خاص

سپريم ڪورٽ نيب کي ننهن کان چوٽي تائين بي نقاب ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ نيب کي ننهن کان چوٽي تائين بي نقاب ڪري ڇڏيو. نيب جيڪا ٻين جا پٽڪا لهرائي کين بي عزت ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندي آهي، جنهن پنهنجو وقار وڃائي ڇڏيو آهي. نيب ۾ ويٺل فرعونن اهو محسوس ٿي ڪيو ته عزت ۽ ذلت سندن هٿ ۾ آهي. نيب ٻين کي ذلت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ کي ذليل ڪيو ۽ اهي جن کي مهينن، نظر بندي ۽ قيد ۾ رکي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اڳ جي ڀيٽ ۾وڌيڪ عزت وارا ثابت ٿيا. پيراگون ڪرپشن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جي هر سٽ ظلم ۽ قانون جي غلط استعمال بابت ڳالهائي ٿي، جيڪو نيب گذريل ٻن ڏهاڪن کان جاري رکيو آهي. سپريم ڪورٽ اهو به چيو آهي ته نيب ملڪ جي خدمت نه ڪري رهيو آهي، پر ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي. هي ادارو روز اول کان متنازع رهيو آهي. سياسي مخالفن کي دٻائڻ ۽ نشانو بڻائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، اهو سياسي چال بازي لاءِ غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. نيب کي وفاداريون بدلائڻ، سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ، مخالفن جي هٿ کي مروڙي ۽ انهن کي سبق سيکارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. يا ته ان اداري جو خاتمو ٿيڻ گهرجي يا خاص طور تي صرف الزامن جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ جي طاقت کي ختم ڪيو وڃي جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ واحد ادارو آهي جيڪو ائين ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سياستدان ۽ پارليامينٽ ثابت ڪيو آهي ته هو اهو ڪرڻ جي قابل ناهن.