رواجن جي قيدياڻي
پينگھي جي تيز لوڏي ۾ ڳاڙھن وارن کي وکيريو ھوءَ ڪاٺ واري ڇت ڏانھن گھوري سوچن جي ور چڙهيل خوابن جي ڪنھن سفر منجھ گرفتار ھئي.
مائي ڀاني پينگھي جي ڀرسان پٽ تي ويٺل کيس زورائتا لوڏا پئي ڏنا.
ٽيپ تي گانا وڄڻ جي ڪري مائي ڀاني پڻ جھومي مزه وٺڻ لڳي.
نڀاڳي رن صحيح لوڏو ڏينم.
اڳئي ھلڪي لوڏ جي ڪري آئون پنھنجي خيالن جي دنيا مان جلد ٻاھر نڪري آيس.
بيبي سانئڻ آئون گھور وڃان ڪاوڙجندا نه ڪريو.
ڀاني پينگھي جي لوڏ کي ھٿ سان جھلي کيس پيرن کي زور ڏيڻ لڳي.
بيبي اڄ ته توھان بلڪل ريکا جھڙا پيا لڳو.
ڀاني، بيبي جو موڊ مٽائڻ لاءِ ڪوڙي تعريف ڪئي.
جنھن کي ٻڌڻ ساڻ بيبي خوشي منجھان پينگھي ۾ اٿي ويٺي.
پنھنجي ڳاڙھن ميندي لڳل وارن تي ھٿ ڦيري چوڻ لڳي
سچ ٻڌائي.
ھوءَ اھو چئي ماضي جي ويڪرن پاڇن ۾ لٽجي وئي.
ڪو وقت ھوندو ھو، منھنجون سرتيون مون کي ريکا جو نانءُ ڏيئي پڪارينديون ھيون، ھوءَ ڇوڪرين جيان شرمائڻ لڳي.
وقت ڇا بيبي توھان ته اڄ به سورھن سالن جي ڇوڪري لڳنديون آھيو.
ڀاني ھڪ دفعو ٻيھر مسڪو ھنيس.
۽ ھوءَ خوش فھمي ۾ جڪڙيل، ڀاني جي ڳالھين تي ڄڻ پاڻ کي واقعي نئين ننڍي ڇوڪري سمجھڻ لڳي.
ائي مومي
جي بيبي زرتاج
مومي جنھن اڱڻ ۾ ٻير ھيٺان بيٺي ٻير پئي ڇاڻيا.
بيبي جي ڪري جھول ڀريو ٽپا ڏيندي وڏي ورانڊي منجھ آئي.
ٻڏي نٿي مرين ھيڏي ساري ڇوري ٻارن جيان پئي ٻير ميڙين،
ھل مون واري ڪمري منجھان درسني ۽ سينگار باڪس کڻي اچ.
اکيون طوطي وانگر ٽمڪائي ٻيرن کي پٽ تي اڇلائي مومي ڪمري ڏانھن وئي،
ائي ڇوري ته گدلي ميري ڏسو نه وھنجي نه ڦڻي ڏي
مٿي منجھ جيون پيون سُرنس.
رڳو کاڌي جي ڪڍ آھي.
ڀاني بيبي کي مرچ مصالحه ھڻي مومي جون برايون ٻڌايون.
مومي منھن سڄائي وراڻيو
ڇو ھونديس آئون ميري
ھاڻ وات نه ڪر گھڻو
ٽر ھتان نڪر!
بيبي کيس دڙڪا داٻ ڏيئي
ورانڊي مان ڪڍيو
مومي ٻير پٽ تان ميڙيندي
سونڊ منھن ۾ وجھيو
بڙ بڙ ڪندي واپس اڱڻ ڏانھن وئي.
بيبي زرتاج درسني ۾ پنھنجو منھن ڏسندي ئي خوشي سان مرڪي.
چھري تي گھنج اکين ھيٺان ھلڪا، ڀرن ۾ اڇن وارن جا ڪجھ مانجھا، پر ھو سڀ وساري پاڻ تي ديواني ٿي پئي.
ڇوري مومي او ڇوري
بيبي زرتاج درسني کي گوڏي تي رکي پاڻ کي ڏسندي مومي کي سڏ ڪيا.
مومي ماٺ ڪري ويھڻ کان عاجز
پئي اڱڻ ۾ ٽپا ڏنا
ڪڏھن ھيڏانھن پئي ڊوڙي ڪڏھن ھوڏانھن
سوپاري جي پڙي پلو مان ڇوڙي
سڳي ٺاھيندي آخر ڀاني پٽ تان اٿي.
اچ ڇوري، بيبي سانئڻ سڏينئي پيون
مومي، ڀاني کي ڏس ساڳيو سونڊ منھن ڪري آئي
بي فضيلتي
وڏي ننڍي جي شناس ئي ڪونه ٿئي
ڀاني کيس ڪنڌ تي ڌڪ ھڻي ڪڍيو.
جي بيبي
ڪروڌ واري انداز ۾
مومي اچي بيبي جي اڳيان بيٺي
ماچس واري باڪس مان ڪجل ڪڍي بيبي ڏيندي چيس.
ھا وٺ ڌوئي اچ
جيستائين مومي ڪجل ڌوتو بيبي پنھنجي ڳاڙھن وارن جون چڳون پئي وٽيون.
آئينو ڏسندي پئي مسڪرايائين
ڪجل جون ڪانيون پائي
لالي جي ننڍڙي پيتي کوليائين
ڇوريون ھي ڏسو
ڀائو جو وڏو پٽ ولايت مان وٺي آيو ھو
واهه بيبي ڇا ته رنگ اٿس
توھان جا ڳل تڏھن ته گلاب وانگر لڳندا آھن.
ڀاني ڀر ۾ اچي کيس تعريف ڪري پاڻ وڻائڻ کان ڪين مڙي.
مومي چيلھ تي ھٿ رکي وارن کي کني ٻڦو اڏائيندي
بيبي سان ھُج ڪئي
بيبي اھا سينگار واري دٻي جڏھن پراڻي ٿئي ته مون کي ڏجو
ڇو ڏانئڻ، بيبي تان صدقو ڪري ساڙيائين
تون وري اک وجھي ويٺي آھين
ڀاني کيس ھيانوَ پٽڻ جھڙيون دانھون ڪري چيو.
بيبي، ڏسو نه ماسي ڀاني رڳو پئي مون تان سڙندي آھي
مومي ناسون ڦيري ڪاوڙ مان ٻاھر ڊوڙي وئي.
بيبي کي پنھنجي سينگار ماڻڻ مان فرصت ئي ڪونه ھجي جو مومي جو فرياد ٻڌي.
ڀاني اھو کُسو ته اگھ،
لپ اسٽڪ ھڻندي عجيب نموني جا چپ ڪري چيائين.
ڀاني پينگھي جي ڀرسان پيل سالن پراڻو ميرو کُسو اگھندي
ڪرڀ وارو نمونو ڪيو،
بيبي کُسو پائي
پينگھي ۾ ٺھي جڙي تيار ٿي ويٺي
ھٿن تي گھنج ھوندي ميندي جا تکا ٽوپ ٺھيل
آڱرين ۾ منڊيون
ٻانھن ۾ سونيون چوڙيون.
بيبي پاڻ کي حويلي جي راڻي پئي سمجھو.
ڀاني، وسندي بورچيخاني ۾ اٿئي چئينس ته شام جي چانھ ٺاھيو اچي
۽ ڏسجانءِ ته ڪونج وڏو اڱڻ ٻھاري ڇڏيو ھجي ته ھيڏانھن سڏينس.
جي سانئڻ۔۔۔!
گھڙي کن ۾ ڪونج به نخره ڪندي ورانڊي ۾ آئي،
صدقو پنھنجي بيبي سانئڻ تان
بيبي زرتاج جا ھٿ چميو اکين تي رکيائين
ائي رن آئون به تنھنجو انتظار ڪري رھي ھئس
ڇوري ڇا ٿيو فون ٻون ڪا آيئي
نه بيبي ھٿ ۾ جھليل موبائيل فون ڏيکاري چيائين
الائجي ڪٿي آھي،
فون ئي ڪونه ٿو ڪري
ٻني تي ھوندو
ھان…!
بيبي وسندي کان چانھ جو ڪوپ وٺي حيرت منجھان چيو.
ڀاني کي به سڏينس سڀ اچو ويھو
سڀئي ٻانھيون پٽ تي ويھاري بيبي ڄڻ خوش ٿي پئي
مومي تون به پير ڌوئي اچي ويھ
حاضر بيبي
مومي اڱڻ واري نلڪي مان آلا پير لڦ لڦ ڪندي ورانڊي ڏانھن آئي.
ڇوري وسندي ڪمري منجھان ولايت وارا بسڪيٽ ته آڻي ڏينم
ذرو ذرو توھان کي به ڏيان
بيبي ڇا ته اھي بسڪوٽ آھن
مون ته ھيڏي ڄمار منجھ ڪونه کاڌا
مڙس کي به ٻڌايان پئي
چئي پيو رن ڪو ٽڪر مون لاءِ به کنيو اچجانءِ
ڀاني لالچ واري انداز ۾ اھو چيو.
ڏينديسانءِ ھڪ سڄو بسڪيٽ ڏجانس.
بيبي وري ڪڏھن ٿا اچن سائين سلمان جن ته ڪو بسڪوٽ ٻسڪوٽ کائون
ڪونج سُر سُر چانھ جو ڍڪ ڀريندي چيو.
بس ڇوري
بيبي وڏو ساھ کنيو
ادا سائين گذاري ويو
زال ڌاري ٻئي پٽ وٺيو شھر ھلي وئي
ھاڻ ته سندس کان به پري ولايت ويٺا آھن.
پر مون سان چاھ اٿن
فون تي ڳالھائين، ڳوٺ اچن.
ھائو بيبي
توھان به پنھنجي زندگاني انھن مٽن پويان وڃائي
سچ ٿي چئين رن
بيبي ڏک واري لھجي ۾ چيو
خاندان ۾ ڪو رشتو ڪو نه ھو ٻاھر جو اسان ۾ رواج ڪونه هو
پوءِ مون ساري عمر ايئن گذاري
مائٽن تي قربان ڪئي.
الله سائين توھان کي جھجو ڏنو آھي
ھائو ڀاني سچي آھين.
ڏي خبر ڪونج
پڻھين رشتي تي راضي ٿيو…؟
نه بيبي سانئڻ ڪٿي
ڀاءُ کي خبر پئي ته ماڳھين ماريم پيو
ڇو ڙي ڀاڻين سندس ڀيڻ پرڻجي ويٺو آھي
توکي وري ماري پيو
ڀاني بسڪيٽ جي ڀور ڦَڪي چيس.
ڏس نه ادي
ڇا ڪريان…
گھر وڃڻ تي دل ئي ڪونه ٿي چئيم
شڪر آھي جو بيبي وٽ سک سان پئي رھان
گھر ته ماڳھين مون کي جيئڻ ڪونه ڏين
بيبي بسي ۾ چانھ جا ڍڪ ڀريندي کين چتائي ڏسڻ لڳي
ڇوڪرو به سٺڙو ته آھي
وسندي کٽ واري رلھي ٺاھيندي چيو.
ھا ڏٺو آھي نه تو
ڪيڏو نه سھڻو آھي
فلمن جي ھيري وانگر
بڇڙو ڪارو ڪوجھو
نشئي ته آھي
مومي بسڪيٽ جي ڀور ٿڦيل آنڱريون چولي سان اگھندي چيو۔
بيبي ھي ڇوري نه سڌرندي
وڏين ۾ تنھنجي ڳالھائڻ جو ڪھڙو ڪم
رومال سان چپ اگھي بيبي کيس ڪاوڙ مان نھاريو
مومي اکيون گوديون ڪري چانھ جو پيالو وات تي چاڙھي
ھڪ زوردار اوڳرائي ڏيئي اڱڻ ڏانھن ڊوڙي.
ڀاني، ٽي وي کول ته ڪا پراڻي فلم ٻلم ڏسون،
بيبي رموٽ ھٿ ۾ جھلي ڀاني کي چيو.
ڀاني ٽي وي تان پوش ھٽايو،
ائي بيبي، ريکا
ڀاني ٽي وي ۾ ريکا کي ڏسي دانھن ڪئي.
۽ بيبي آواز وڌائي، پاڻ کي ريکا سمجھي، خيالن ۾ وڃائجي وئي.
***