سنڌ جي برک تعليمدان ۽ ليکڪ حميد سنڌيءَ کان (مارچ 2017) ۾ ورتل انٽرويو.
سنڌ جي برک تعليمدان ۽ ليکڪ حميد سنڌيءَ کان (مارچ 2017) ۾ ورتل انٽرويو
زاهده ابڙو
تعارف: منهنجو ادبي نالو حميد سنڌي آهي مائٽن منهنجو نالو عبدالحميد رکيو، مان نوشهروفيروز ۾ ڄائو هئس، اتي سيٺيون ميمڻن جو هڪ وڏو ڪٽنب رهندو هو انهن جي حويلي ۾ منهنجو جنم ٿيو. منهنجين پڦين ماسين گڏجي ڏاڍي پيار سان منهنجي پرورش ڪئي. منهنجي امڙ بيمار هئڻ ڪري منهنجي پالنا گهٽ ڪئي. منهنجي تعليم جو سلسلو نوشهروفيروز جي مڪتب اسڪول کان وٺي جوهي، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد ۽ پوءِ حيدرآباد تائين پهتو. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪيم، ڦليلي ڪاليج مان انٽر ڪيم، سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي آنرز ڪيم. مان مئٽرڪ ۾ ئي هئس ته لکڻ جو شوق هوندو هو، منهنجي هڪ ڪهاڻي جڏهن مان مئٽرڪ ۾ هئس ته ڇپجي جنهن جو عنوان هو “کلونا دهلي مين” اها اردو ۾ ڇپجي، پوءِ سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون لکيم ۽ منهنجي پهرين ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو هو “سيمي”. زينت چنا صاحبه ۽ عبدالله چنا صاحب سڄي زندگي منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي ۽ پرگهور لڌي. اشفاق قاضي به انهن مان هڪ هو جن منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. سچيڏني قاضي وارو خاندان هاڻي ابرار قاضيءَ وارا آهن ان وقت ۾ روح رهاڻ مئگزين ڪڍندو هئس، جنهن جي پرنٽنگ کانپوءِ سچيڏني قاضي جي گهر ۾ ئي ان جا بنڊل ٺاهيندا هئاسين. اهو دور زندگيءَ جو هڪ وڻندڙ ۽ دلچسپ باب آهي. نوشهروفيروز ۾ مون جيڪو وقت گذاريو اهي سڀ ڪردار مون ڪهاڻين جي صورت ۾ موٽائي ڏنا آهن. شروع ۾ ٿورو تصوراتي لکيم پر پوءِ حقيقي ڪردارن کي قلمبند ڪيم. ماڻهو مون کي چوندا آهن ته پنهنجي آتم ڪٿا ڇو نٿا لکو، مان انهن کي اهو ئي جواب ڏيندو آهيان ته منهنجون ڪهاڻيون منهنجي آتم ڪٿا آهن. انهيءَ دور ۽ انهن ڪردارن کي مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ قلمبند ڪيو آهي. 100 کن ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ ڇهه ست مجموعه ڇپجي چڪا آهن ۽ ان کان علاوه اڻ ڇپيل مواد به مون وٽ اڃان ايترو موجود آهي جو ان مان به ڇهه ست مجموعه ڇپجي سگهجن ٿا.
همسري: هينئر سنڌ جي سياسي ۽ اخلاقي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
حميد سنڌي: هينئر سياست ۾ ڪٿي به اخلاقيات نظر نٿي اچي. اخلاقيات هينئر عدم پيدا آهي. هينئر سنڌ جي سياسي صورتحال مون کي تمام گهڻو مايوس ڪيو آهي. سنڌ جي سياست ۾ اصول ۽ اخلاقي قدر بلڪل نظر نٿا اچن، خاص ڪري سچي پچي قومپرستي ته سياست ۾ نظر نٿي اچي. جنهن وقت ۾ اسان پڙهندا هئاسين ان وقت ۾ سياست به ڪئي سين، پرچا به ڪڍياسين، اينٽي ون يونٽ تحريڪ به هلائيسين، سياست ۾ سنجيدگي ۽ ڊسيپلين ٻه بنيادي عنصر آهن. ڪابه قومپرست پارٽي منظم ڪونهي، ڪوبه گروهه منظم نظر نٿو اچي. جيڪڏهن اهي پارٽيون ۽ گروهه پاڻ ۾ اخلاقي اصول پيدا نه ڪندا تيستائين اهي ڪڏهن به هلي نه سگهندا. جيڪڏهن اسان اخلاقيات کي الڳ ڪري بيهاريون ۽ رڳو سياست کي ڏسون ته سنڌ جي سياسي صورتحال به ڪا اميد افزا نه آهي. انسان کي مايوس نه ٿيڻ کپي اسين به اميد رکي سگهون ٿا ته حالات بدلبا پر في الحال حالتون مايوس ڪندڙ آهن. هينئر سنڌ جي ٻهراڙين جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، انهن جي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪمرانن کي واضح حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي هاڻي انهن جي ترقي کي جيڪڏهن روڪيو ويو ته حالتون بهتر نه ٿي سگهنديون. شهرن ۽ ٻهراڙين کي گڏوگڏ سهولتون ڏنيون وڃن ۽ انهن جي زندگين جي معيار کي بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ترقي هڪجهڙي نظر اچي.
