سيد علي گيلاني جو لاڏاڻو، آزاد ڪشمير ۾ ٽن ڏينهن جو سوڳ

آزاد ڪشمير حڪومت سينيئر ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي وادي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير سندس وفات تي هڪ ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي ۽ آزاد ڪشمير جي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ سندس غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان سيد علي گيلاني جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي هڪ ڏينهن سوڳ ۽ جهنڊو جهڪيل رکڻ جو اعلان ڪيو هو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments