سنڌ ۾ استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي طرفان اُميدوارن جي ٽيسٽ جو سلسلو شروع
سنڌ ۾ ساڍا 46 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي طرفان لکين اُميدوارن کان ٽيسٽ وٺڻ جو سلسلو شروع، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ٽيسٽ سينٽرز قائم ٿيل، اڄ پهرين ڏينهن ٽيسٽ سينٽرن تي اُميدوارن جي رش لڳل رهي. پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ 5 لک کان وڌيڪ اُميدوارن فارم ڀريا، جِن مان 3 لک 72 هزار اُميدوارن جا فارم منظور ڪيا ويا آهن، آءِ بي اي طرفان استادن جي ڀرتي لاءِ 19 سيپٽمبر تائين ٽيسٽ ورتي ويندي.