زنجبار جهنگٻار آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ اڄ جو دارالسلام الطاف شيخ

زنجبار جهنگٻار

آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ

 

اڄ جو دارالسلام

الطاف شيخ

دارالسلام شهر جا چڪر هڻندي هڪ ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي ۽ مون کي پڪ آهي ته منهنجي ملڪ جو هتي ايندڙ هر ماڻهو محسوس ڪندو ته ممباسا شهر ۾ وڏين هوٽلن جي ڄار وڇائي پئي آهي. انهن کان علاوه جتي ڪٿي نيون هوٽلون به ٺهي رهيون آهن. اهو ئي حال انڊيا ۾ آهي، سعودي عرب ۽ ايران ۾ آهي، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ آهي. ڀلا اهي ته ٿيا امير ملڪ پر نيپال، سريلنڪا، مالديپ جهڙن غريب ملڪن کي ڏسو ته اتي جي شهرن ۾ به جتي ڪٿي هوٽلون اڀري رهيون آهن، جتي ڪٿي ٽوئرسٽن جي پيهه نظر اچي ٿي. هڪ اسانجو ملڪ آهي. خاص ڪري سنڌ صوبو جتي موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي، مڪلي، گورک هل، منڇر ڍنڍ جهڙين انيڪ آڳاٽين ۽ اعليٰ شين جي باوجود ڪو ٽوئرسٽ نظر نٿو اچي. ڪراچي جهڙي شهر ۾ جيڪي چار پنج فائو اسٽار هوٽلون اڄ کان 50 سال اڳ ٺهيون هيون اڄ به اهي ئي آهن. جيتوڻيڪ ٽوئرزم اهڙي شيءِ آهي جنهن ٿائلينڊ، سريلنڪا، ڪينيا جهڙن غريب ملڪن کي به امير بڻائي ڇڏيو. سعودي عرب ۽ ايران جهڙا امير ملڪ به اڃان وڌيڪ پئسو ڪمائڻ لاءِ ٽوئرزم جي همت افزائي ڪري رهيا آهن. جنهن به ملڪ ۾ جيڪا ٿي هوٽل کلي اها فل ٿي وڃي. ان هوندي به هتي جي هوٽلن وارا آيل مسافرن جي ڀلي لاءِ هوٽل جي مسواڙي اگهه ۾ ڇوٽ ڏين ٿا. ڪراچي يا حيدرآباد جي هوٽلن ۾ هڪ ته رهڻ لاءِ ڪو ورلي اچي، ٻيو مسواڙون وڏيون ۽ ڊسڪائونٽ کان آڱوٺو! هوٽلن جا ويچارا مالڪ اهي ئي دانهون ڪندا وتن ته ڪا ڪمائي ناهي، پوليس ۽ انڪم ٽئڪس کاتي جي پَٽِ پَٽان ماري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه سياسي پارٽين ۽ مقامي غنڊن کي ڀتو الڳ ڏيڻو ٿو پوي.

هيڏانهن آفريڪا جي شهر دارالسلام ۾ ٿو ڏسان ته ويهه سال اڳ تائين به ايتريون هوٽلون نه هيون، پر هاڻ ننڍيون ننڍيون هوٽلون ته ڇا فائِو ۽ فور اسٽار هوٽلون به جام ٿي ويون آهن. سنگاپور ۽ ملائيشيا جون حڪومتون پاڻ ۾ کڻي نه ٺهن، پر آيل مسافرن (ٽوئرسٽن) جي سهولت لاءِ ٻئي هڪ ٿيو وڃن ۽ قاعدا قانون اهڙا آسان ٺاهين ٿا جو سياحن کي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ وڃڻ ۽ واپس موٽڻ ۾ ڪا دقت يا بي جا خرچ نٿو ٿئي. اهو ئي حال ترڪي ايران ۾ آهي ۽ هتي دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ ايندڙ ويندڙ مسافرن لاءِ آهي. دارالسلام جي گهٽين ۾ گهمندي ڪجهه وڏين هوٽلن جا نالا ۽ انهن جي روز جي مسواڙ نوٽ ڪئي اٿم. توهان به جائزو وٺو.

پاڪستاني 24000 کان 000،30 روپين تائين فائيو اسٽار هوٽلون: جوهري رتنا، حيات ريجنسي، اونومو، سيرينا، سي ڪلف، سدرن سن، پروٽيا هوٽل وغيره. اهڙي طرح 18000 رپين کان گهٽ واريون: شيريٽن، ميڊيٽرينين، پيننشولا، سفائر، سي شيلس ملينيم وغيره. ريجنسي هوٽل پنجاهه سيڪڙو ڇوٽ تي 8000 رپيا ايڪونو لاج 6000 رپيا ۽ جئرو مئڪس پئلس 4000 رپيا. ان کان علاوه ٻيون ٿري اسٽار نموني جون ۽ ان کان گهٽ مسواڙ واريون هوٽلون به جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون. هڪ ٻه هوٽلون پيهه پيهان وارن علائقن ۾ ائين هيون جيئن جبيس ۽ يونائيٽيڊ هوٽلون ڪراچي جي صدر ۽ بوهري بازار وارن علائقن ۾ آهن. ڪراچي وارين اهڙي هوٽلن ۾ توهان شايد رهڻ پسند نه ڪريو جو اسان وٽ مسواڙ گهڻي آهي. ان کان علاوه گندگي ۽ بجلي وڃڻ جي مصيبت آهي، پر ملائيشيا جي ننڍين هوٽلن وانگر دارالسلام جون هوٽلون به بهتر ۽ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ فائدي واريون آهن جو گهٽ مسواڙ ڪري توهان وڏي بچت ڪري سگهو ٿا جيڪا بچت توهان وڌيڪ گهمڻ ۾ لڳائي سگهو ٿا… آخر بهتر رهائش لاءِ توهان ڪهڙي شيءِ جي توقع رکو ٿا؟ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، اٽئچڊ باٿ روم، صاف ڪمرو ۽ ڌوتل چادرون، شهر جو نظارو ڪرڻ لاءِ وڏي دري، 24 ڪلاڪ بجلي ۽ باٿ روم ۾ ايندڙ پريشر سان پاڻي… اهي سڀ شيون، توهان کي دارالسلام ۽ ممباسا جي ننڍين هوٽلن ۾ به ملن ٿيون. ملڪ ۾ امن امان وارو ماحول آهي… پوءِ ڇو نه ڪنهن ننڍي هوٽل ۾ رهجي. اهڙيون ٽي هوٽلون کوجن جي جماعت خاني وٽ به نظر آيون: ٽفانيي ڊائمنڊ هوٽل، رينبو هوٽل ۽ اربن روز هوٽل. مون کي خيال آيو ته زئنزيبار وڃڻ بدران هتي دارالسلام جي ئي ڪنهن هوٽل ۾ رهي پوان ها جو تقريبن هر هوٽل ڊسڪائونٽ آفر ڪري رهي هئي، پر هڪ ته آئون فيريءَ جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي چڪو هئس ٻيو ته منهنجو سامان (بئگ) مون سان گڏ نه هئي اها زئنزيبار ڏي ويندڙ فيريءَ جي آفيس وٽ رکرائي هتي پهتو هئس. هونئن هتي جي هوٽل وارن ٻڌايو ته اڄڪلهه دارالسلام ۾ اعليٰ پئماني جون 450 کن هوٽلون آهن ۽ ننڍيون ننڍيون حيدرآباد ناڪي جهڙيون ته انيڪ آهن، جن ۾ ڳوٺن کان آيل گهٽ آمدني وارا مڪاني شيدي رهن ٿا، جيڪي مختلف ڪمن ڪارين لاءِ هن علائقي جي وڏي شهر دارالسلام ۾ اچن ٿا. بهرحال مون لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي ته اهو دارالسلام جيڪو 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن پهريون دفعو جهاز ۾ آيو هئس ته ان وقت اهو اسان جي ان وقت جي حيدرآباد جهڙو هو جنهن ۾ انڊس، سائينجيز، اورينٽ، فاران ۽ ڪراچي هوٽل جهڙيون چند رهائشي ۽ کاڌي پيتي جون هوٽلون هيون. ان وقت اسان جو ڪراچي ماڊرن شهرن مان هو جتي جا روڊ رستا، ٽئڪسيون بسون ۽ شهر ۾ گهمندڙ فارينرس کي ڏسبو هو ته دل خوش ٿي ويندي هئي. جتي جون هوٽلون: تاج، ميٽروپول، ڪانٽيننٽل، ملير پاسي گرائڊ ملير هوٽل، برسٽل هوٽل، اواري ٽاور، بيچ لگرزي، مئرٽ هوٽل پرڏيهين سان فل رهيون ٿي، پر اڄ اڌ صديءَ بعد ڏسون ٿا ته اسان ڄڻ اتي ئي بيٺا آهيون ۽ دارالسلام جهڙا شهر ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا آهن. هي ائين آهي جو ڪراچيءَ جي سهڻي علائقي ڪلفٽن، نرسري يا محمد علي سوسائٽي جي ته ڀينگ ٿي وئي هجي جهڙي اڄڪلهه آهي… اٿلندڙ گٽر، ڀڳل رستا، دڪانن اڳيان انڪروچمينٽ، ڀڳل بسون جن مٿان ڇت تي اسان شهري ڀولڙن وانگر ويهي سفر پيا ڪريون ۽ مٿان کنڀن مان اليڪٽرڪ جون تارون پيون لڙڪن… سڄي ڪراچيءَ جو اهو حال آهي… پر اهو سوچيو ته توهان چاڪيواڙي، بغدادي ۽ لي مارڪيٽ ٿا هليا وڃو، جيڪو علائقو هونئن ته سڀ کان پٺتي پيل هو… پر اڄ توهان اتي پهچي ڏسو ٿا ته مار! هتي ته روڊ رستا چلڪن پيا، فوٽ پاٿ پيدل هلندڙن لاءِ خالي، ٽڪر ٽڪر تي پارڪ ۽ گلڪاريون، رستن تي هلندڙ خوبصورت بسون وغيره… ته مون کي ٻڌايو توهان کي حيرت نه ٿيندي؟ اهڙي ئي حيرت مون کي اڄڪلهه جي دارالسلام، ممباسا ۽ زئنزيبار جهڙن آفريڪي شهرن کي ڏسي ٿئي ٿي، جيڪي 1970ع تائين به ڪراچي شهر جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا.

دارالسلام تنزانيا جو ڪناري وارو شهر آهي. دارالسلام کان زئنزيبار ٻيٽ تي پهرين به منهنجو اچڻ وڃڻ ٿيو آهي. انهن جي وچ ۾ هلندڙ مسافر جهاز (فيري) توڙي فيري اسٽيشن (جتي مسافر فيري جي اچڻ ۽ وڃڻ جو انتظار ڪن ٿا) هر دفعي مون کي بهتر کان بهتر ٿيندي نظر آيا ٿي ۽ هاڻ ته ائين لڳي ٿي ڄڻ اسان يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ آيا هجون ۽ هر سهولت ان معيار جي ئي آهي. دارالسلام کان زئنزيبار ٻيٽ 80 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي يعني سمجهو ته ڪراچيءَ کان نوري آباد يا کڻي چئو ته هالا کان حيدرآباد. دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ هوائي سروس به آهي، پر هالا کان حيدرآباد هوائي جهاز ۾ وڃڻ خواري ۽ پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ ئي وجهڻ آهي، پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي سکر کان لاڙڪاڻي به هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ چاهين ٿا. فيريءَ ۾ سفر ڪرڻ ۾ مزو ئي ٻيو آهي جيئن ڪوالالمپور کان سنگاپور هوائي جهاز بدران ٽرين ۾ سفر ڪجي ۽ قدرتي سونهن جو مزو وٺجي. دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ ڏينهن ۾ هر طرف کان چار فيريون هلن ٿيون. صبح جو ستين بجي، ٻي ساڍي نائين ان بعد منجهند جو ٻارهين ۽ شام جو چئين بجي. هونئن ڪوشش ڪري منجهند واري فيريءَ ۾ سفر کان گريز ڪجي جو ان وقت سمنڊ ٿورو بگڙيل رهي ٿو ۽ سامونڊي سفر جو مزو ڪِرڪرو ٿيو پوي. خراب سمنڊ ۽ ٻيڙيءَ جي لوڏن ڪري سي سڪنيس ٿيو پوي جنهن ۾ انسان کي مايوسي محسوس ٿئي ٿي. ان کان علاوه دل ڪچي ۽ الٽيون به ٿين ٿيون. يعني enjoy ڪرڻ بدران توهان کي پريشاني ٿيو پوي. بهرحال هيءَ ڪا اهڙي بيماري ناهي جو ٻن ڪلاڪن جي سفر ۾ ٿيڻ بعد توهان ٻه ٽي ڏينهن بستر تي ڪري پئو. فيري يا جهاز جيئن ئي بندرگاهه ۾ پهچي ٿو ته ان ئي وقت توهان نارمل محسوس ڪريو ٿا. ڪڏهن ته اڌ رستي تي ئي سمنڊ ۾ ڦيرو اچڻ سان- يعني بهتري ٿيڻ سان، توهان اتي ئي نارمل ٿيو وڃو ۽ سمنڊ جي سونهن جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ٿا جنهن کي ڪجهه وقت اڳ، سي سڪنيس جي حالت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا!

زئنزيبار هاڻ تنزانيا ملڪ جو حصو آهي جيئن صباح ۽ سراواڪ رياستون ملائيشيا جو حصو آهن نه ته اهي ٻئي رياستون برونائيءَ وانگر الڳ ملڪ هئا. زئنزيبار به الڳ ملڪ هو ۽ تنزانيا ”ٽانگا نيڪا“ هو جيئن صباح ۽ سراواڪ سان ملڻ کان اڳ ملائيشيا “ملايا” نالي ملڪ هو. زئنزيبار ٻيٽ جو بندرگاهه اسٽون ٽائون تنزانيا جي بندرگاهه دارالسلام کان 80 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. پراڻي زماني کان مسافر ۽ سامان کي کڻڻ لاءِ ڪئين قسمن جون ٻيڙيون: عرب دنيا جون ڌائو (dhow) ۽ موٽر بوٽون ۽ لانچون انهن جي وچ ۾ هلنديون رهن ٿيون. دارالسلام ۽ زئنزيبار ڏسڻ وٽان هجڻ ڪري سڄي دنيا جا ٽوئرسٽ سڄو سال هن پاسي ايندا رهن ٿا. انهن جي اعليٰ معيار کي ڌيان ۾ رکي مسافرن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ بهتر سواري فيريون آهن جيڪي تيز رفتار، آرامده ۽ پابنديءَ سان هلن ٿيون. اهي اهو مفاصلو ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ڪن ٿيون، پر ڪڏهن ڪڏهن سامهون جي سمنڊ (ڇولين) يا تيز هوائن ڪري اڌ ڪلاڪ کن وڌيڪ به لڳيو وڃي. …(هلندڙ)…

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments