شاعري راجڪمار ڪيسواڻي ترجمو: انيتا ڪمليشور

راجڪمار ڪيسواڻي 26 نومبر 1950 ۾ ڀوپال، انڊيا ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان ورهاڱي کان پوءِ انڊيا لڏي ويو. هُو هندستان جي مشهور صحافي طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ هندستان جو ننڍي عمر جو صحافي آهي، جنهن کي 1985 ۾ صحافت جوڏي ۾ وڏو ايوارڊ بي.ڊي گوئنڪا سان نوازيو ويو. هُن ورهاڱي سان لاڳاپيل ڪهاڻين ۽ ماڻهن جي درد کي پنهنجي شاعري ۽ ناول ۾ قلمبند ڪيو آهي. هيءُ نظم سندس شاعري جي مجموعي مان ورتل آهي.

پليز، منهنجي مادري ٻولي جي ڳالهه نه ڪريو

مون کي شرم ٿو اچي

منهنجي مادري ٻولي ڪهڙي آهي

نه پُڇو

مون کي ٻڌائيندي شرم ٿو اچي            

مون سان اها ويڌن آهي ته

منهنجي مادري ٻولي ۽ جنم ڀومي

پاڻ ۾ نه ٿيون ملن

ڇو ته منهنجي جنم ڀوميءَ ۾

ماڻهو ڳالهائين ٿا، هندستاني

چوندا آهن، هندي

سمجهندا آهن، انگريزي

۽ منهنجي ٻولي؟

منهنجي ٻولي آهي سنڌي

بي گهر، بي زمين سنڌي

ڏار کان وڇڙيل سنڌي

سنڌ کان پوءِ

سنڌين جي گهر مان بي دخل سنڌي

هيءَ اها ٻولي آهي

جنهن کي منهنجو پريوار

سڃاڻي به نه ٿو

۽ جيڪڏهن مان سڀن جي اڳيان

پنهنجي زال سان پنهنجي مادري ٻولي ۾

ڪري وٺندو آهيان ڳالهه

ته شرمنده مرڪ سان

چوندو آهي پُٽ:

ڪيا يار پاپا! آپ ڀي نا…

سندس خيال آهي ته

جيڪڏهن انگريزي نه

ته گهٽ ۾ گهٽ

اسان کي ڳالهائڻ گهرجي هندي

کيس خبر نه آهي

ته ڇا آهي

منهنجو ۽ منهنجي مادري ٻوليءَ جو رشتو 

پهريون ڀيرو کنيو هو جڏهن

ماءُ هنج ۾ مون کي

۽ چيو هئائين ڪجهه

پيار مان ايڏو

جو ٽڙي پيو هئس مان

نه ڄاڻندو هئس تڏهن

انهيءَ ٻوليءَ جو نالو

نه سمجهي هئي ان جي معنيٰ

پر لڳي مٺي هئي اها ڳالهه

ان نه سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾

جڏهن امان ڳائيندي هئي لوري

تڏهن ان ۾ هوندو هو

ايڏو سارو درد

جو مان ليٽيل هندوري ۾ 

ٻڏل مٺي سُر ۾

چُپ چاپ سوچيندو هوس

وڏو ٿي

امان کان پُڇندس ضرور هڪ ڏينهن

انهيءَ درد جو ارٿ

مون کي خبر ڪٿي هئي تڏهن

ته منهنجي ماءُ پيءُ کي

ڪيو ويو هو بي دخل

انهن کي سندن ئي زمين تان

فقط ان ڪري جو

نهرو ۽ جناح جو پاڻ ۾ هو تڪرار

جڏهن مان ٿورو وڏو ٿي

نڪتس گهر جي اڱڻ کان ٻاهر

تڏهن ماڻهو مون کي

منهنجي نالي بجاءَ

سڏيندا هئا سنڌي!

مان هر هر ٻڌائيندو هئم کين پنهنجو نالو

جنهن کي ٻڌي ڪري به ڪندا هئا اڻ ٻڌو

کلندي کلائندي، هڪٻئي سان مشڪري ڪندي

سڏيندا هئا مون کي انهيءَ ئي نالي سان

سنڌي!

آئون جڏهن روئندو هئس ته

امان چوندي هئي

اڙي اها ته سٺي ڳالهه آهي نه!

ٻين سڀني جي نالن سان لڳندا آهن

ڏهه ڏهه لفظ

اهو چوڻ لاءَ

منهنجو نالو فلاڻو

منهنجو پيءُ الاڻو

منهنجي ٻولي ٽلاڻي

تنهنجو ته نالو سنڌي

پيءُ جو نالو سنڌي

ٻولي سنڌي

اڄ به سنڌي

سڀاڻي به سنڌي

مان کلي پوندو هئس

بي سبب

سمجهي نه سگهندو هئس تڏهن اهي ڳالهيون

پر لڳندي ضرور هئي سٺي

امان جي ڳالهه

۽ ڇو نه لڳي

اها ڳالهه به چئي ويئي هئي سنڌي ۾

جنهن جو هر لفظ

لڳي ٿو مون کي اڄ به

امان جي لوري جهڙو

اهي ئي لوريون

اڃا به اچي

ڏيئي وينديون آهن ننڊ رات جي

۽ تڏهن به

انهيءَ ننڊ ۾

سپنو ٽوڙيندي

ايندو آهي آواز

سنڌي!

***

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments