سنڌ حڪومت ٽن مهينن جي بندش بعد انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سنڌ حڪومت ٽن مهينن جي بندش بعد انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ٽرانسپورٽ اتحاد سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه طرفان ڪراچي ۾ سڀاڻي کان پبلڪ ٽرانسپورٽ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽرز ۽ روينيو کاتي جي عملدارن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير اويس شاهه چيو آهي ته گاڏين ۾ اضافي مسافر نه ويهاريا ويندا، ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته گاڏيون ٻيهر بند ڪيو وينديون، مسافر گاڏين ۾ سينيٽائيزر ۽ مسافرن لاءِ ماسڪ لازمي قرار، اڄ رات تائين نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments