhi” هڪ تاريخي ناول آهي جنهن جي ڪهاڻي دهلي شهر ۽ دهلي سلطنت جي اڳيان پويان چُري ٿي. هن ۾ هڪ جرنلسٽ (ممڪن طور خشونت پاڻ) انگلنڊ ۾ عورتن سان دل پشوري ڪري واپس وطن دهلي اچي ٿو ته هن جي ميل ملاقات ”ڀاڳمتي“ نالي هڪ کدڙي سان ٿئي ٿي جيڪو تِهار جيل ۾ پنهنجي ڏوهن (پنهنجو جسم وڪڻڻ ۽ ڀڙوت جهڙن ڪمن) جي سزا ۾ جيل ڪاٽي ٻاهر نڪري ٿو ۽ ڪنهن سهاري جي ڳولا ۾ آهي ته هن خاطو (جرنلسٽ) سان هن جو ٽڪر ٿئي ٿو. دل جو مهربان هي سِکُ هن جي مجبورين کي منهن ڏئي ٿو. ڀاڳمتي نه مرد آهي نه عورت پر منجھس زبردست جنسي ڪشش آهي. ليکڪ هن عظيم شهر ۽ پنهنجي جنسي تعلقات جا تجربا چئپٽر پٺيان چئپٽر ۾ ڏيندو هلي. ان سان گڏ نادر شاهه، تيمور لنگ ۽ اورنگزيب جا به قصا لکندو هلي جن دهليءَ کي ڦريو لٽيو ۽ مير تقي مير ۽ بهادر شاهه ظفر جو به ذڪر ڪري ٿو جن کي  دهليءَ تباهه ڪيو. هو لال ڪيسٿ جهڙي هندو مان مسلمان ٿيڻ واري نيم تاريخي ڪردار جو به ذڪر ڪري ٿو جنهن چوڏهين صديءَ جي غياث الدين بلبن وٽ ڪم ڪيو ٿي. هو مغل سلطنت جي سج جي اڀرڻ کان نهال سنگهه مسواڙ جي سک قاتل جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو مغلن کان بدلو وٺڻ ڪارڻ 1857ع واري بلوي کي ٻنجو ڏيڻ ۾ انگريزن جي مدد ڪري ٿو. هو مغلن جي حڪمت جي ٻڏندڙ سج ۽ انگريز ڪاموري جي زال الائين الڊويل جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا قيد جي سزا کان بچڻ لاءِ مسلمان ٿي پر ان هوندي به هوءَ پاڻ کي زوريءَ زنا کان بچائي نه سگهي ۽ هڪ تيز واپاري طبيعت جي پنجابي بزنيس مئن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪو دهلي جي Lutyen علائقي جي عمارتسازي لاءِ انگريز حڪومت کان ٺيڪو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي (سر سوڀا سنگهه ليکڪ جو والد ئي اهو ”هڪ ماڻهو“ هو)، ته ان هندو نوجوان جو به جنهن جي ڀيڻ کي هندستان جي ورهاڱي دوران پاڪستان ۾ اغوا ڪري ريپ ڪيو ويو ۽ هن راشٽريا سوايام سيوڪ سانگهه (RSS)۾ ڀرتي ٿي دهلي ۾ مسلمانن جو قتل ڪيو ۽ ان واقعي جو به اکين ڏٺو شاهد ٿيو جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ کي قتل ڪيو ويو.

سردار صاحب ٻڌايو ته اهو ناول “Dehli” کيس مڪمل ڪرڻ ۾ اٽڪل 25 سال لڳي ويا هئا. هن اهو ناول پنهنجي پٽ راهول سنگهه ۽ نيلوفر بلموريا کي منسوب ڪيو آهي. هن چرچن چرچن ۾ چيو ته:

“History provided me a skeleton, I covered it with flash and injected blood and a lot of seminal fluid into it”.

خشونت سنگهه جي اجازت سان هن ناول جو اڙدو ترجمو لاهور ۾ عرفان احمد خان ڪيو جيڪو سال 1988ع، ان بعد 1999ع ۾ ۽ ٻه دفعا سال 2000ع ۾ ۽ ان بعد 2005ع ۾ ڇپيو. غير قانوني طرح يعني خشونت جي اجازت بنا ته هن ناول جا اڙدو ۽ انگريزي ڇاپا ڪيترائي ڇپيا آهن ۽ ڪي ته اهڙي سادي ڪاغذ ۽ ڇپائي وارا آهن جيڪي پڙهڻ مشڪل آهن پر خشونت جا پرستار اهي به خريد ڪندي نطر اچن ٿا.

ناول ان سين تي ختم ٿئي ٿو ته اندرا گانڌيءَ کي سندس سک گارڊن قيتل ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ غصي ۾ هجوم سندس (يعني هن جرنلسٽ جيڪو پاڻ خشونت ئي چئي سگهي ٿو) جي پاڙي ۾ رهندڙ سکن جو ڪوس ڪري رهيا آهن.

ڳالهه اها آهي ته سردار خشونت سنگهه هميشه اهو ئي ڪجهه لکيو آهي جيڪو هن جي دل ۾ آيو آهي. هو هميشه پنهنجي خيال جو اظهار کلئيءَ دل سان ڪندو هو ۽ اڪثر سيڪس ۽ عورتن تي ڏنل بيانن ڪري مخالفتن جو شڪار ٿي ويندو هو. ان ڪري هو ڀارتي ادب جو “Dirty old man” (ڪمينو ڪراڙو) سڏجڻ لڳو هو. پر هن ان لقب تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو. ها، انڊيا جي ”آئوٽ لڪ“ رسالي جي ايڊيٽر ونود مهتا سان هڪ دفعي ڳالهه ٻولهه ۾ چرچي خاطر ايترو ضرور چيو ته ”ماڻهو مونکي ڊرٽي اولڊ مئن ته سڏڻ لڳا آهن پر منهنجن ڪِتابن ۾ توهان کي سيڪس جو ڪو گهڻو احوال نه ملندو. مون گهڻو تڻو سنجيده موضوعن تي ئي لکيو آهي.“

ڪواسجي وانگر خشونت جو به هفتيوار ڪالم ”ود ميلس ٽوورڊز ون ائنڊ آل“ (بخشيو ڪنهن کي به نه ويندو) بي انتها مقبول هو ۽ مون جهڙا لکين ماڻهو ان کي پڙهڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا. اڄ مونکي ڪواسجي ۽ سردارجي جي وڇوڙي جي افسوس کان وڌيڪَ هنن جي ڪالمن پڙهڻ کان محروم رهڻ جو ڏک آهي. ڪير آهي جيڪو لکڻ ۾ اهڙو سچار ۽ بولڊ هُجي.

خشونت کي هندستان جي ورهاڱي جي جنون بابت لکيل ڪتاب ”ٽرين ٽو پاڪستان“سڀ کان گهڻي شهرت ڏني. 1956ع جو ڇپيل هي ڪِتاب اڄ به ڪيترين ئي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهي.

خشونت کي پيريءَ ۾ به ڇوڪرين ۽ عورتن سان ملڻ ۽ چرچا ڀوڳ ڪرڻ جو وڏو شوق هو. ان ڏينهن دنيا اخبار جي ڪالم نِگار محترما انجم نياز جو خشونت سان ملڻ جو احوال پڙهي رهيو هوس ته ان به ان بابت لکيو آهي ته هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ رکي رکي چرچن جو ”تڙڪو“ به ڏئي رهيو هو. ساڳي وقت مونکي غور سان ڏٺو ٿي ته آئون پريشان ته نٿي ٿي وڃان. حقيقت ته اها آهي ته آئون واقعي ٿورو گهڻو منجھي پئي هيس ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهيو هيم ته ڇا هي احمقاڻا چرچا ٻڌڻ لاءِ هِتي آئي آهيان. هي چرچن جو دور هلندو رهيو جيسين چرن جيت سنگهه (ببلز) اتي آئي. هن جي پرڪشش شخصيت ۽ نشيلي اکيون هيون. هوءَ ريشم جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هئي. هن کي ڏسي خشونت سنگهه جي چهري تي رونق اچي وئي. ائين لڳو ڄڻ هن آبِ حيات پي ورتو هجي. خشونت سنگهه پنهنجي خوبصورت مهمان کي ٻڌايو ته هن ميريڊن هوٽل جي سئلون ۾، جِتي هو منهن ۽ هٿ پيرن جي مالش مساج ڪرائڻ ويو هو اتي هڪ حسينا جيڪا هن جي ٽريٽمينٽ ڪري رهي هئي، ان سان هن فلرٽ ڪيو هو ۽ پوءِ پاڻ ئي لقمو ڏنائين ته ”سب چلتا هي …“

