سنڌي سماج جو مسيحائي ڪردار ڏاڏي خانل ۽ سندس هٿ جي شفا اياز لطيف دايو
لوڪ ڏاهپ ۾ اهڙا قصا ۽ ڪردار مشهور آهن، جن جي ڳالهين کي صرف ڏند ڪٿائي جي حد تائين سچ سمجهيو ويندو آهي. انهن ڳالهين کي عملي طور ڪو به ثابت ڪري نه سگهندو آهي، پر اسان جي سنڌي سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا ڪردار موجود آهن، جن جي ڏاهپ، ذهانت ۽ زندگي ناقابل يقين آهي، جيڪي ماڻهو وڏيون ڊگريون حاصل ڪري ڪو تاريخ ساز ڪم نه ڪري سگهيا آهن، اهي ڪردار روايتي طور تي تعليمي ادارن مان تعليم جو هڪ اکر به حاصل نه ڪري سگهيا، پر انهن جي ذهانت قابل رشڪ آهي. اهڙن ئي ڪردارن مان گهوٽڪي شهر جي محلي رحموالي جي ڏاڏي خانل جو ڪردار به اڻ وسرندڙ آهي، جيڪا منهنجي گهر جي ڀرسان ئي رهندي هئي ۽ هن وقت سندس پورو ويڙھو انھيءَ جو پنهنجو آهي. ڏاڏي خانل 1998 ۾ 99 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ۽ هڪ صدي جي ڄمار تائين پاڻ لٺ جي سهاري کانسواءِ گھمندي ڦرندي هئي. ڏاڏي خانل سان منهنجون کوڙ ڪچهريون ٿينديون هيون، امڙ وانگر مون کي ڀانئيندي هئي، جڏهن مان ستين درجي ۾ پڙهندو هئس ته ڏاڏي خانل کان ٻڌل ديون ۽ پرين، بادشاهن ۽ وزيرن جا قصا پنهنجي لفظن سان ٺاهي گل ڦل ۽ هلال پاڪستان جي ٻارن جي صفحي گلن جهڙا ٻارڙا ۾ موڪليندو هئس. هڪ حساب سان مون کي ادبي کيتر جو رستو ڏيکارڻ واري به ڏاڏي خانل هئي، ڏاڏي خانل ذات جي ملڪياڻي هئي ۽ ڏاڏي ولي محمد جي گھرواري هئي. ڏاڏو ولي محمد ڪجهه دوستن سان گڏ سٺ واري ڏهاڪي ۾ پيدل حج ڪري آيو هو، انهيءَ وقت سندس عمر ايڪهٺ سال هئي، پر هو جڏهن ٻن سالن جي عرصي ۾ گهمندو ڦرندو سعودي عرب کان واپس پهتو ته سندس طبيعت خراب رهندي هئي، انهيءَ جي باوجود هو 1985 ۾ جڏهن گذاري ويو ته ڪابه کيس وڏي بيماري نه هئي ۽ هو معمول موجب شهر جي تاريخي جامع مسجد ۾ جمعي نماز ادا ڪري واپس اچي رهيو هو ته رحموالي روڊ تي سندس طبيعت خراب ٿي پئي ۽ رحموالي جي هڪ بگي هلائيندڙ سندس عزيز مرحوم صالح ملڪ کيس رستي مان کڻي اچي گهر پهچايو، جتي هن ٻن ڏينهن تائين پنهنجي سڀني نياڻين، پوٽن ۽ پوٽين کي ويهاري ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌايون. سومهڻي واري نماز پڙهي هو سڪون سان سمهي رهيو ۽ فجر واري آذان کان اڳ سندس روح پرواز ڪري چڪو هو. اهو منهنجي خيال ۾ 1985 ۾ جوڻيجي وارو دور هو ۽ انٽر جي شاگرد ۽ تنظيمي طور تي سرگرم هجڻ جي ڪري چڱي طرح ياد آهي ته ڏاڏي ولي محمد جي تدفين ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت ڪئي هئي ۽ سندس تڏو به چڱي طرح ياد آهي، ٽن ڏينهن تائين علائقي ۾ سوڳ جي فضا قائم هئي. ڏاڏي ولي محمد جي وڇوڙي بعد ڏاڏي خانل بيحد اداس رهڻ لڳي ۽ پنهنجي مسيحائي پيشي کي به اڳ وانگر وقت نه پئي ڏنو. منهنجي امڙ سان ڏاڏي خانل جو بيحد پيار هوندو هو، هڪڙي رات ڏاڏي خانل رات جو دير تائين امڙ سان ڪچهري ڪندي رهي، مان ڪن لائي وڏي دلچسپي سان سندن ڳالهيون ٻڌندو رهيس. امڙ کيس چئي رهي هئي ته ادي خانل پاڻ ٻنهي جي هٿ ۾ رب هڪڙي تمام وڏي شفا ڏني آهي، مان دائپي ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي تون وري ڦٽ ڦرڙي جي ماهر آهين، پنهنجي پاڙي جو ادو غلامون ڪنڀر وري ھڏن ۾ ڀڙ آهي. ڏاڏي خانل وٽ جنرل ايوب واري دور کان وٺي سموري سنڌ مان اهڙا لا علاج مريض ايندا هئا، جن کي وڏيون اسپتالون لا علاج ڪري واپس ڪنديون هيون، ڏاڏي خانل وٽ پنهنجا نسخا هوندا هئا، انهن مان هوءَ ملم ٺاهي جست جي وٽي ۾ رکي ململ جي سنهي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيندي هئي. ڏاڏي خانل تعليم نه هوندي به تمام وڏي سرجن هئي، جسم جي ڪنهن به حصي ۾ مريض کي وڏو ڦوڙو هوندو هو، انهيءَ کي پنهنجي هٿ جي ٺاهيل پاڪي سان چير ڏيئي انهيءَ مان سمورو گند صاف ڪري ملم هڻي ململ جي هڪ پٽي سان ٻڌي ڇڏيندي هئي. ڏاڏي خانل پنج وقت نماز پڙهندي هئي، انهيءَ جي باوجود علاج ڪرڻ وقت باقائدگيءَ سان وضو ڪري ايندي هئي ۽ جيستائين مرحلو پورو نه ٿيندو هو ته چپن ۾ ڪجهه پڙهندي رهندي هئي. زندگيءَ جي آخري لمحن تائين ڏاڏي خانل ۽ سندس مڙس ڏاڏي ولي محمد جي نظر به بهترين رهي ۽ انهن کي چشمي پائڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي. ڏاڏي خانل جي وڇوڙي بعد انهيءَ ڪرت کي سندس نياڻي جاري رکيو، پر انهيءَ جي علاج مان ماڻهو مطمئن نه ٿيا ۽ اهو ڏاڏي خانل وارو مسيحائي هٿ جي شفا جو باب بند ٿي ويو. ڏاڏي خانل ۽ ڏاڏو ولي محمد اسان جا ديو مالائي ڪردار رهيا آهن، انهن جو هڪ پٽ چاچو محمد ملڪ سنڌ جو ڪوڏي ڪوڏي جو مشهور پهلوان ٿي گذريو آهي. انهيءَ لاءِ مشهور آهي ته هو هڪڙي هٿ سان ڪنهن ماڻهو کي پڃري تي کڻي بيهندو هو. ڏاڏي خانل مڪمل طور تي هڪ مذهبي عورت هئي، جنهن پنهنجي ويڙهي جي اندر هڪ ننڍڙي ڪچي اوساري تي مسجد به تعمير ڪرائي هئي، جنهن ۾ عورت جي پيش امامي ۾ نماز ادا ڪئي ويندي هئي. هاڻي به ڏاڏي خانل جو ويڙھو موجود آهي، جنهن ۾ سندس ويڙهي جي آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، پر ڏاڏي خانل جي مسيحائي پيشي کي هڪ پيڙهي بعد ڪنهن به نه سنڀاليو ۽ ايئن جيڪي غريب ماڻهن جي لاءِ شفا جا هٿڙا شفقت بڻيل هئا، اهي موجود ناهن، پر جيڪڏهن ڪو هجي ها ته اهو ڪامل يقين ۽ ڀروسو ماڻهن جو نه هجي ها، جيڪو ڏاڏي خانل جي مٿان هوندو هو. اڄ به اسان جي علائقي ۾ اسان جي ڳوٺ رحموالي جيڪو هاڻي گهوٽڪي شهر جي وڏي ۾ وڏي آبادي وارو محلو بڻجي چڪو آهي. انهيءَ ۾ ڏاڏي خانل جو نالو ڪنهن چڱي ڀلي سرجن کان وڌيڪ مشهور آهي، انهيءَ سان گڏ مامون غلامون ڪنڀر جو نالو به مشهور آهي، جنهن جي اکين ۾ هڏن جي فريڪچر کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي ڪائي ايڪسري مشين لڳل هوندي هئي، هو ڀڳل ھڏن کي گارنٽي سان جوڙي ڇڏيندو هو، انهيءَ جي جيل ياترا ۽ چڪ تي ٿانون ٺاهڻ جي مهارت تي تفصيلي طور ڪو آرٽيڪل لکڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ منهنجي جيجل امڙ جيڪا به هن علائقي جي تمام وڏي ڪنهن گائنالاجسٽ کان وڌيڪ مشهور هئي. امڙ اسان کي 1995 ۾ وڇوڙو ڏيئي وئي، پر هاڻي اسان جي گهر ۾ اسان جون نياڻيون ميڊيڪل جي دنيا جون گائنالاجسٽ موجود آهن، پر اها امڙ واري هاڪ اسان جي گهر مان موڪلائي وئي آهي، جيڪا پورهيت طبقي کي جي لاءِ آٿتن جو آسمان هوندي هئي، منهنجي جيجل امڙ ڪنهن به عورت جي ويم ڪرائڻ کان ٽي مهينا اڳ پنهنجي نسخن سان علاج شروع ڪندي هئي ۽ ٺيڪ وقت تي انھيءَ جي نارمل ڊليوري ڪرائيندي هئي. ايتري قدر جو هڪ ايريگيشن جي انجنيئر جي سکر ٽرانسفر ٿي وئي هئي ۽ سندس گهر واري جي ڊليوري کان هڪ ڏينهن اڳ هو پاڻ جيپ تي آيو ۽ امڙ کي سکر وٺي ويو، اهو ستر وارو ڏهاڪو هو ۽ سکر تمام وڏي مفاصلي تي لڳندو هو، اسان سڀني کي پنهنجي سماج جي اهڙن عظيم ڪردارن تي لکڻ گهرجي. مان پنهنجي امڙ جي پورهئي واري سموري ڄمار تي تفصيلي نموني لکي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته امڙ جڏهن انهن آفيسرن جي گهر ويندي هئي ته سدائين دعا گهرندي هئي ته مولا منهنجي ٻچڙن کي به آفيسر ۽ انجنيئر ڪجانءِ ۽ اسان سڀ ڀائر سندس دعائن سان سٺين نوڪرين ۾ آياسين. اسان جو اولاد ڀائيٽا، ڀاڻيجا ۽ ٻيا خاندان جا ٻار سٺن منصبن تي پهتا آهن، اسان سڀني ڄڻ پنهنجي جيجل امڙ جي خوابن جي تڪميل ڪئي آهي ۽ اهي خواب اسان جي ڏاڏي خانل به پنهنجي اکين سان ڏٺا هئا، پر پونئرن مان ڪنهن به سندس خوابن جي ساڀيان نه ڪئي. اڄ جي دور ۾ ڏاڏي خانل جهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. اهي ڪردار جيڪي سماج جي ڏکويل ماڻهن جي لاءِ آٿت بڻيل هوندا آهن، اسان جي سماج ۾ اها به سوچ ناهي ته اهڙن عظيم ۽ آدرشي ڪردارن کي مڃتا ڏني وڃي. انهن جي نالي تي ٽرسٽ ٺاهيا وڃن يا اهڙن ڪردارن جي لاءِ سروي ڪري انهن جي ڊائريڪٽري ٺاهي وڃي ته جيئن تاريخ ۾ اهڙن ڪردارن جي روايتن کي ڪا مانائتي مڃتا ملي سگهي. اهو ڪم وقت جون حڪومتون ڪري سگهن ٿيون يا انهيءَ حڪومت جي بيورو ڪريسي ڪري سگهي ٿي. ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفيٰ ڦل گهوٽڪي ضلعي جي اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ ساڃهه وندن سان گڏجاڻي ڪئي. سندس جذبي کي سڀني دوستن تحسين جي نظر سان ڏٺو. ڇاڪاڻ ته هن پهريون ڀيرو سماج جي انهن ساڃهه وندن کي عزت ڏني، جن کي بيورو ڪريسي ڪا اهميت نه ڏيندي آهي. ميٽنگ ۾ موجود آفيسرن جي رويي مان محسوس پئي ٿيو ته هو پنهنجي ڪمشنر جي اهڙي عمل کي طنز جي نگاهه سان ڏسي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ بيورو ڪريسي جي تربيت به اهڙي ٿيندي آهي ته سماج جي انهيءَ طبقي کي اهميت ڏيو، جن وٽ وڏيون گاڏيون ۽ وڏي دولت هجي، انهيءَ جو اظهار ميٽنگ ۾ موجود هڪ وڏي شاعر تازو مون سان ڪيو ته اسان جڏهن ڊي سي آفيس ۾ ڪمشنر جي طئي ڪيل ايجنڊا جي سلسلي ۾ ملڻ وياسين ته انگريزن جي دور واري طرو پاتل نائڪ کي ڊي سي ملڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو. هي آهي اسان جي بيورو ڪريسي جو رويو، انهن وٽ پنهنجن وڏن آفيسرن جي جڏهن اها عزت آهي ته پوءِ ڏاڏي خانل جهڙي ڪردارن کي مڃتا ڪهڙي ملي سگهندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ ساڃهه وند پنهنجي محدود وسيلن کي استعمال ۾ آڻي ڏاڏي خانل جهڙن ڪردارن جي لاءِ ڪي يادگار پروگرام منعقد ڪن ته ڏاڏي خانل جهڙن ڪردارن جي روشن ڪيل مشعل اڳتي پنهنجي آب تاب سان وڌي سماج جي سڀني طبقن کي ڪو اتساهه ڏيئي سگهي.