انٽرٽينمينٽخاصدنياسنڌ جو ٽئلينٽ

سنڌي ايسوسئيشن آف UAE پاران دبئي ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب ڊاڪٽر عامر گڏاڻي | # جنوري 2022

سنڌي ايسوسئيشن آف يو اي اِي پاران گڏيل عرب امارات جي 50 هين سالگره گولڊن جوبلي جي موقعي تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو نهايت عقيدت ۽ احترام سان شيخ راشدآڊيٽوريم دبئي ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ يو اي اِي جي ستن ئي رياستن مان هزارين سنڌي گهراڻن ثقافتي ويس وڳا اوڍي شرڪت ڪئي. انهيءَ سان گڏ پروگرام ۾ مهمان خاص طور سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، انهن ۾ دادا واشو شيروف، ديدي آشا چاند، فجيره جي يعقوب ال علي، صدر يوٿ ۽ وومين امپروومينٽ لائيلا  راحل، دبئي پوليس جي بالا آفيسر ڊاڪٽر حذيفا ابراهيم، سي اي او سفير ڪوآپريٽو سروس عبدالعزيز احمد، جي ايف ايس بلڊر ۽ ڊولپر جي سيلز ريجنل مئنيجر حافظ محمد علي، چيئرمين بلوچ رائل انويسٽمينٽ جي ياسين خالد، پاڪستان ايمبسي جي سيڪنڊ سيڪريٽري روشن واڌواڻي، پاڪستان ڪريڪٽر عمران نظير، ڪنٽري مئنيجر پي آءِ اي مظهر عباسي، سرپرست هزاره ڪمينوٽي ميان منير اعواڻ، آمريڪا مان آيل ستار مڱڻهار، ڊاڪٽر سليم شيخ، احسان لغاري، قادر محمود سومرو، محمد زمان چانڊيو، عرفان چانڊيو، چاچا الله نواز ميمڻ ۽ ذيشان ميمڻ شامل آهن. پروگرام جي شروعات ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي ۽ يو اي اِي جو قومي ترانو هلائي احترام ۾ بيهي ڪري 50 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. ثقافتي ڏهاڙي ۾ ڳالهيندي سنڌي ايسوسئيشن آف يو اي اِي جي چيف آرگنائيزر انجنيئر ماجد حيدري چيو ته سنڌي ايسوسئيشن يو اي اِي پنهنجي قيام جي ڏينهن کان وٺي سماجي ۽ ثقافتي محاذن تي پاڻ پتوڙي پئي ۽ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو اسان لاءِ وفا جو عهد دهرائڻ جو ڏينهن آهي. لازمي آهي ته راڳ رنگ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن سان پاڻ کي ڳنڍڻ گهرجي ۽ ان جي حل لاءِ ڪوشش ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

پروگرام ۾ سنڌي ايسوسئيشن آف يو اي اِي جي ڪو چيف آرگنائيزر انجنيئر مسلم بڙدي چيو ته اسان جي ثقافتي عيد آهي ۽ اهڙيون عيدون دبئي ۾ اسان هر سال ملهائيندا آھيون ۽ مستقبل به ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا رهنداسين. اُنھن سان گڏوگڏ تمام معاونن جو ٿورو مڃيندي کين جس پيش ڪيو. ثقاقتي ڏهاڙي ۾ آيل هزارين ڀينرن ۽ ڀائرن کي ڊاڪٽر واجد حيدري پاران آجياڻو پيش ڪيو ويو.

ثقافتي ڏهاڙي کي خوبصورت بنائڻ لاءِ قومي راڳي احمد مغل، استاد رجب فقير، انينا فدا جتوئي ۽ نازيا امين محمد پاران قومي گيت پيش ڪيا ويا، جن محفل ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو، نوجوان مرد ۽ ناريون جهومندي لطف اندوز ٿيندا رهيا. جڏهن ته مزاح جي دنيا جي بهترين ڪردارن سهراب سومرو، علي گل ملاح ۽ ماسي موران کلائي ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو. پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض محترم بخشڻ مهراڻوي ادا ڪيا. جنهن لطيف، اياز ۽ بخاري جا شعر پڙهي ويٺلن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو. قومي عيد جي موقعي تي مهمانن ۽ فنڪارن کي اجرڪ جا تحفا ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. پروگرام آرگنائيزنگ ڪميٽي جي نادر سولنگي، محراب سومرو، جواد صديقي، شيراز جمالي، عمران تنيو، دانش حيدري، عبدالنبي چانڊيو، علي رضا عارباڻي، حسن نوحاڻي، منور بڙدي، قيوم چنا، رزاق سيال، فهد ٿيٻو ۽ اسد انڙ پروگرام ۾ والنٽئير طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

***