خاص

سنڌ ۾ برسات جو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ موسميات کاتي اهم آگاهي ڏئي ڇڏي

ڪراچي ۾ رات کان تيز برسات جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو هن وقت تائين وقفي وقفي سان جاري آهي. چوماسي جو ٽيون اسپيل سنڌ ۾ پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آچر جي صبح کان وٺي تيز برسات جو سلسلو هلندڙ آهي. موسميات کاتي ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي جون تيز هوائون گذريل رات کان سنڌ ۾ داخل ٿيون ۽ اهي 26 کان 27 جولاءِ تائين برقرار رهنديون. موسميات کاتي موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٻين ڪيترن ئي ضلعن ۾ 27 جولاءِ تائين تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ايڊوائزري ۾ هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ ۽ اربن فلڊنگ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي.