سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا ستن مهينن کانپوءِ ٻيهر کلي ويا
ڪورونا لاڪ ڊائون سبب بند ٿيل تعليمي ادارا 7 مهينن کانپوءِ ترتيبوار کلڻ لڳا جنهن کانپوءِ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن سان گڏوگڏ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جو آغاز ٿي ويو آهي. سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ اسلام آباد سميت ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي تعليمي سرگرمين جو آغاز ٿي ويو آهي. وزيراعظم سمورا اسڪول پبلڪ هيلٿ سيڪيورٽي رولز جي مطابق کولڻ جي هدايت ڪئي آهي.

