پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تڪبندين جو شيڊيول جاري ڪيو ويو

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي تڪبندين جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب يونين ڪائونسلن، يونين ڪميٽين ۽ وارڊن جي حد بندي هوندي ۽ ابتدائي حد بندين جي لسٽ 9 سيپٽمبر کان 22 سيپٽمبر تائين جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن چيو ته تڪبندين جي فهرست 30 سيپٽمبر تي شايع ڪئي ويندي. جڏهن ته حلقن جي اعتراض تي 23 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ڪئي ويندي ۽ اعتراض 8 آڪٽوبر کان 22 آڪٽوبر تائين موڪليا ويندا. اليڪشن ڪميشن موجب حلقن جي حتمي لسٽ 23 آڪٽوبر کان 29 آڪٽوبر تائين ڪميٽي طرفان جاري ڪئي ويندي ۽ حلقن جي حتمي لسٽ 30 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي. ياد رهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن وارو مدو پورو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ سموريون لوڪل باڊي ڪائونسلون ختم ٿي ويون آهن. جڏهن ته سنڌ سرڪار نئين تڪبندين جي قائم ٿيڻ تائين مڪاني ادارن جون چونڊون منعقد نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.