سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪرڻ واري مهم بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪرڻ واري مهم بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، رولو ڪتن جي آزار ۽ ويڪسين جي عدم فراهمي واري معاملي تي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ پيش ٿيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 8 سالن کانپوءِ ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪرڻ بابت قانونسازي ٿي، انتهائي ڏکيائي سان اهو قانون ٺهيو آهي، ڪُتا پڪڙي رهيا آهيو يا وڪسينيشن ڪئي پئي وڃي، ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪيو پيو وڃي، قانونسازي بابت ٻن هفتن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