جنهن شامَ جو آئون خشونت سان سندس گهر ملڻ لا3 ويو هوس ان ڏينهن به مونکان علاوه باقي سندس ٽي مهمان عورتون هيون. پنهنجي پيٽارو جي اوڏ دوستن: پروفيسر رامچند ۽ سندس ڀاءُ انڪم ٽئڪس ڪمشنر نول راءِ اوڏ جي پٽن جي شاديءَ جي سلسلي ۾ ڪنڊياري ۽ ڪراچيءَ کان نڪتل ڄڃ کي دهليءَ ۾ مهينو کن رهڻو پيو هو جنهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ جو سٺو موقعو ملي ويو هو. فلم ائڪٽر فيروز خان سان منهنجي پهرين عيلڪ سليڪ هئي جنهن منهنجي خشونت صاحب سان ملاقات ڪرائي.

خشونت سنگهه وڏي عرصي کان وچ دهلي ۾ سنجن سنگهه پارڪ واري علائقي ۾ رهي ٿو. سندس زندگي جو آخري ڏينهن به اتي گذريو جِتان پوءِ سندس لاش کي ميل کن اڳيان لوڌي روڊ واري شمشان گھاٽ ۾ ساڙيو ويو. دهلي جي مشهور ۽ پاش مارڪيٽ ”خان مارڪيٽ“ جنهن جو ذڪر آئون پنهنجي پهرين انڊيا واري سفرنامي ”دهلي جو درشن ۾ ڪرري چڪو آهيان، جي بلڪل ڀرسان ”سجن سنگهه پارڪ“ وارا فلئٽ آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته دهليءَ جو پهريون ”اپارٽمينٽ ڪامپليڪس“ آهي جيڪو خشونت جي والد صاحب هندستان جي ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ ٺاهيا هئا. سبرامنيا ڀارتي مارگ (روڊ) تي هن ڳاڙهين سرن واري اپارٽمينٽ بلڊنگ ۾ خشونت سنگهه جو گرائونڊ فلور تي E49 نمبر فلئٽ هو. هن عمارت جو نالو ”سجن سنگهه“ سر سوڀا سنگهه پنهنجي پيءُ يعني خشونت جي ڏاڏي نالي رکيو. ائڪٽر فيروز جي ڀيڻ دلشاد شيخ به هن جي پاڙيسري آهي. خشونت ٻڌايو ته فيروز خان جيئرو هو ته مون ڏي روز ڪواب موڪليندو هو يا شايد دلشاد وارا موڪلين ٿا جو ان ڏينهن به ڊنر تي ڪواب هئا. هونءَ به سندس گهر جي ڀرسان واري خان مارڪيٽ جا ڪواب سڄي دهليءَ ۾ مشهور آهن خاص ڪري ”سليم ڪباب“ ۽ ”خاص چاچا ڪباب“ شاپ وارن جا.

پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو به لکندو هلان ته دهليءَ جي خان مارڪيٽ جو نالو پاڪستان جي اسفند يار جي ڏاڏي ۽ ولي خان جي والد ’خان عبدالغفار خان‘ جي نالي آهي جنهن کي ”فرنٽيئر گانڌي“ ۽ ”بادشاهه خان“ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو. هِتي اهو به لکندو هلان ته ”باڇا خان“ به خشونت سنگهه جيتري عمر پاتي. هو 1890ع ۾ ڄائو هو ۽ 1988ع ۾ وفات ڪيائين. بهرحال دهليءَ جي هيءَ ”خان مارڪيٽ“ جيڪا پاڪستان ٺهڻ بعد ٺهي ۽ خوشونت جي والد سر سوڀا سنگهه جي ”سجن سنگهه پارڪ“ ٺهرائڻ کان ڏهه سال کن پوءِ ٺهي، دهليءَ جي ان اهم علائقي ۾ آهي جِتي زمين جو اگهه سڀ کان گهڻو آهي. هيءَ مارڪيٽ ”انڊيا گيٽ“ جي بلڪل ويجهو ان هنڌ تي آهي جِتي مهارشي رامائن مارگ (روڊ) سبرامانيا ڀارتي مارگ سان ملي ٿو. ٿورو ئي اڳتي لوڌي باغ به آهي. خان مارڪيٽ وٽ انڊرگرائونڊ ميٽرو اسٽيشن پڻ آهي. دهلي جا ڪجهه اهم روڊ جهڙوڪ شاهجهان روڊ، پرٿوي روڊ، همايون روڊ، اورنگزيب روڊ پڻ ڀرسان ئي آهن. انگريزن جي ڏينهن جي ائمبسڊر هوٽل جيڪا هاڻ ”تاج وي وانتا“ سڏجي ٿي پڻ خشونت سنگهه جي گهر واري علائقي سجن سنگهه پارڪ وٽ آهي. خشونت سنگهه جي گهر ڀرسان وهندڙ ”سبرامانيا ڀارتي روڊ“ اڳيان وڃي ڊاڪٽر ذاڪر حسين مارگ سان لڳي ٿو. انڊيا ۾ اهم روڊ کي ’مارگ‘ سڏجي ٿو جيئن ملائيشيا ۾ ”جالان“ ۽ اسان وٽ ”شاهراهه“ هونءَ مارگ لفظ سنڌي ۾ به رستي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. شاهه لطيف جو هڪ بيت آهي ته: ”مارگ جي مرن وڏو طالع تن جو“ جيڪي روحاني واٽ ۾ ٿيون مرن، تن جو بخت وڏو چئبو. مارگ معنيٰ رستو، راهه، واٽ، ماڙ وغيره. سسئي محبت جي مارڳ ۾ مئي، تڏهن ته سندس نالو ديسان ديس وڄي ويو.

خشونت جي گهر جي ٻاهران سندس نالي جو بورڊ ته نظر نه آيو بلڪه اهو بورڊ ضرور هو جنهن تي لکيل هو:

Please do not ring the bell

Unless you are excepted

يعني توهان کي دعوت آهي يا توهان آڳهين appointment ورتي آهي ته پوءِ ڀلي ڊور بيل وڄايو. مونکي اهو به چيو ويو ته خشونت سان ملڻ وقت سندس گهر جو بيل فقط هڪ دفعو وڄائجانءِ. منهنجي جڏهن خشونت سان ٻيو دفعو دهليءَ ۾ ملاقات ٿي ته هو ڪافي ڪراڙو ٿي چڪو هو. نوي سالن جي لڳ ڀڳ هو پر ته به چرچن ڀوڳن ۾ ۽ آيل مهمان عورتن کي ڳراٽڙي پائي ملڻ ۾ نوجوان لڳو ٿي. هو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سياست جون به خبرون پڇي رهيو هو جنهن بابت منهنجي ڄاڻ مشڪل سان پاسنگ مارڪن يعني 33 سيڪڙو تائين مس رهندي آهي. ڏهن سالن بعد، اڳئين پير پاڳارو صاحب جي وفات کان هڪ سال اڳ جڏهن جپان کان آيل پنهنجي ڏهٽي احسن ميمڻ جي شوق تي آئون ساڻن ملڻ ويس ته ان وقت سندن عمر ۽ خبرون پڇڻ جو اسٽائيل مونکي دهلي ۾ مليل خشونت ياد ڏياري رهيو هو. منهنجي سياست ۾ اڻ ڄاڻائي ڏسي مٿيون 33 سيڪڙو پاس مارڪن وارو جملو پيرپاڳاري مون لاءِ چيو هو.

خشونت جو ڪمرو هر اديب جي ڪمري جيان لڳو. صوفي ڀرسان ننڍي ٽيبل جنهن جي مٿان لکڻ لاءِ پنا ٻئي پاسي ڊريسنگ ٽيبل جهڙي الماري جنهن تي ميڪ اپ جي سامان بدران رڳو ڪِتاب ئي ڪِتاب. مٿي تي پڳڙيءَ بدران پشم جي ٽوپي جيڪا اسان ناروي ۽ سئيڊن جي سيءَ ۾ گهر ۾ پائي وهندا هئاسين. صوفي جي پويان ”بُخاري“، جنهن ۾ سياري ۾ ڪاٺيون ٻاري ڪمري کي گرم رکبو آهي.

