شاعري June 2021
واجب القتل
مخدومه سيده آسيه قريشي
فتوائون اسان جي قميصن جي کيسن ۾
ايئن پيون هونديون آهن،
جيئن ڪنهن پرهيزگار مولانا جي کيسي ۾
ننڍڙو آئينو،
ننڍڙو لوشن،
نم يا کبڙ جو ڏندڻ پيل هوندو آهي.
خدا سان آئيني اڳيان ويهي
گفتگو ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي
ڪنهن کي نه،
اهو اسان جي معاشري جا
مذهب جا ٺيڪيدار طئه ڪندا آهن.
ڪير پنهنجي تخليقن سميت
صليب تي ٽنگبو،
۽ ڪنهن کي
شهر جي مُک چوڪ تي
ڪاڳرن جي گُلن ۾ ويڙهي پٿر هنيا ويندا.
اهو به شهر جا قاضي فيصلو ڪندا.
ڪالھ مغرب نماز کانپوءِ
مون خدا جي خدائيءَ کان انڪار ڪيو هو،
۽ عشاء نماز نه پڙھڻ جو فيصلو ڪيم.
پر تهجد ويل اٿي،
تهجد کان وٺي،
فجر جي آذان تائين هڪڙو ڊگهو سجدو ڪري
خدا کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪيم.
۽ اسان ٻنهي هڪٻئي کي پرچائي ورتو هو.
پر الائي ڇو…؟؟
ڪالھ کان
منهنجي گهر جي آڳرَ ۾
ماڻهو پٿر، سِرون ۽ وڏا ڀتَر اڇلائيندي
هوڪرا ڪري چئي رهيا آهن
“ماريوس،
وٺوس،
ڪڍوس ٻاهر…”
ڇو ته هيءَ شاعره واجب القتل آهي.
***
نظم
زوال جي زماني جا ڄاوا
چندر ڪيسواڻي
اسين زوال جي زماني جا ڄاوا
اسان جي زماني جي هٿن ۾
اسان جون ئي ڦاٽل چيٽل تصويرون آهن،
اسان پنهنجن روحن جون چاٻيون
واڳوندن جي کيسي ۾ وجهي
ٻانهپ جو هنر هٿ ڪري ورتو آهي
لڙڪ، اسان جا نٺر ٻارَ
جيڪي ڊپ مان
اکين جي هنج ۾ لڪيو وڃن
اسان کي بُک نٿي لڳي
ڇو ته اسين ميچوئر آهيون
پوءِ به اسين بُک جو سبسٽيٽوٽ بڻجون ٿا،
اسان کي موت ۾ جيئڻ جي پر
مشق اچي ٿي
۽ اسين زير دست ڳڻجون ٿا
محبت جي ڏيکاءَ لاءِ
اسان گشتي محبت خانا کوليا آهن
اسين محبتن جا تجزيا ڪيون ٿا
ان موسم ۾ جڏهن
نراسائي جوان ٿيندي آهي
۽ نظربند جذبا اشوز بڻجي
اسان جي دل جو آپريشن ڪندا آهن
اسان، جن تان وقت اڃان گذريو ناهي،
صدين کان بيٺل آهي
نان اشوز تي زندگي ضايع ڪيون ٿا
اڻ گهربل زندگي
اسان جي بدترين دعا آهي
۽ اسين انسانيت جي چولي ۾
بس! راضي آهيون.
***
نظم
جيئڻ آزار بڻجي ويو
راشد لکمير
اندر جي آس ھيء اجڙي
اکيون آليون سدائين ٿيون
وھن ٿا نير ڳوڙھن جا
ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
جيئڻ آزار بڻجي ويو
دلين ۾ خوف ڌڙڪي ٿو
جياپو جنگ وانگي ٿيو
رڙن ٿا روح سڀني جا
ڪورونا وائرس ڀي ڄڻ
ضدي ڪو ٻار بڻجي ويو
ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
جيئڻ آزار بڻجي ويو
ھي ڌرتي درد ۾ جڪڙيل
بري بد حال بک آھي
نوان ناسور وک وک تي
عقل ۽ فھم کان عاجز
عزم افڪار بڻجي ويو
ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
جيئڻ آزار بڻجي ويو
سڀئي نسخا حڪيمن جا
ٿيا ناقص ڇو ھن ڀيري ؟
ھر ھڪ هي قول ڪافر ٿيو
قضائون ياد سڀ ڪنھن کي
ڀرم ڪو بار بڻجي ويو
ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
جيئڻ آزار بڻجي ويو
حقيقت ڇا ٻڌايان مان؟
سڀئي قاعدا ويا ٽوڙيا
وساريو ويو ھو آئينو
ضميرن ظرف ۾ ڪاٿي؟
ڏٺو هو پنھنجو ڪو چھرو؟
ڇو ماڻھو آفتن جو سڀڪو پيروڪار بڻجي ويو
ڪھڙو سنسار بڻجي ويو
جيئڻ آزار بڻجي ويو
ھي روحاني آھن رمزون
ڪٿي ھي وس ۾ هن ڪنھن جي
پڇيو آٿت ھو گھاون کان
اسان جو عشق راشد ڪيئن؟
سچو سالار بڻجي ويو
ڪھڙو سنسار بڻجي ويو ؟
جيئڻ آزار بڻجي ويو
***
نسيم عباس سومرو
چاهتن جو چنڊ دل جو آسمان
سونهن جو آ سَمُنڊ دل جو آسمان
ڪيتريون ئي حسرتون تارن جيان
کوڙَ سارا نقش دل جو آسمان
تُنهنجي مرڪڻ ساڻ مُرڪي ڪائنات
تُنھنجو هر هڪ رنگ دل جو آسمان
زندگيءَ ۾ زندگي تو ساڻ آ
تون ئي منهنجو عڪس دل جو آسمان
آ خدا تخليق ڪيو خوشبو مجهان
تُنھنجو سارو انگ دل جو آسمان
دل گهري ٿي خاڪ بڻجي مان وڃان
تُنهنجي پيرن هنڌ دل جو آسمان
خواب ڪن ٿا تُنهنجي نيڻن جو طواف
پوپٽن جو پنک دل جو آسمان
آ پلڪ جائين جي تو ۾ بانسري
هر ادا ۾ رقص دل جو آسمان
تو سوا بس سانت جو آهي سمان
تو ڏنو هر لفظ دل جو آسمان
چاهتن جو چنڊ دل جو آسمان
سونهن جو آ سَمُنڊ دل جو آسمان.
***
اُتم ٿرواسي
اوھين لاڙ وانگر، اسين ٿر ھياسين
ھُيو ھڪ نظارو، ٻه منظر ھياسين
اوھين ڄڻ ته پھرين گھڙي جنوري جي
اسين آخري سڄ ڊسمبر ھياسين
ھئي آگ شعلا جدائي ھوا ۾
اسين ڄڻ سُڪل ڏار ٿوھر ھياسين
اوھين ڄڻ صبح ڪنھن ندي جو لڳا پي
اسين ڄڻ نما شام سمندر ھياسين
اوھين ڪوٽ مومل اوھين سنگ مرمر
اسين ڄڻ مٽي جو ڊٺل گھر ھياسين
اُتم ياد ڏاڍي ستمگر لڳي ٿي
جڏھن پاڻ ٽيئي مسافر ھياسين
***
نَثَرِي نَظَمُ
خُدا ڇو ماٺِ آهي؟
سانگِي شَبِير ڪُنڀَرُ
ساَل صَديُون گُذَرِيُون آهِنِ
زَمانا دِيوانا گُذَرِيا آهِـنِ
ڌَرتِيءَ تي ظُلُمَ و سِتَمَ ٿِيا آهِنِ
ٿِيندا رَھِيا آهِنِ ۽ ٿِيندا رَھَندا
ھَرَ ماڻهُو اَگھورِ نِنڊِ سُتَلُ آهي
پَرَ ھوءُ جاڳي ٿو
ھُو ڪيرُ آهي؟
ھا..!
ھُو ڪيرُ آهي؟
جيڪو سالَنَ کان جاڳي پِيو
نِنڊِ کي نِنڊِ اَچي ٿِي وَڃي
سَمُورِي ڪائِناتِ سُمھِيو ٿِي پَوي
پَرَ ھُو جاڳي ٿو!
ھُو ڪيرُ آهي
ھَرَ ڪَنهِن کي اِھا خَبَرِ آهي ته ھُوءُ ڪيرُ آهي!
هُنُ جِي ڳولا ۾ ڀَٽڪَندي آئُون اَڃان به
ٿَڪو ناھِيان
بَسَ ھاڻي ھُنَ کي ئِي ڳولي لَھِڻو آهي
مُون کي خَبَرِ آھي ته؛ مُون وَٽَ
ھاڻي زِندَگِيءَ جِي ڪا تَمَنا نه رَهِي آهي،
پر مُون ھُنُ کي جَھرُ جَھنگُ ۾ ڳولِيو آهي
ھاڻي ته مُون وَٽَ نه وَصلُ جِي تَمَنا رَهِي آهي
۽ نه ئِي وري فِراقُ جو ڪو اُونو باقِي بَچو آهي
ڪُوڙُ جاڳي ٿو سَچُ ته اَگَھورِ نِنڊُ پِيَل آهي
ڪُفُرُ ڪُوڙ جو سَڳو ڀاءُ آهي ڪُفُرُ جاڳي پِيو
اِيمانُ مُئَلُ آهي آئُون صَلِيبُ تي ٽنگيل آهيان
آئُون مَرِي چُڪو آھيان
مُنهِنجو رُوح جاڳي پيو
ھُو ڪيرُ آهي!
جيڪو ھِي سَڀَ مَنظَر ڏِسِي چُپَ ويٺو آهي
ھُو خُدا آهي!
ھا! ھُوءُ خُدا ئِي آهي جَنهِن جِي ڳولا ۾
آئُون سدائين ڀَٽَڪَندو رَهيو آھيان
ھا! ھُو خُدا آهي جيڪو سالَنَ کان جاڳي پِيو
۽ سَڀُ ڪُجھُ ڏِسي پِيو
۽ اِھو ئِي خُدا مُنهِنجي رُوحُ ۾ آهي
آئُون سَچائِيءَ جو ساٿِ ڏيڻ تي مُاريو ويو آھيان
پَرَ ھُو جيڪو جڳنَ کان ماٺِ آهي
اهو سدائين ماٺِ ئي رَھَندو!
***
وائي
آتم دراوڙ
هاءِ هاءِ تنهنجا انگ
وسندرا
هاءِ هاءِ تنهنجا انگ.
چپ ڄموئان کٽڙا مٺڙا،
ڇاتي ڏوڪا ڏنگ،
وسندرا،
هاءِ هاءِ تنهنجا انگ.
اکيون ٻيجل جي گهرڙي ۾،
رکيا هجن جيئن چنگ،
وسندرا،
هاءِ هاءِ تنهنجا انگ.
چيلهه ڪهوءَ جي لمڪي جهڙي،
ڳل آنڀوءَ جا سنگ،
وسندرا،
هاءِ هاءِ تنهنجا انگ.
رانون ڪپ سنڌو جا ڪوئرا
دن ۾ دهشت دنگ
وسندرا
هاءِ هاءِ تنهنجا انگ.
***