شاعري

رفيه بخاري جا نظم (انگريزي مان ترجمو) سڪندر عباسي

اذيتناڪ ادائگي

ميڻ بتي بڻجو

جيڪا پنھنجي حفاظت جو خيال ڪرڻ کان سواءِ

ٻين جي راهن ۾ روشني ڪري ٿي،

ڇا ڪڏهن توهان هن جي لڙڪن جي لاءِ سوچيو آھي!

جيڪي توهان جي آڏو وهايا ويندا آھن،

پر مان سوچيان ٿي رات جو سي منھنجي دل تي ڪرن ٿا،

سڀني لاءِ ڪيڏو نه نماڻو مثال آھي،

ھيءَ ڪھڙي طرح طوفان جي آڏو پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ٿي !

ڪيترائي ڀيرا اسان ٻنھي هڪٻئي جي بدران ڳوڙھا ڳاڙيا آھن،

هڪ دفعي مون کيس چيو،

مون کي لڙڪ وهائڻ جو شوق آھي،

سڄي حياتي مون کي پنھنجي بدران لڙڪ لاڙڻ ڏي

يا مون کي اونداهي ۾ ويھڻ ڏي

مون لاءِ اونداهي بھتر آھي،

ڇاڪاڻ ته مان تنھنجا ڳوڙھا ڏسي نٿي سگھان.

هن وراڻيو ”نه پياري“

مون کي تنھنجي احساسن جو اندازو آھي،

پر اهو تنھنجو ڪم ناهي ان جي عيوض تون مون سان هڪ واعدو ڪر،

جڏهن طوفان ايندو آھي ۽ مون کي وسائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي،

مھرباني ڪري مون کي اڪيلو نه ڇڏج منھنجي هن کان حفاظت ڪج.

اهڙي ئي هڪ رات مون ايئن ئي ڪيو،

مان پنھنجو واعدو پاڙيو

جڏهن طوفان آيو،

مان پنھنجا هٿ ساڙي هن جي حفاظت ڪئي.

***

خاموش گھٽي ۾ اڪيلي

مان اڃان تائين پاڻ کي سمجھي نه سگھي آھيان.

مان ڇا ٿي چاهيان،

مان ڪٿان آئي آھيان،

۽ مان ڪيڏانھن وڃي رهي آھيان!

ڪڏهن ڪڏهن مون کي محسوس ٿيندو آھي مان ان ٻار جيان آھيان

جيڪو هڪ خاموش گھٽي ۾ اڪيلو بيٺو آھي،

هن جا سمورا ساٿي لڪي ويا آھن.

هو سڏڪي رهيو آھي

پر کيس ڪوبه وراڻو ڪونه ٿو ڏئي،

خاموش گھٽي ۾ فقط سندس ئي سڏن جو پڙاڏو هجي ٿو.

گھٽي جا سمورا دروازا بند آھن،

زندگي جي خاموش گھٽي ۾ مان ان ٻار وانگر اڪيلي بيٺي آھيان،

منھنجي زندگي جي سفر ۾

منھنجا سڀ ساٿي غائب ٿي ويا آھن.

***

پينگھو

مان پنھنجي پينگھي کي ڏاڍي سڪ سان ساريان ٿي،

جنھن کي منھنجي ماءُ وڏي اڪير سان سنڀالي رکيو آھي،

جيڪو منھنجو بابا منھنجي لاءِ پيار ۽ پاٻوھ منجھان وٺي آيو هو،

اهي پل پوئتي موٽي ڪونه ٿا سگھن جيڪي مان ان پينگھي ۾ گذاريا،

جيڪي هاڻي ڪنھن هنڌ هٿيڪا آھن

مون کي بلڪل به ياد ڪونھي ته

جڏهن مان ان ۾ لڏندي هيم ته ڇا محسوس ڪندي هيم،

هاڻي پنھنجي زندگي جي هن مصروف ترين حصي ۾

انھن گھڙين جي احساسن کي ئي ياد رکي سگھان ٿي

جيڪي پڪ سان تمام خوشگوار هيا،

جڏهن مان پينگھي ۾ رني هوندس

ته منھنجي ماءُ ضرور مون کي پنھنجي ٻانھن ۾ کنيو هوندو

هن ضرور مون کي چميو هوندو

سندس مٺين جي سرهاڻ، ٻانھن جي پڪڙ

۽ ڊگھا ڀاڪر منھنجو مڪمل منافعو آھن،

ڪهڙا نه خوشگوار ڏينھن هيا

جڏهن منھنجي ماءُ مون کي ماني کارائيندي هئي

هوءَ منھنجي ڪري سمورا ڪم ڇڏي ڏيندي هئي.

او منھنجي پياري ماءُ

مان تنھنجي انھن راتين جون مھربانيون

مڃي نٿي سگھان جيڪي تو جاڳي گذاريون.

جڏهن منھنجو هٿ ٿورڙو سڙي پيو هيو

ته تون ڪيترو نه رني هئينءَ

ڇو ته تو منھنجي تڪليف مون کان وڌيڪ محسوس ڪئي هئي.

پر مان هاڻي ڪونه ٿي روئان

ڇو ته مان پنھنجو هٿ پاڻ ساڙيان ٿي.

مون کي هرهڪ وک تي تنھنجي دعائن جي ضرورت پئي ٿي

منھنجي امڙ

اهي فقط تنھنجون دعائون آھن

جن منھنجي هر شعلي کان پئي حفاظت ڪئي آھي

منھنجي امڙ

تو مون کي معاف ڪرڻ

۽ سدائين صبر ڪرڻ جو سبق ڏنو آھي

اهو سبق مون کي

انتقام جي ٻرندڙ احساس وقت پرسڪون رکي ٿو،

مان محسوس ڪريان ٿي

ته رڳو تون ۽ خدا ئي مخلص آھيو

فقط تنھنجي پيار جي ڪري

مان سڀني سان پيار ڪرڻ سکيو آھي

مان محبت جي هر احساس جي پٺيان

رڳو تنھنجو عڪس پسان ٿي

منھنجي امڙ ڇا تون ڄاڻين ٿي

جڏهن اداسيءَ جي ڪڪر جا پاڇا

منھنجي مٿان پون ٿا

ته مان ماٺ ڪري تنھنجي ڀر ۾ ويھي رهان ٿي

۽ رڳو تنھنجي پاسي ۾ ويھڻ

ئي مون کي گھڻو سڪون ڏئي ٿو

جنھن جو دنيا ۾ ڪوبه نعم البدل ڪونھي

اها فقط تون ئي آھين

جيڪا منھنجي پينگھي جي

منھنجي ننڍپڻ کان حفاظت ڪندي رهي آھين.

منھنجي امڙ

ھي ننڍڙا احساس آھن

جيڪي مان تڏهن محسوس ڪيا

جڏهن مان تنھنجي وجود جو حصو هيس

حقيقت ۾ نه منھنجو ڪوبه لفظ

نه ئي مان تنھنجي مھرباني مڃي سگھون ٿا

منھنجي دل توتي لکڻ بند ڪرڻ تي نٿي چوي

رڳو توڏانھن نھارڻ سان ئي

منھنجا سڀ ڏک اڏامي وڃن ٿا

او منھنجي مٺڙي ماءُ

منھنجون هزارين حياتيون توتان قربان ٿي سگھن ٿيون

مان پنھنجون هزارين حياتيون تو لاءِ وقف ڪريان ٿي.

***