ريلوي خسارو 333 ارب رپيا رڪارڊ، آڊيٽر جنرل رپورٽ ظاهر ڪري ڇڏي
آڊيٽر جنرل پاڪستان پاران وفاقي ڪابينا جي سب ڪاميٽي کي موڪليل ريلوي وزارت سان متعلق فرانزڪ آڊٽ رپورٽ موجب 2011 کان 2020 تائين 9 سالن دوران ريلوي جو مجموعي آپريشنل خسارو 333 ارب 81 ڪروڙ 20 لک رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت کان مليل 361 ارب 55 ڪروڙ رپين تي ٻڌل سبسڊي مان 333 ارب 81 ڪروڙ رپيا مجموعي طور تي خسارو گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. ريلوي وزارت 3 جون 2014 تي اسلام آباد، مري، مظفرآباد، ريل لنڪ لاءِ ڪشمير ريلوي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني جوڙي ۽ 5.5 سالن کانپوءِ بنا ڪاميابي جي اها ڪمپني بند ڪئي وئي. پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ تحت 5 ڪانٽريڪٽرز جي ذمي ريلوي کاتي جا 3.5 بلين رپيا واجب الادا آهن.