سنڌ ۾ رات نائين وڳي کانپوءِ ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻ واري پابندي 8 ڏينهن لاءِ معطل

1104 Shares

سنڌ سرڪار رات نائين وڳي کانپوءِ ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻ واري پابندي 8 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي. نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي. سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته پابندي عيدالاضحيٰ جي ڪري معطل ڪئي وئي آهي، 11 جولاءِ کان نوٽيفڪيشن تي ٻيهر عملدرآمد شروع ٿي ويندو. سنڌ سرڪار بجليءَ جي بچت لاءِ گذريل مهيني صوبي اندر بازارون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز رات نائين وڳي کانپوءِ بند ڪرڻ جي پابندي لڳائي هئي، پنجاب ۽ اسلام آباد انتظاميا به ڪاروبار تي وقت جي لڳايل پابندي معطل ڪري ڇڏي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments