خاص

سنڌ يونيورسٽي مالي بحران جو شڪار، ادائگي نه ڪرڻ سبب تيل جي سپلاءِ بند

سنڌ يونيورسٽي مالي بحران جو شڪار، يونيورسٽي انتظاميه تيل ڪمپني کي ڪروڙين رپين جي ادائگي نه ڪرڻ سبب پي ايس او انتظاميه تيل جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي. مليل ڄاڻ موجب سنڌ يونيورسٽي انتظاميه مالي بحران جو شڪار ھجڻ سبب تيل ڏيندڙ خانگي ڪمپنين يونيورسٽي انتظاميه جي تيل پئٽرول ڊيزل جي سپلاءِ روڪي ڇڏي آھي، جنھن سبب يونيورسٽي جي ھلندڙ ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي. ھالا کيسانه موري شفٽ کڻي ويندڙ پوانئٽ بسن کي اپ ڊائون جو تيل نه ھجڻ ڪري انھن بس عملي کي رات رھڻ بعد صبح جو واپس شفٽ کڻي اچڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏھن ته گذريل ھڪ ھفتي کان تيل جو بحران ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ڪالھ ڄامشورو شھر وچ ۾ پل ھيٺان ھڪ خانگي پيٽرول پمپ تان سنڌ يونيورسٽي جي پوانئٽن تيل قطارن جي صورت ۾ ڀرايو ھو. ان بابت مليل وڌيڪ ڄاڻ موجب انتظاميه خانگي تيل سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي ڪروڙين رپين جي ادائگي نه ڪرڻ سبب تيل جي سپلاءِ ڪيترن ڏينھن کان بند ڪئي آھي بعد ۾ انتظاميه پنھنجي ھڪ پراڻي ٺيڪيدار کان ھڪ ھفتو تيل اوڌر تي ورتو بعد ۾ ان کي پئمينٽ نه ٿيڻ سبب اتان به سپلاءِ بند ٿي وئي ھئي، بعد ۾ اڳوڻي ڪاموري جي پمپ تان تيل سپلاءِ شروع ڪئي وئي آھي. ان حوالي سان پئٽرول پمپ انچارج غلام مرتضيٰ کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته خانگي ڪمپني انتظاميه جي ڊليوري ليٽ ڪئي آھي جلد تيل جي سپلاءِ ٿي ويندي، ٻيو ڪو مسئلو ناھي ڪوبه مالي بحران ناھي. ھوڏانھن ٽرانسپورٽ انچارج رحمت الله شر ٻڌايو آھي ته خانگي تيل جي قيمتن ۾ فرق سبب تيل ليٽ ڪئي آھي، مجبورن خانگي پمپ تان تيل خريد ڪيو آھي، سڀاڻي تائين تيل اچي ويندو. ان حوالي سان ملازمن جي نمائندا تنظيم سيوا صدر محمد علي گھانگھرو جو چوڻ آھي، يونيورسٽي ۾ مالي مسئلا موجود آھن، موجوده وي سي کي اھي مامرا سنجيدگي واري حڪمت عملي تحت حل ڪرڻ جي ضرورت آھي.