سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، مداخلت خلاف مزاحمت لاءِ اٿنداسين: طالبان
طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، پر ڪنهن به مداخلت ڪئي ته ان جي خلاف مزاحمت لاءِ اٿنداسين. ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغان عوام طالبان سان گڏجي ڪم ڪن ۽ وڏو گڏيل نظام ٺاهڻ ۾ طالبان جي مدد ڪن. طالبان ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته طالبان ڪنهن به ملڪ جي خلاف دشمني وارا جذبا نٿا رکن ۽ چاهين ٿا ته ڪو به ملڪ سندن مسئلن ۾ مداخلت نه ڪري. هن چيو ته طالبان سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهين ٿا، پر جيڪڏهن مداخلت ڪئي وئي ته ان جي مزاحمت لاءِ ضرور اٿندا. ٻئي پاسي افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته افغانستان ۾ اقتدار جي کوٽ آهي، ان ڪري ملڪ ۾ سڀ کان پهرين گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ سهيل شاهين چيو ته چين افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت کي فروغ ڏيڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. طالبان ترجمان افغانستان جي نئين تعمير لاءِ چين جي سهڪار کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