همسري: هينئر توهان سنڌي ڪهاڻي ۽ ادب جي دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
حميد سنڌي: هينئر ڪهاڻي به تمام گهڻي لکجي پئي ۽ ڪتاب به تمام گهڻا اچن پيا، ناول به اچن پيا. اسان جڏهن نوجوان هئاسين ته اسان کي مختلف عالمي ادب جا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. جيئن ميڪسم گورڪي، ڊوفني ڊيو ماريئر ان جا ڪتاب مون تمام گهڻا پڙهيا. اسان عالمي ادب کي تمام گهڻو پڙهيو ۽ ان مان سکياسين. مون کان ماڻهو پڇندا آهن ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ جي باري ۾ مان چوندو آهيان ته ڪهاڻي ۽ شاعري انسان جي اندر موجود آهي ۽ اندران ئي نڪري ٿي. سماج جي صورتحال ۽ ان جو دٻاءُ توهان کي مجبور ٿو ڪري ته توهان قلم کڻو پوءِ چاهي اهو شاعر هجي يا ڪهاڻيڪار. مان اڄ جي ڪهاڻي مان مايوس بلڪل نه آهيان پر مطمئن به ناهيان. اڃان به اسان جي نوجوانن کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو. مون هينئر هڪ مضمون لکيو هو “حضرت نوح عه جي ٻيڙيءَ جو آخري مسافر” جنهن ۾ مون اهو ذڪر ڪيو آهي ته هاڻي اهي سڀئي اخلاقي ۽ سماجي قدر ختم ٿي ويا آهن ۽ اهي ڪردار به ختم ٿي ويا آهن يا وري ڪجهه لڪي ويا آهن. ائين چئجي ته سچ لڪندو پيو وتي. اڄ به سچ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مون هن مضمون ۾ اهو ئي لکيو آهي ته مان ان ٻيڙيءَ جو آخري مسافر آهيان جيڪو سُڪي جي ڳولا ۾ ان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل آهي، ان ڏينهن وري ڪهاڻي لکندس جنهن ڏينهن اها ٻيڙي ڪنهن نئين زمين تي پهچندي ۽ ان ڏينهن سنڌ نئين هوندي. انهن ماڻهن جي جدوجهد جي باري ۾ لکندس جيڪي تڪليفون جهاڳي خُشڪي تائين پهچندا.
همسري: بزم روح رهاڻ هلائڻ جو ڇا مقصد آهي؟
حميد سنڌي: هن بزم جو خاص مقصد اهو آهي ته نوجوانن کي رهنمائي ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه اسان جا جيڪي جوڌا ۽ جاکوڙي آهن جيڪي ماڻهن جي ذهنن تان لهي ويا آهن انهن جا ڏينهن ملهايا وڃن، انهن کي ياد ڪيو وڃي، انهن جي ادبي خدمتن کي ياد ڪيو وڃي ۽ نوجوانن کي انهن جي نالن کان روشناس ڪرايو وڃي جيئن علامه آءِ. آءِ قاضي، فيض محمد قاضي يا غلام محمد گرامي صاحب، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ. اسين سالگره نه پر انهن جي ورسي ملهائيندا آهيون. هي اسان جي بزم سنڌي ادب جي لاءِ ڀاڻ آهي، زمين کي ڀاڻ ملندو رهندو ته پوک سٺي ٿيندي رهندي. مان پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي. سکڻ جي لاءِ شين جو دهرائڻ تمام ضروري آهي، اسين ماضيءَ ۾ ڪيل ڪمن کي ياد ڪريون ٿا ۽ مستقبل ۾ اسان جي ڪمن کي ياد ڪيو ويندو، ايئن ئي تاريخون ٺهنديون وينديون.
همسري: تنقيد مان اوهان ڪهڙي مراد وٺو ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ تنقيدي ادب ڪٿي بيٺو آهي؟
حميد سنڌي: اڄ جي ادبي ماحول ۾ تنقيد کي ڪير به برداشت نٿو ڪري ۽ جنهن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اهو ناراض ٿي وڃي ٿو، انهيءَ ڪري تنقيدي ادب به گهٽ ٿو لکجي. هاڻي اسان جي بزم روح رهاڻ ۾ به اسان تنقيدي رجحان کي ٿورو گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. ڪو زمانو هوندو هو جو سنڌي ادبي سنگت ۾ تنقيد ذريعي ئي نوجوانن جي سکيا ڪئي ويندي هئي. هاڻي تنقيد جو زمانو ئي ختم ٿي ويو آهي. اسان وٽ پليجو صاحب هڪ بهترين نقاد هو ۽ آهي ۽ ان کان علاه ٻيا ڪيترائي ليکڪ هئا جيڪي تنقيد جا بادشاهه ليکيا ويندا هئا، جيڪي تنقيد سان گڏ وري ڏس پنڌ به ڏسيندا هئا. هاڻي ته تنقيد کي تمام بري نظر سان ڏٺو ٿو وڃي. هاڻي جيڪڏهن تنقيدي ادب آهي به ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. جيڪڏهن ڪو تنقيد ڪري ٿو ته ان جي خلاف ڪيترائي ماڻهو اٿي وري هڪ لابي جي طور تي ڪم ڪن ٿا جنهن جي ڪري تنقيد ڪرڻ وارو ان ڳالهه کان لنوائي ٿو ته هو ڪنهن به ليکڪ جي لکڻين تي تنقيد ڪري. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ معياري ادب جي کوٽ نظر اچي ٿي.
همسري: اسان جي تعليمي نظام ۾ ڏينهون ڏينهن تنزلي ايندي پئي وڃي ان ڪري اسان جو نوجوان ليکڪ به ان قابل ناهي جو هو انقلابي سوچ رکي ڪجهه لکي سگهي؟ ان مسئلي کي ڪيئن حل ڪجي؟
حميد سنڌي: ان تي تمام گهڻو ڳالهائي سگهجي ٿو. مان گهڻو ڪري هڪ ليکڪ جي طور تي متعارف ڪرايو ويندو آهيان پر بينادي طور تي هڪ تعليمدان آهيان. انگريزن هڪ تمام بهترين نظام ڏنو جنهن کي ورنيڪيولر نظام چيو ويندو هو جنهن ۾ شروع وارا چار درجا ٻار کي پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ پڙهايا ويندا هئا. اسان کي ستين اسٽينڊر تائين انگريزي اچي ويندي هئي، انگريزي جا استاد ان وقت ۾ تمام سٺا هوندا هئا. هن وقت حال اهو آهي جو انگريزي پڙهائيندڙ کي انگريزي نٿي اچي، حساب پڙهائيندڙ کي حساب نٿو اچي، ٻهراڙين جي اسڪولن جو حال ته تمام برو آهي، شهرن ۾ ته وري به ڪجهه پڙهائي ٿئي ٿي. ان کانسواءِ جيڪي خانگي انگريزي ميڊيم اسڪول کليا آهن جيڪو ڳلي ۾ توهان کي اسڪول نظر ايندو انهن تعليم جي تباهي ڪري ڇڏي آهي. اتي پڙهندڙ شاگرد کي نه انگريزي ٿي اچي ۽ نه وري سنڌي. انهن ٻارن ويچارن کي ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ سٺن ڪاليجن ۾ داخلا به نٿي ملي. ان ڳالهه جو حڪومت نوٽيس وٺي ۽ اهڙن اسڪولن کي بند ڪيو وڃي، سرڪاري اسڪولن جي معيار کي وڌايو وڃي ۽ انهن ۾ ايندڙ استادن جي چڱيءَ طرح سان تربيت ڪئي وڃي ته جيئن اتان سٺا شاگرد نڪري سگهن. ٻار جي تعليم جو شروعاتي دور پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ هئڻ تمام گهڻو ضروري آهي ان سان ان جي سوچ ۽ سمجهه ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ سوچي ٿو ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو. اهڙيءَ طرح سان هن جي تخليقي صلاحيت وڌندي رهي ٿي. هينئر اسان وٽ ان جي بلڪل ابتڙ ٿي رهيو آهي، جنهن جو نقصان اسين ڀوڳي رهيا آهيون. علم اهو آهي جيڪو ٻار جي ذهن تي ڇپجي وڃي. هينئر تعليمي نظام هڪڙي صنعت بڻجي ويو آهي، تعليم کي بزنس جي طور تي نه بلڪه تعليم جي طور تي هلايو وڃي. جيستائين اسان جو نصاب اسان جي معاشي قدرن سان هڪجهڙائي نه رکندو تيستائين اسان ان مان لاڀ حاصل نٿا ڪري سگهون. نه صرف شاگردن جي تعليم پر استادن جي به تربيت تمام گهڻي اهم هوندي آهي، انهن جي تربيت ڪئي وڃي ته اهي ڪيئن مستقبل جي شاگردن کي تيار ڪن. اڄ جي تعليم الائي ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي، جنهن جا مثبت جي بجاءِ منفي نتيجا ملي رهيا آهن، پئسي جو تمام گهڻو ذيان ٿي رهيو آهي پر اسان اهو شاگرد پيدا نه ڪري سگهيا آهيون جيڪو هن معاشري لاءِ سگهارو مددگار هجي. فني طور تي جيڪي ماهر هجڻ کپن اهي ماهر پيدا نه ڪري سگهيا آهيون. شهري ۽ ٻهراڙي جي ٻار جي تعليم جي معيار ۾ وٿي تمام گهڻي وڌندي پئي وڃي جيڪا جيڪڏهن پُر نه ڪئي وئي ته تمام گهڻي تباهي ايندي. ان جي ذميداري اسان جي حڪمران جماعت تي آهي ته هو ان مسئلي کي حل ڪري.
همسري: توهان پنهنجي لکيل ڪهڙي ڪهاڻيءَ کي شاهڪار ڪهاڻي ٿا مڃو ۽ ڇو؟
حميد سنڌي: منهنجون سڀ ڪهاڻيون مون کي ته تمام گهڻيون پياريون آهن پر انهن مان ڪا شاهڪار آهي يا نه آهي ان جو فيصلو مان ڪيئن ٿو ڪري سگهان. انهن سڀني ڪهاڻين جا ڪردار مون کي تمام گهڻا پيارا آهن. منهنجي هڪ ڪهاڻي آهي “مرين ته آرهڙ ۾ مرجائين” ۽ ٻي ڪهاڻي “ويريون” اهي ٻئي ورهاڱي جي موضوع تي لکيل آهن ۽ “ٺوٺ ڌرتي” جن کي مان وڻندڙ ڪهاڻي چئي سگهان ٿو، پر شاهڪار ڪهاڻي ڪهڙي آهي ان جو فيصلو پڙهندڙ ئي ڪري سگهي ٿو. منهنجون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڃان تائين صحيح طريقي سان پڙهيون به نه ويون آهن ۽ منهنجون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون دز ۽ مٽيءَ ۾ دٻجي ويون آهن، مون کي ان ڳالهه جو افسوس ٿيندو آهي. هينئر هڪ ناول منهنجي هٿ ۾ آهي “آپي هير هويا آپي رانجها” اهو هڪ تمام دلچسپ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل ناول آهي، پر خبر ناهي ته وقت مون کي ان کي مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيندو يا نه. ان کان علاوه “زندگيءَ جون يادگيريون” به سهيڙيان پيو. جيترو مون ڪهاڻين تي ڪم ڪيو آهي ۽ جيڪا منهنجي اميد هئي ته ماڻهو پڙهي ان جي اوتري موٽ ڏيندا اها موٽ مون کي نه ملي سگهي آهي.
همسري: هڪڙو وقت هو جڏهن ليکڪ سماج کي راهنمائي ڏئي رهيو هو پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي. ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟
حميد سنڌي: ان جو سبب خود سماج آهي، سماج جڏهن بدبوءِ دار ٿي وڃي ته ليکڪ ڇا ٿو ڪري سگهي. هن وقت ليکڪ اهو ئي ٿو چاهي ته سماج ۾ سڌارا اچن پر برايون ايتريون ته سماج کي وڪوڙي ويون آهن ۽ سڀئي هڪٻئي جا دشمن لڳا پيا آهن. توهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته اڳي ليکڪ سماجي اصلاح جو ڪم به ڪندو هو پر اڳي ماڻهو پڙهندا تمام گهڻو هئا، اڄڪلهه پڙهڻ جو رجحان گهٽجي ويو آهي ۽ لکڻين کي انهيءَ قدر جي نگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي. ٻيو ته ورهاڱي کانپوءِ اسان جو جيڪو سٺو سنڌي ليکڪ هو اهو هندستان لڏي ويو جيڪو صرف ليکڪ نه پر سٺو استاد به هو ان جا به معاشري تي تمام گهڻا منفي اثر ٿيا ۽ انهن جو نتيجو اڄ اسان مجموعي طور تي ڀوڳي رهيا آهيون ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڦرلٽ وارو ماحول پيدا ٿيو جنهن جي ڪري سماج ڀُري پيو. هاڻي سماج رڳو شاهوڪار ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي ته راتون رات ڪيئن امير ٿجي، ان جو نتيجو ڪرپشن به آهي. ليکڪ ان کي نه ته چَتيون ٿو هڻي سگهي نه ڪو ڳنڍ ٽوپو ڏئي ٿو سگهي. هينئر سماج ۾ بيٺل پاڻيءَ وانگر بدبوءِ پيدا ٿي وئي آهي. حد ته اها آهي جو سنڌو درياءَ کي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڦليلي ڪئنال جنهن جو پاڻي پاڪيزگيءَ جو مظهر هو ان ۾ سڄي شهر جو گند پيو اڇلائجي. جيڪڏهن انهن شين جو تدارڪ نه ڪيو ويو ته سماج ڏينهون ڏينهن ويڳاڻائپ ۽ تنزلي جو شڪار ٿي ويندو.
همسري: اسان وٽ هڪڙو ماڻهن جو گروهه پيدا ٿيو آهي جيڪو چوي ٿو ته هاڻي سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ ناولن جي ڪابه اهميت ناهي ڇو ته شيون آن لائين پيون آهن اهي وڌيڪ ٿيون پڙهجن، توهان ان ڳالهه سان ڪيترا متفق آهيو؟
حميد سنڌي: مون کي ان ڳالهه سان تمام گهڻو اختلاف آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪابه حقيقت نه آهي. جيڪڏهن ڪتاب لکيو ويندو ڇپبو ته ان کي آن لائين رکڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي، پر رڳو ايترو چئجي ته ڪتاب آن لائين هجن ۽ انهن جو اصل ۾ ڪو وجود نه هجي، پرنٽ ٿيل نه هجن ته اها پنهنجي ايندڙ نسلن سان وڏي زيادتي ٿيندي. مون کي خبر آهي ته ڪهڙو گروهه اها ڳالهه ڪري ٿو. ڇا توهان ڊڪشنري يا ڊائريڪٽري ٿا پڙهائڻ چاهيو جو آن لائين ماڻهو پڙهندا. ڪتاب اسان جو بنياد آهي، مغربي دنيا ۾ اڄ به ڪتاب لَکن جي تعداد ۾ ڇپجي رهيا آهن اهي ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان کان تمام گهڻو اڳتي آهن پر اڄ به ڪتاب پڙهن ٿا، جنهن کي پڙهڻ جي عادت هوندي اهو ڪتاب ضرور خريد ڪندو ۽ پڙهندو. ان قسم جي ڳالهه ڪندڙ گروهه حقيقت ۾ معاشري کي گمراهه ڪري رهيا آهن. ٽيڪنالاجي جي تبديلي سان شيون تبديل ٿين ٿيون پر اصل پنهنجي جاءِ تي اوترو ئي اهم هوندو آهي ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. اڄ به هيري پاٽر ۽ ٻيا جيڪي بيسٽ سيلر ڪتاب ۽ ناول ڇپجن ٿا لَکن جي تعداد ۾ ماڻهن انهن کي خريد ڪن ٿا. اڃان اسان ان ٽيڪنالاجي کي پوري طرح سان سمجهي به نه سگهيا آهيون ۽ عام ماڻهو ان جو استعمال به صحيح طريقي سان نٿو ڪري سگهي ته اسان ڪتاب جي اهميت کي ڪيئن ٿا رد ڪري سگهون. مان ان خيال جو ماڻهو آهيان ته ڪتاب ڇپجڻ گهرجي ۽ هٿ ۾ کڻي پڙهڻ گهرجي.
همسري: ڪلچر ڊي کي ملهائڻ هاڻي سنڌ جي روايت ٿيندي پئي وڃي. توهان ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ ساڃاهه وندن کي ڪا صلاح ڏيندا ته هو ڪيئن قوم جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا ته ان ڏينهن کي ڪيئن ملهائجي ۽ ڪهڙا مقصد حاصل ڪجن؟
حميد سنڌي: اهو ڏهاڙو ملهائڻ ڄڻ هڪ نعرو آهي. ان جا ڪجهه مثبت پاسا به آهن ان سان سنڌي پورهيتن کي جيڪي اجرڪ ۽ ٽوپيون ٺاهين ٿا انهن کي روزگار ملي ٿو وڃي. هاڻي ان ڏهاڙي مان فائدو وٺڻ هن سماج جو ڪم آهي اسان ۾ جيتري سجاڳي هوندي اسان ان ڏينهن مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺي سگهون ٿا. ڪلچر جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو حصو ٻولي آهي. هينئر هڪ دفعو وري سينيٽ ۾ نون علاقائي ٻولين کي قومي ٻولين جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويو پر بل وري رد ٿي ويو. آئون سمجهان ٿو ته ڪلچر ڊي ملهائڻ سان ماڻهن ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي بچاءُ لاءِ سمجهه پيدا ٿيندي ويندي ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ٿيندا ويندا ۽ اسان سڀني صوبائي ٻولين ۽ ان جي ڪلچر جي بچاءُ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ پسند ڪنداسين پر هن ڪلچر ڊي کي سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ جي لاءِ جيڪڏهن استعمال ڪيو وڃي ته ان مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هينئر ٻيا صوبا به سنڌ وانگر مصيبت جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن انهن سڀني کي پنهنجو پنهنجو حق ملڻ کپي ۽ انهن جي پنهنجي شناخت ۽ انهن جي بقا انهن کي ملڻ کپي. مقصد اهو آهي ته هن ڏينهن مان اسان کي ڪا روشني جي لاٽ پيدا ڪرڻي آهي.
همسري: سنڌ ۾ هينئر ادبي فيسٽيول تمام گهڻا ملهائجي رهيا آهن ۽ هر ضلعي جي سطح تي ملهائجن پيا ان جا سنڌي ادب جي مستقبل تي ڪهڙا اثر پوندا؟
حميد سنڌي: شيون ٿيڻ گهرجن ان قسم جا فيسٽيول ملهائڻ سٺي ڳالهه آهي پر ضروري آهي ته انهن جي لاءِ اوتري سٺي پلاننگ ڪئي وڃي. هينئر جيڪي شيون ٿيون پيون ايئن پيو لڳي ته افرا تفري ۾ ٿي رهيون آهن. ان قسم جي پروگرامن لاءِ هڪڙو مستقل ادارو هجڻ کپي جيڪو تمام منظم طريقي سان اهي تقريبون منعقد ڪرائي ۽ انهن جا مقصد واضح هجڻ کپن. ڪنهن فرد جي اچڻ ۽ وڃڻ سان انهن ادارن جي مقصدن تي ڪوبه فرق نه پوڻ گهرجي. هر ضلعي جي سطح تي آرٽس ڪائونسل ٺاهي وڃي ۽ انهن جون ڪميٽيون جوڙيون وڃن ۽ پوءِ ضلعي سطح تي انهن جي لاءِ بجيٽ مقرر ڪيو وڃي ۽ ساليانه تقريبون رکيون وڃن ته جيئن ننڍن ننڍن شهرن کي به ان مان فائدو ٿئي ۽ اتان جو عوام به اڳتي اچي سگهي. هن وقت ۾ هر ڳالهه جي پٺيان پئسو نظر اچي پيو ۽ مقصديت فوت ٿيندي پئي وڃي ان ڪري عوام کي اهي نتيجا نٿا ملي سگهن. اڄ جو نوجوان به انهن سڀني شين کي ڏسندي ماده پرستي جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ هو پنهنجي روحاني تربيت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، جنهن جو نقصان سنئون سڌو اسان جي سماج کي مختلف طريقن سان ٿي رهيو آهي. اسان جي سماج ۾ دولت جي ورڇ تمام گهڻي غير منصفاڻي طريقي سان ٿيل آهي، امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا وڃن ۽ مڊل ڪلاس ختم ٿيندو پيو وڃي، اهي چند ماڻهو آهن جيڪي هر شيءِ تي قابض آهن. اها صورتحال هڪ عام ماڻهو لاءِ قبول ڪرڻ تمام ڏکي آهي.
همسري: هر شاعر ۽ اديب جو ڪو نه ڪو آدرش هوندو آهي، توهان جو ادب جي ميدان ۾ ڪهڙو آدرش رهيو؟
حميد سنڌي: منهنجو سبجيڪٽ اقتصاديات آهي ۽ منهنجو آدرش اهو ئي هو ته آئون پنهنجي لکڻين جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ ڪجهه اهڙو ڪيان جو هتان جو ماڻهو سکيو ستابو ٿي وڃي، ان وٽ علم هجي ۽ سنڌ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ نه ڦاسي. سنڌ جي ماڻهن کي سدائين آباد ڏسان. منهنجو ناتو پنهنجي مٽيءَ سان هميشه گهرو رهيو آهي، هتان جي ماڻهن کي ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي هميشه مٿانهون ڏسڻ چاهيان ٿو. جيئن هينئر اسان جو پاڻيءَ جو حصو اسان کي صحيح طرح سان نٿو ملي ان ڪري سنڌ ڊيلٽا ختم ٿي وئي آهي ۽ سمنڊ زمين کي ڳهندو پيو وڃي ۽ خدا نه ڪري جو اهو ڏينهن اچي جو سڄي سنڌ سمنڊ ڳڙڪائي وڃي. اسان کي ان مسئلي تي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان لکڻو ۽ ڳالهائڻو پوندو. جيئن چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کي مستقل ڪري پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ کي پنهنجي ايگريڪلچر لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. اسان کي اهڙن مسئلن تي لکڻ جي ضرورت آهي.
همسري: سنڌي ادب عالمي فڪري ۽ فني تبديلين کي ڪيترو سمجهيو ۽ محسوس ڪيو آهي؟ ۽ ڪيترو انهن لاڙن کي جذب ڪري اڳتي وڌيو آهي؟
حميد سنڌي: ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ سڄو سنڌي ادب عالمي ادب کان متاثر ٿيو. عالمي ادب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. جنهن ۾ ناول، ڪهاڻيون ۽ سٺا سٺا آرٽيڪل ترجمو ٿيا. عالمي ادب ڪنهن به ادب لاءِ هڪ استاد جو ڪم ڪري ٿو. اسين ان جي اڳيان سيکڙاٽ آهيون. دنيا جون جيڪي تهذيبون هيون اهي به هڪٻئي سان ڳنڍيل هيون انهن هڪٻئي کان گهڻو ڪجهه سکيو. اڄ جيڪڏهن انهن جا آثار ڏسون ٿا ته اسان کي انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. عالمي ادب اسان کي نوان لاڙا ڏئي ٿو، اگاٿا ڪرسٽي جو جاسوسي ادب سنڌيءَ ۾ هندن جي زماني ۾ تمام گهڻو ترجمو ٿيو. اڄ جي ليکڪ کي جيترو ٻاهريون ادب پڙهڻ کپي اوترو هو نٿو پڙهي ۽ ڪتابن جا ترجما به تمام گهٽ ٿا ٿين جيڪڏهن اسان وري عالمي ادب کي ترجيحي بنيادن تي پڙهون ۽ ترجما ڪريون ته ان جو اثر اسان جي ليکڪن جي لکڻين ۾ به نظر ايندو.
همسري: نوجوانن کي پڙهڻ طرف راغب ڪرڻ لاءِ ذميداري ڪنهن جي آهي؟
حميد سنڌي: اها اصل ۾ ذميداري استاد جي آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسان جي حڪومت کي به هر ننڍي وڏي شهر ۾ لائبريرين جو ڄار پکيڙڻ گهرجي. جيئن ته اسان وٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جون لائبريريون ٺيڪي تي ڏنل هونديون آهن جنهن ۾ ٺيڪيدار جيڪو گند ڪچرو ملندو اٿس رديءَ مان به ڪچرو کڻي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لائبريرين ۾ اڇلائيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان جو نوجوان پڙهڻ طرف ڪيئن راغب ٿيندو. رياست جي ذميداري آهي ته سٺيون لائبريريون قائم ڪري ۽ سڀ گهربل سهولتون فراهم ڪري ته جيئن نوجوان جو لاڙو پڙهائي طرف ٿئي. نوجوان پڙهندو ته ادب جي دنيا ۾ ڪم ضرور وڌندو رهندو.
همسري: سنڌي ادب ۾ مزاحمتي ادب جو لاڙو تمام سست ٿو نظر اچي ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
حميد سنڌي: هن وقت ۾ سماجي طور تي ماڻهو سجاڳ ٿيڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي ته هو ڇاجي مزاحمت ڪندو. جڏهن مزاحمتي ادب لکيو ويو ته ان وقت ون يونٽ ۽ پوءِ وري ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ان جي خلاف مزاحمتي ادب لکيو ويو. اڄ به شاعريءَ ۾ گهڻو ڪجهه لکجي پيو پر ماضيءَ ۾ جيڪو شاعر مزاحمتي ادب لکي چڪو آهي ان وٽ ڪو مقصد هو. جڏهن مقصديت ختم ٿئي ٿي ته مزاحمت به ختم ٿي وڃي ٿي. هينئر به اسان وٽ ڪيترائي مسئلا آهن جيئن پاڻيءَ جو مسئلو آهي، ڪالا باغ ڊيم، آدمشماري جو مسئلو، ڌارين جي آبادڪاري، ٿر جا مسئلا انهن سڀني تي مزاحمتي ادب لکي سگهجي ٿو.
همسري: ننڍن شهرن جي اسڪولن مان ميرٽ مٿي نه پيو اچي جنهن ڪري سماجي اڻبرابريءَ ۾ واڌ اچي رهي آهي ان صورتحال کي ڪيئن ختم ڪجي؟
حميد سنڌي: سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ سهولتن جو وڏو فرق آهي. شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ته وري به ڪجهه سٺا اسڪول ۽ سٺا استاد ملي ٿا وڃن پر ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن جو حال تمام برو آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم کي لاڳو ڪيو ويو آهي، پر ان جي به ڪيترن سياسي جماعتن وٽ مخالفت ڪئي وڃي ٿي. ٻهراڙين سان اها تمام گهڻي ٻه اکيائي ڪئي پئي وڃي، اتي سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن. استاد اسڪولن ۾ وڃن نٿا، ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن ته ميرٽ ڪيئن پيدا ٿيندو. ميرٽ ته تڏهن پيدا ٿيندو جڏهن اتان جي ٻار تي محنت ڪئي ويندي. اسان جي ٻارن ۾ صلاحيتن جي ڪمي ڪونهي پر انهن کي موقعا نٿا ملن. جڏهن هو مقابلي ۾ ئي ڪونه ايندو ته سماج ۾ برابريءَ جو سوال ئي پيدا ٿي نٿو سگهي. هينئر جيڪي ٻهراڙين ۾ انگلش ميڊيم اسڪول کلي پيا آهن انهن هڻي ٻارن جو مستقبل تاريڪ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن انگريزي ميڊيم اسڪولن کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ پنهنجن ٻارن کي سنڌي ميڊيم ۾ پڙهائي انهن تي محنت ڪجي ته جيئن حقيقي طور تي انهن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي. انگريزي ته هو پوءِ به سکي سگهي ٿو. هينئر به ڪجهه ٻهراڙين جا اسڪول سٺا آهن جتي پڙهائي به ٿئي ٿي. يونيورسٽي ليول تي شاگرد اچي ڪجهه سکن ٿا ۽ اتي استادن جي به ڪجهه محنت شامل هوندي آهي جو انهن جي انگريزي به سٺي ٿيو وڃي پر اهو سڀ ڪافي ناهي. مان آخر ۾ اهو ئي چوندس ته اڄ جو شاگرد اسڪول ۾ پنهنجي تعليم جي سلسلي کي مڪمل ڪري ئي نٿو جنهن جي ڪري ان جي تعليمي ۽ ادبي شخصيت ۾ وڏو خال رهجي ٿو وڃي، جنهن کي پوءِ هو پنهنجي ذاتي ڪوششن سان پُر ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪري ٿو پر سسٽم ان کي سهارو نٿو ڏئي. تعليم جي ٻٽي نظام خانگي ۽ سرڪاري سماج کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جنهن سماج ۾ تمام گهڻي اڻبرابري پيدا ڪئي وئي آهي، ان مسئلي کي ڏسڻ گهرجي نه ته سماج هڪ ڏينهن بلڪل ڊهي ۽ ڀُري پوندو. ايتري بري حالت جي هوندي جو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم جو نظام تمام بدترين دور مان گذري رهيو آهي، پر ڪجهه گروهه اهڙا آهن جيڪي ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ڪن ٿا پر جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ڪن ٿا ته ان جي لاءِ ڪو حل به نٿا ڏين ته ٻهراڙين جي تعليم کي شهري برابري ۾ ڪيئن آندو وڃي.
همسري: همسري جي پڙهندڙن جي لاءِ ڪو پيغام؟
حميد سنڌي: هينئر نڪرندڙ سنڌي پرچن ۾ همسري منفرد به آهي ۽ وقت تي پهچي ٿو. مواد جي چونڊ تمام سٺي آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سجاڳي جو پيغام کڻي نڪتو آهي. سنڌ واسين کي هن مئگزين کي ضرور پڙهڻ گهرجي. ڇو ته هن ۾ سنڌين جي سجاڳي ۽ اڳتي وڌڻ جي تبليغ ٿيل آهي. منهنجون دعائون همسري سان گڏ آهن.