دبئي ۽ ابوظهبي ۾ ڌماڪا، 3 ڄڻا فوت
ابوظهبي ۽ دبئي جي گڏيل عرب امارتن جي شهرن ۾ ريسٽورينٽ تي گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب ابوظهبي ۾ شيخ رشيد بن سعيد روڊ تي واقع هڪ ريسٽورينٽ ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا. اهلڪارن چيو آهي ته ابوظهبي ۾ ڌماڪو ايترو شديد هو جو اتي موجود دڪانن کي به نقصان پهتو آهي. اختيارين موجب ريسٽورينٽ ۾ دھماڪو گئس پائيپ لائين ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو آهي. ٻيو ڌماڪو يو اي اي جي سياحتي مرڪز دبئي جي هڪ ريسٽورينٽ ۾ ٿيو جتي هڪ شخص فوت ٿي ويو. اختيارين مطابق ڌماڪو گئس سئلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي.