سنڌ تعليم کاتي جي آفيسرن مٿان تحفا وٺڻ تي پابندي

سنڌ جي تعليم کاتي آفيسرن کي اجرڪ ۽ ٽوپي سميت ڪنهن به قسم جا تحفا وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي حڪم نامي موجب سيڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري سڀني آفيسرن کي تحفا وصول ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته آفيسر پنهنجي ساٿين يا مهمانن کان اجرڪ، ٽوپي ۽ ٻئي قسم جا تحفا وصول نه ڪن. ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments