ريتي ويجهو ٻن ريل گاڏين سان حادثو، 40 مسافر اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

ريتي ويجهو ٻن ريل گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 40 ٿي ويو، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ مسافر زخمي آهن، ڊي سي گهوٽڪي پاران 34 مسافر فوت ۽ 40 زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ريلوي انتظاميه موجب ڪراچي کان سرگوڌا ويندڙ ملت ايڪسپريس جون 8 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون ۽ ان دوران لاهور کان ڪراچي ويندڙ سر سيد ايڪسپريس- ملت ايڪسپريس جي بوگين سان ٽڪرائجي وئي، حاثو ڏهرڪي ۽ ريتي لين اسٽيشن جي ويجهو پيش آيو، جنهن ۾ ملت ايڪسپريس جون 8 ۽ سر سيد ايڪسپريس جي انجڻ سوڌو 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون پهچي امدادي ڪارروائين جو آغاز ڪيو، زخمين ۽ فوتين کي صادق آباد، اوٻاوڙو، ڏهرڪي ۽ ميرپورماٿيلو جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هن وقت تائين 40 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 60 کان وڌيڪ مسافر زخمي پڻ آهن، فوت ٿي ويلن ۾ ريلوي جا 4 ملازم به شامل آهن، مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته رات جي وقت حادثو پيش اچڻ تي امدادي ڪارروائين ۾ ڏکائيون پيش آيون، جڏهن ته ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته حادثي واري جاءِ تي ميڊيڪل رليف ڪيمپ لڳائي وئي جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ متاثر مسافرن جي هر قسم جي مدد ڪئي پئي وڃي ۽ مسافر ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار ٿي ڪري قومي شاهراهه طرف روانا ٿي ويا، ڊي ايس ريلوي جو چوڻ آهي ته ٻنهي ٽرينن جا ڊرائيور ۽ عملو محفوظ آهي، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 13 کان 14 بوگيون پٽڙي تان لٿيون جن مان 8 بوگين کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، هيوي مشينري نه پهچڻ ڪري هٿ جي ڪٽر سان ڪم وٺندي لاش ڪڍيا ويا آهن، ريلوي کاتي پاران حادثي جي جاچ لاءِ 21 گريڊ جي آفيسر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي جڏهن ته فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 15 لک ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو ۽ زخمين کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ کان 3 لک رپيا امدادي رقم ڏني ويندي، ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته روهڙي رليف ٽرين حادثي جي طرف رواني ڪئي وئي آهي، ريلوي، مقامي پوليس، مقامي انتظاميه رليف جي لاءِ موقعي تي موجود آهن، جڏهن ته مسافرن جي سهولتن لاءِ ڪراچي، سکر، فيصل آباد ۽ راولپنڊي ۾ هيلپ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر خيرپور هيلپ لائين نمبر جاري ڪري ڇڏيو ۽ مسافر هن نمبر 03325895316 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. ٽرين ڊرائيور اعجاز احمد جو چوڻ آهي ته رات جو 3 لڳي 40 منٽن جي ويجهو ڪراچي ويندڙ ٽرين جا دٻا ڪريل هئا جن کي ڏسي بريڪ لڳائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر گاڏي نه رڪي، حادثي جي جاچ ۾ اهو ثابت ٿي ويندو ته مان جاڳيل هئس.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments