بلاگ

شاعري، عشق ۽ شعور ذڪريا باريجو اپريل 2022

شاعرن جي لاءِ واکاڻ ٻُڌي مون کي به اچي شاعريءَ جو شوق جاڳيو. شوق ڇا هجي، ھفتي ڏيڍ اندر تَر جي سمورن گِڙنگ شاعرن جا ديوان پڙھي پورا ڪيم. پھرين پئسن تي شاعري جا مجموعا ٿي خريد ڪيم. جڏهن ڏوڪڙ کُٽا ته اوڌر تي پئي ورتم، پر ڪڏهن به ڪتاب وٺڻ ۽ پڙھڻ بند نه ڪيم. شاعريءَ بابت چڱي معلومات حاصل ڪيم. شاعري ڪيئن ڪجي!؟ ڪٿي ڪجي… ڇو ڪجي… ڇاڪاڻ ڪجي…؟ شاعري جون صنفون، قسم، گهاڙيٽا… دوهو، گيت، وائي ڏوهيڙو، ڪافي، نظم جنهن ۾ غزل، رباعي، مستزاد، مثنوي نه صرف ايترو پر ٽيڙو، هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ به نه ڇڏيم. لوڪ ادب ۾ شاعري جون صنفون ڏور، ڏهس ۽ سينگار شاعري سمجھ ۾ نه اچڻ باوجود به پئي ورائي ورائي پڙهيم. ڪتابن جي ايتري اوک ڊوک کانپوءِ مس وڃي رديف قافيي جي شناس ٿي ۽ رات پيٽ ۾ هڪ اڌ غزل لکي ورتم. صبح سان باک ڦٽندي ئي سجاڳي ٿي ۽ پنھنجي شھر جي مشھور فنڪار گُلڻ وٽ وڃي پھتس. ڪاغذ تي لکيل شاعري ڏيندي چيومانس: `قبلا! هي وٺو، پڙھو!`

”بسم الله بسم الله ڪنھن جو خط آ پيارل؟“

”مان ڪو توکي ٽپالي ٿو ڏسجان جو خط آڻيندس؟ بابا هيءَ منهنجي شاعري آهي غزل لکيو اٿم. هاڻي هن کي پنهنجي پياري آواز ۾ ڳائي ته ڀلي ڳوٺ جون ڪڻڇيون ۽ ڪانويليون منهنجي شاعري ٻڌنِ.“

”ها ابو، پوءِ ته واھ واهه! ويھ ته صحيح، ھت ويھ“

گلو ڳائڻي شاعري پڙھي کڻي پان هڻا ڏند ٽيڙيا ۽ منهنجو شوقڙو ڏسي ڪياڙي کنهندي چيائين ”واھ ابو واھ! شاعري ته چڱڙي ٿو ڪرين، پر ڳائڻ وڄائڻ تي به خرچ ٿو ٿئي، ڍولڪ، باجي ساز ۽ ڌن واري کي به چار ڏوڪڙ ڏيڻا ٿا پوَن، ڪيترن ئي مرحلن کانپوءِ وڃي گيت تيار ٿئي ٿو ۽ هتي جو سڀ طبلائي تڏو مَنھُ ڪيو ويٺا آهن. ظاهر آهي سگريٽ پاڻي جو به خرچ آهي، سو…“

”فڪر نه ڪر گلڻ! پئسا مان ڪري ٿو وٺان. تون بس غزل تي ڪم ڪر ۽ ڪا موچاري ڌُن ڏجانس.“

فنڪار گلڻ عرف گلوءَ سان ته پئسن جي هائو ڪري گهر آيس، پر هاڻي پئسا اچن ڪٿان!؟ سو دل ۾ خيال آيو ته بجاءِ هيڏي هوڏي نھارڻ جي پنهنجي گهر مان سَڻائي ٿئي ته بھتر آهي، جي مستقبل ۾ مشھور شاعر ٿي پيس ته به پنھنجي خاندان جي نانءُ نيڪي ٿيندي. سو اهو خيال دل ۾ آڻي، ڏاڏي جو گھيٽو کڻي، پڙي تي کپائڻ لاءِ آندم. وڏي ريھ پيھ کان پوءِ واپارين مس وڃي گَهيٽي جو مُلھ ويھ هزار ڪيو. ڇھ ست ھزار اچي سانوڻ جي کيسي ۾ وڌم. ٽي هزار کن سنگت جي پان، سگريٽ ۽ چانھ جي ڪٽن ۾ پورا ٿي ويا. ڪجھ ڪتابن جي اوڌر چڪائي ڏي وٺ جو کاتو سڌو ڪيم. باقي پئسا اوکيءَ ويل ڪم اچڻ لاءِ شلوار جي ڳجهي کيسي ۾ سانڍي رکيم. سي به روز وڃن کپندا. سنگت جون فرمائشون، اڄ ڦلاڻي هوٽل جي پيالا چانھ، ڦلاڻي جي مرغي ڪڙھائي ته واهه واهه، ڦلاڻي جي دال… مفت جو مال پوءِ حوالن تي زور هجينِ. شانُو ڍولڪ نواز سنهڙو سِپڪڙو ويٺي ويٺي پنج ڇھ ڪٽ چانھ جا ايئن پي وڃي ڄڻ ڪوپن ۾ چانھ نه پاڻي هجي. ميوزڪ ڊائريڪٽر به صفا سُڃو، گَهران اچي ته به بک تي هجي. ناشتو، ماني به اسٽوڊيو ۾ اچي ٻين کان کائي. سنگت جا افعال اهڙا جو ڪير ڀلجي به بُجو نه ڏينِ. پندرهن ويهن ڏينهن جي ڳاٽي ڀڳي خرچ کانپوءِ مس وڃي گانو تيار ٿيو ۽ منھنجي جان ڇٽي نه ته هي نڀاڳا مون کي شھر ۾ پِنائي پوءِ بس ڪن ها. آخر مھيني ٻن کانپوءِ گُلو ڳائڻي جو دردناڪ البم وڃي رليز ٿيو.

البم ڇا آيو ڳوٺ توڙي شھر ۾ گلوءَ کان وڌ منهنجي شاعريءَ جي ھاڪ ٿي وئي. پان جي ڪيبن کان ويندي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ به مون وارو گانو پيو ٻُڌجي. واقف ڪار هرو ڀرو مبارڪون ڏيئي مون کان مٺايون پيا کائينِ. منهنجو به لومڙ وارو چوٿو پير پٽ تي نه هجي. اصل خوشيءَ ۾ نه پيو ماپان.

ھاڻي ته ڳوٺ جون ڪارڙيون، ڪوجهيون، ڪي چڱڻيون موچاريون ڇوڪريون به مون کي تڪڻ لڳيون. ڪي رئي جي پلوَ کي چَڪ هڻي ڏسن ته ڪي پاڻيءَ جا دِلا اوٽ ڪري مون تي ٽھڪ ڏينديون پاڻ ۾ کلنديون وڃن. ڪي ته مون کي ڀرسان لنگهندو ڏسي، منهنجو ئي گيت جهونگارِين. مون کي پھرين ته اها ڳالھ سمجھ ۾ نٿي آئي ۽ سوچ ۾ پئجي ويس ته هي ڇوڪريون مون تي ٽوڪ، چٿر ٿيون ڪن يا… ڇا مسئلو آ!؟ نيٺ چاچي ولڻ سان اچي اها روئيداد سليَم. چاچو ولڻ پڙھيل ته اکر به ڪونه هو، پر زماني جا ڌِڪا ٿاٻا چڱا کاڌا هئائين. سو ڄڻ هيانوَ جي سچائيءَ تي علم جو ڪو درياھ ھو. تنھن ٻڌڻ شرط چيو ”اڙي چريا! صفا ڪو ڀوڪ آهين. بابا! اها ٽوڪ، چٿر يا ڪو طنز ناهي. اهو پيار آ، پنھنجائپ آ. ڪو توکي پنھنجو ڪرڻ ٿو چاهي. سو تون به همت ڪري ڪنهن پدمڻي جي ٻانھن ۾ سِڪ جو سڳڙو ٻَڌ! ان گلوءَ واري گانڙي کانپوءِ ته توتي شاعريءَ سان گڏ حُسن جي ديوي به مھربان ٿي آهي ۽ ها! جواني ۾ هڪ عدد عشق ضروري اٿئي. ان سان شاعريءَ ۾ به وزن ايندئي ۽ سڀاڻي پٽن ۽ پوٽن سان به ڪا ڊاڙ هڻي سگهندين ته عشق ۾ مون به ڦاڙھا ماريا هئا… وڌيڪ مالڪ آهين با! مون ته جوانيءَ ۾ ڪي ٻه ٽي ڪيا هئا، پر تون اها بيوقوفي نه ڪجانءِ. هڪڙا رانجها لکان دا مٽ.“

چاچي ولڻ جون ڳالهيون ٻڌي منهنجو ته وات ئي واڏڻ ٿي ويو. ڪا مھل ته چاچي ولڻ جي گفتن ۾ گم هئس. هوڏانهن گلوءَ چَنڊي هڪڙي گاني لاءِ ايترا هاڃا هنيا جو منھنجو ارڪو ترڪو چٽ ويو هو. في الحال ته شاعري تان روح ئي کڄي ويو. سوچيم، مھان ڪَوي ٿيڻ تائين ته مون کي وڏڙن جون زمينون به گِروي رکڻيون پونديون! اندر ۾ اهڙي باھ اُٿي جو دل چيو گلو ڳائڻي تي سندس آڪھِ سُوڌو هُجو لکان. ڀل پيڙھين تائين پيو پُڻجي، پر وري به ٺھيو ڪري ويس. هن مھل مون تي ٿورو ته اٿس. هرو ڀرو ماڻھو وڙَ کان نه وڃي. چاچي ولڻ وري عشق جي گهوڙي چڙھڻ جا مشورا ڏنا. سو ٻئي ڏينهن تيار ٿي ڳوٺ جي سير تي نڪري پيس.

سسئي، جنهن پرائمري اسان سان گڏ پڙھي هئي. پوءِ اسان ڇوڪرا ته انگريزي پڙھڻ شھر وياسين، پر سسئي جھڙا ڪيئي معصوم، چنڊ جيان چمڪندڙ چھرا منھن تي جواني جا رنگ سجائي گهرن تائين محدود ٿيندا ويا. تنھن سان اچي پنھنجون اکيون اٽڪيون.

”اڙي! ڪيڏو ته مٽجي ويو آ. پيارل تون ته پتڪڙو هئين! هاڻي ته چڱو ڀلو مرد ٿي ويو آهين.“ سسئي مون کي ڏسندي ئي رڙ ڪندي چيو.

”ماشاءَ الله چئو، نظر نه هڻ جانءِ.“

”هائو ماشاءَ الله، خوش ته آهين نه؟“

”ها سسئي… تون ٻڌائي ڪيئن آهين؟“

”مان به خوش آهيان، اسان لاءِ ته علم ئي ايترو هو. پنج درجا پرائمري جا به مس پڙهياسين. پيارل تون ته اڃان پڙھين ٿو نه؟“

”ها، ڪاليج ۾ داخلا اٿم. بس ڪڏهن ڪڏهن ويندو آهيان.“

”ڪڏهن ڪڏهن ڇو!؟ چريا! روز ويندو ڪر. توهان ڇوڪرا ڪيڏا خوش نصيب آهيو. بُک ڏُک تي ئي صحيح، پر پڙھو ته پيا. اڳتي پڙھڻ جي اجازت به اٿوَ! اگر مون کي اڄ به پڙھڻ جي اجازت ملي نه ته مان توکان پڙھائي ۾ هوشيار هجان!“

”ها سسئي! تعليم ته مرد توڙي عورت ٻنهي جو حق آهي، پر الائي ڇو! اسان جي معاشري ۾ اڃان به نياڻين جي حقن سان ٻه اکيائي جاري آهي. اگر تون چوين ته مان توکي انگريزي پڙھايان ۽ شھر واري اسڪول ۾ تنھنجو داخلا فارم ڀرائي ڇڏيان؟“

”سچي! امڙ کان پڇي پوءِ ٻڌائيندي سانءِ. ڀلا اهو ته ٻڌائي! اها شاعري جي ڇاٽَ ڪٿان لڳئي؟“

”بس مڙئي خيال هو. هٿ وڌوسين ته ڪمال ٿي ويو.“

”واهه! ھاڻي ته مڙس جي لھجي مان به شاعري ٿي ٽِمي. سسئي مرڪندي چيو.“

”ڇڏ شاعريءَ کي اهو ٻڌائي! ايتري سُھڻي اڳي به هئين يا هاڻي ٿي آهين…!؟“ مون چيو،

”ڇو؟ مان ته شروع کان ئي اهڙي ئي هيس جھڙي آھيان. شاعر پٽ! تو هاڻي اک پٽي آهي!“

”ھا ها ها ها، صحيح ٿي چوين. منھنجي ته دل ٿي چوي تنهنجي حسن، سونھن سوڀيا تي ڪو گيت لکان، ڪا سينگار شاعري لکان توتي…“

”سينگار شاعري!؟ اها وري ڪھڙي شاعري آ؟“

”سنڌي لوڪ ادب ۾ مشھور ۽ مقبول شاعري جي صنف آهي. جنھن ۾ محبوب جي سورنهن سينگارن جو انتھائي نفاست، پيار ۽ پاٻوھ سان ذڪر ڪيو ويندو آهي، پر تنھنجا سينگارَ، فقط سورنهن ڪٿي؟ مون کي ته ٻٽيھن کان به وڌ سينگار ٿا ڏسجن تو منجھ.“

”مار! ڪجھ ھلڪو هٿ پيارل! متان اهڙو ظلم ڪرين؟ ڪٿي پاڻ ٻئي مشھور نه ٿي وڃون ۽ ڪي ڏائڻَ توکي ڏينھن جا تارا نه ڏيکارينِ. جيترو ٿي سگهي ماٺ ميٺ ۾ رھُ، هرو ڀرو هوڪا ڏيندو نه وتُ. بس ايترو ڪافي آهي، مان روز شام جو هتان پاڻي ڀرڻ اينديس، تون به ايندو ڪر.“

اهو چئي سسئي پاڻي ڀري هلي وئي. اهڙيءَ طرح ٻئي، ٽئين ڏينھن اسان جي ان بھاني سان روح رهاڻ ٿي ويندي هئي.

هڪڙي ڏينهن ڪاليج کان موٽندي گھر ٿي ويس. جيئن ئي هاءِ اسڪول جي گيٽ وٽان گذريس، استاد سائينڏني ڏسي ورتو ۽ هَڪل ڪري پاڻ ڏانهن سڏيائين.

پھچي ادب سان سلام ڪيم ”السلام عليڪم سائين“

”وعليڪم سلام پيارل! شاگرد ته تو جھڙا هجن. اڙي! سال پورو ٿيڻ تي آهي، جو ميٽرڪ ڪري نڪتو آهين. روز هتان گذرندي، ڪڏهن ڀلجي به اندر اسڪول لڙي نه آئين ته ڪو اڄ استاد سان مليو وڃان، شابس هجئي بابا!“

”ها سائين، بس معاف ڪجو ڪجھ ڪم ڪار وڌي ويا هئا… هيترن ڏينھن ۾ ڪاليج به اڄ ئي ويو ھئس.“

”ڇو؟ خير ته ھو نه؟ مون ٻڌو آهي ته سڄو ڏينھن ان نڀاڳي گلوءَ راڳائي وٽ ويٺو آهين. بابا تون هڪ سلجهيل شاگرد آھين. تنھنجو ھنن واندن سان ڇا وڃي؟“ سائين هدايت واري انداز ۾ چيو.

”ھا سائين گلوءَ کي شاعري ڏني هئم ڳائڻ لاءِ، سا ڳاتي اٿائين. بس، هاڻي اوڏانھن ڪونه ويندس.“

”اڇا! شاعري ۾ ڇا لکيو اٿئي؟“

”سائين هي ٻه چار غزل ۽ هڪ سينگار بيت لکيو اٿم.“ ڊائري کولي استاد اڳيان رکندي چيم.

استاد سائين ڏنو پڙھڻ کانپوءِ ”هُون… غزلن تي اڃان محنت ٿيندي، پر واھ! سينگار بيت ته چڱڙو لکيو اٿئي يار، زبردست! اڃان پڙھ! جيترو گهڻو پڙھندين اوترو سٺو لکندين. تڪڙ ڪري، ڪچو ڪم نه ڪر ۽ واندو ٿي لائبريري ضرور ايندو ڪر وڌيڪ اتي سمجهائيندو سانءِ. ڀلا علم عروض سکيو اٿئي يا…؟“

”سائين، ڪافي ڪتابن ۾ پڙھيو ته آھي، پر رديف ۽ قافيي کانسواءِ ٻيو ڪجھ سمجھ ۾ ئي نٿو اچي. اوهان قُربڙو ڪري ڪجھ سمجهايو ڀلا!“ مون وراڻيو.

”ڏس پٽ!“ استاد سائين ڏني وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو؛ ”شاعري ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھرين ته علم عروض جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ھجڻ ضروري آهي. علم عروض يعني شاعري جو علم، فن. هي فن عربن ايجاد ڪيو. اتان ايران ۾ آيو ۽ فارسي وسيلي سنڌيءَ ۾ آيو. هن ۾ ساڪن ۽ متحرڪ حرفن کي سمجهڻو آهي. ڪوشش ڪري شعر کي وزن ۾ بيان ڪرڻو آهي، جنهن مان مطلب به پورو ملي ۽ ڳالھ به سھڻي نموني بيان ٿي وڃي. جيتري قدر ممڪن هجي، شعر مختصر لفظن تي بيھاريل هجي. اگر ڪنهن چوڻي يا پھاڪي جي ضرورت هُجي ته مناسب جاءِ تي ڏيئي ڇڏجي ۽ الحمدلله سنڌي ٻولي ۾ ته اهڙن خزانن جا ڀنڊار آهن. سو، علم عروض سولو آهي، ٿوري ڌيان ڏيڻ سان آھستي آهستي سکي ويندين.

علم عروض کان علاوه سنڌيءَ ۾ قديم دور کان وٺي اڄ تائين ھندي ڇند وديا، دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند مطابق به شاعري ڪئي ويندي آهي. سهڻي لطيف به دوها/سورٺا ڇند ۾ شاعري ڪئي آهي. نه صرف ايترو، پر ان جي سٽاءَ ۾ ڪيترائي تجربا ڪري سنڌ جي ديسي شاعريءَ کي اوج ڏنائين. ايئن سمجھ سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون روح ڦوڪيائين. شاھ لطيف ته ان دور ۾ سنڌي ۾ شاعري ڪئي، جڏهن فارسيءَ جو اوج هو. فارسي گهوڙي چاڙھسي هئي. ادبي، دفتري ۽ سرڪاري زبان هئي. علم عروض ۽ فارسي لفظن جي تشبيھن ۽ استعارن کانسواءِ شاعري ڪرڻ ناممڪن سمجهيو ويندو هو، پر لطيف ھر سٽ ۾ پنهنجي ديس جي سڳند ۽ هڳاءُ ڀري ان ڳالھ کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ دنيا کي مڃڻو پيو ته سنڌي هڪ شاهوڪار زبان آھي. ھن کي ڪنهن به ڌارئي ٻوليءَ کان ڪجھ وٺڻ جي ضرورت ناهي. ڪنهن قوم جي مثبت عمل، علم ۽ ڄاڻ کي پنھنجائڻ سٺي ڳالھ آهي، پر پنهنجي قيمتي سرمايي کي ٿڏڻ به ته غلط آهي نه ابا! ڪنهن به هڪ ٻولي جو ٻي تي مذھبي، سماجي ۽ واپار جي لحاظ سان اثر پوڻ اها هڪ الڳ ڳالھ آهي. اهو هڪ لسانياتي اصول آهي جڏهن قومون هڪ ٻئي سان رابطي ۽ لھ وچڙ ۾ اينديون آھن ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪٻئي تي اثر انداز ٿينديون آهن. لفظن ۽ نالن جي مٽا سٽا به ٿيندي آهي. اگر ٻين ٻولين، سنڌي کي ڪي لفظ ڏنا ته موٽ ۾ سنڌيءَ به سندن دامن ڀريو آھي. سو شاھ لطيف نه صرف سنڌ، پر دنيا جو مڃيل عظيم شاعر آهي. اسان جو رهبر آهي. اسين سندس شاعري يعني ”شاھ جو رسالو“ پڙھي کانئس هر دور ۾ رهنمائي وٺي سگهون ٿا. شاھ جي رسالي کي نه صرف پڙھڻ، پر ان جي ڪلام کي سمجهي ان تي عمل به ڪرڻ کپي.

***