سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو سنئوڻ، آصف زرداري واقعي ن ليگ تي ڳرو ثابت ٿيو: عمران خان
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لوٽن خلاف فيصلي تي سپريم ڪورٽ جا ٿورا مڃون ٿا، سپريم ڪورٽ پاڪستان جي اخلاقيات کي ڪِرڻ کان بچايو، جيڪي ماڻهو ووٽ کپائيندا آهن، اهي پنهنجي ماڻهن، آئين ۽ جمهوريت سان غداري ڪندا آهن، شڪر آهي ته سپريم ڪورٽ اڄ انهن جي ووٽ کي رد ڪري ڇڏيو. ڪوهاٽ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اڄ ڪوهاٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو آهي، شهباز شريف ڦاسي ويو آهي، اڳيان سمنڊ ۽ پويان ٽائيگرز آهن. هن چيو ته شهباز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ جو شوق هو، پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌڻ لڳيون آهن، امپورٽڊ حڪومت ڊنل آهي، جتان اهي امپورٽ ٿيا آهن، اتان کان حڪم ٿيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائي وڃي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف کان پهرين وڏو ڀاءُ وزيراعظم هو، هن وڏي دير کان ڪرتو سبرايو هو، شهباز شريف ويچارو بوٽ پالش ڪري هيستائين پهتو آهي پر سڀ کان وڌيڪ مزي ۾ آصف زرداري آهي. عمران خان چيو ته آصف زرداري واقعي ن ليگ تي ڳرو ثابت ٿيو آهي، انهن ٽنهي زور لڳائي اسان جي حڪومت ڪيرائي، هن وقت سموريون گاريون شهباز شريف کي ملي رهيون آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان آمريڪين کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو، هو ڪڏهن ائين ڊالر ناهن ڏيندا، هو ڊالر ڏيندا ته وڌيڪ غلامي ڪرائيندا. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته حمزا شهباز به وڏي دير سان ڪرتو سبرايو، هاڻ ڪرتو رکو، سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته شريف فيملي جا ڪرپشن ڪيس ٻڌي، ڇو ته ايف آءِ اي کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي ڪنهن تي اعتماد ناهي.