خشونت کي جِتي ادب، شعرو شاعري، جرنلزم جو شوق آهي اتي پيرپاڳاري وانگر سياست جو به آهي. هو وزير اعظم اندراگانڌيءَ سان 1960ع ۾ تمام ويجھو رهيو. ان بعد 70 ۾ ۽ هڪ دفعو وري 1980ع ۾ به هو اِندرا جي تعريف ڪندو رهيو ۽ هن جي ڪچن ڪئبينيٽ جو ميمبر رهيو. خشونت سنگهه جي جن پرستارن کي سندس اها ڳالهه نٿي وڻي انهن ماڳهين سندس نالو ”خوشامدي ٽوڊي (Toady) سنگهه“ کڻي رکيو، پوءِ 1984ع ۾ جڏهن اِندرا سکن جي امرتسر واري اهم مندر (Golden Temple) تي حملو ڪرايو ته خشونت حڪومت طرفان کيس مليل ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو ۽ اندرا جي سياست ۽ پارٽي کي هميشه لاءِ باءِ باءِ ڪري ڇڏيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻو گهڻو پوءِ اندرا جي ننهن سونيا گانڌيءَ خشونت کي سندس لکڻين تي ان کان به وڏو ايوارڊ ڏنو. امرتسر جي گولڊن ٽيمپل واري حملي ۾ 450 کان مٿي سک ماريا ويا. پنجن مهينن بعد اندرا گانڌيءَ کي سندس ٻن سک گارڊن قتل ڪري ڇڏيو. هندو جوش ۾ اچي ويا ۽ دهليءَ ۾ سکن جي مار مارا شروع ڪري ڏنائون. اسان واري خشونت سنگهه دهلي ۾ موجود سئيڊن جي سفارتخاني ۾ وڃي پناهه ورتو….. جنهن بابت هو پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته:

“I felt a refugee in my own country”

بهرحال، خشونت ان ڳالهه جي حق ۾ بلڪل نه هو ته سک پنهنجو الڳ ملڪ ”خالصتان“ ٺاهين.

خشونت وٽ آيل مهمان ۾ هڪ سندس Best فرينڊ خاتون ”سعديه دهلوي“ به هئي. سعديه جي خشونت ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ ان بعد مونکي به اڄ تائين جڏهن موقعو ملي ٿو ته سعديه جي ڪا لکڻي پڙهيو وٺان، سعديه به پنهنجي ڪالمن ۾ خشونت جي ڏاڍي تعريف ڪندي رهي آهي جنهن مان سندس خشونت لاءِ (يا شايد سندس فقط لکڻين لاءِ) هن جي دل سان چاهت جو اظهار ظاهر ٿئي ٿو. سعديه دهلوي صوفيزم جي اسڪالر آهي. خشونت سنگهه سندس 1993ع ۾ ڇپيل ڪِتاب “Not a nice man to know”سعديه کي منسوب ڪيو آهي ۽ سندس اسڪئنڊلن واري ڪِتاب “Women and men in my life”جي ٻاهران ڪور تي سعديه دهلويءَ جو فوٽو ڏنو آهي.

سعديه جي هڪ بلاگ thedehliwala.com۾ سعديه لکي ٿي ته ”مونکان جيڪڏهن توهان پڇندائو ته ليکڪ خشونت سنگهه جي زندگيءَ ۾ ڪهڙيون عورتون رهيون آهن ته آئون اهو ئي چونديس ته اها فقط آئون ئي آهيان. خشونت لاءِ عورتون ان ڪري ڪشش محسوس ڪن ٿيون جو هو هنن سان همدردي ڪري ٿو…. هنن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو…. جن جي دل ٽٽي پئي آهي انهن کي پنهنجو ڪلهو ڏئي ٿو ۽ هنن جا ڳوڙها اگهي ٿو. هن کي هر ماڻهوءَ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مون سميت ڪيترن ئي ليکڪائن ۽ ليکڪن جي ڪامياب بنجڻ ۾ خشونت جي همٿ افزائي شامل آهي. …(هلندڙ)…

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments