سنڌ ۾ مافيا آپريشن ڪري رهي آهي، مڪمل تباهي آهي ۽ حڪمران مزا ماڻي رهيا آهن: چيف جسٽس
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها هڪ مڪمل تباهي آهي ۽ سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي جڏهن ته حڪمران رڳو مزا ماڻي رهيا آهن. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ نالين تي قبضن خلاف آپريشن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪمشنر ڪراچي عدالت ۾ غير قانوني قبضن جي معاملي تي رپورٽ جمع ڪرائي جنهن تي سپريم ڪورٽ عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ 38 وڏيون ناليون آهن ۽ 514 ننڍيون ناليون ڊي ايم سيز سان گڏ آهن، اين ڊي ايم اي ٽن وڏن نالين جي صفائي تي ڪم ڪري رهي آهي. عدالت سنڌ سرڪار ۽ مڪاني حڪومت بابت رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.