خاص

سنڌ جي عوامي ملڪيتن تي سياسي مفت خورن ۽ بلڊرن جي ملي ڀڳت سان قبضا ڪيا پيا وڃن

حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، پريس سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي ۽ محبوب ”رڪ“ راهوجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي عوامي ملڪيتن تي سياسي مفت خورن ۽ بلڊرن جي ملي ڀڳت سان قبضا ڪيا پيا وڃن. ھي سامراجي ڇاڙتا پبلڪ پارڪن، قبرستانن، آستانن، گھٽين ۽ سرڪاري زمينن ۽ پلاٽن تي قبضن لاءِ ڪاھي پيا آھن، جن کي روڪڻ لاءِ باشعور عوام کي سينو سپر ڪري اٿڻو پوندو. اڳواڻن اهڙن خيالن جو اظهار راڻيپور ۾ ميران محي الدين پبلڪ پارڪ تي قبضي خلاف ھلندڙ جدوجھد جي حمايت ڪندي ڪيو. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته اوائلي ميران محي الدين پبلڪ پارڪ راڻيپور تي بدنام قبضا گير بلڊر قبضو ڪري ورتو آھي. ان عوامي ملڪيت تي پارڪ ختم ڪري ڪمرشل دڪان ٺاھڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. ان پلاٽ ۾ سگا آفيس، سگا بلڊ بئنڪ، ميران محي الدين پبلڪ لائبريري، واٽر فلٽريشن پلانٽ ۽ پريس ڪلب جهڙيون عوامي ملڪيتون ڊاهيون وينديون. ھنن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ ھميشه سنڌ ۾ قبضا گيري، ڀتا خوري ۽ دھشتگردي خلاف ھر ھنڌ عوام جو آواز بڻجندي رهي آهي. راڻيپور جي عوام جي هن جدوجهد ۾ به عوامي تحريڪ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائيندي ۽ عوام سان گڏجي بلڊرن ۽ انهن جي ظاھر توڙي لڪل ساٿارين کي جدوجهد ذريعي ھر طرح سان شڪست ڏبي ۽ عوامي ملڪيتون ناجائز قبضن کان آجيون ڪرائبيون.