بلاگ

شاگردن جا مسئلا، اديب، مهورتون
۽ ٻاراڻين راندين جو مختصر جائزو

(حصو ٻيون)

دنيا

ٻارن جا ليکڪ ۽ انهن جو فرض:

دنيا ۾ ٻارن جي ادب جا هزارين ليکڪ آهن، جيڪي ٻارن جي درست تعليم کان ويندي انهن جي مسئلن تي لکندا آهن. اسان وٽ سنڌي زبان ۾ ڀلا ليکڪ موجود آهن، جن کي پنهنجي مادري زبان ۾ ٻارن جي ادب کي تخليق ڪرڻ جو وڏو احساس موجود آهي ته سنڌ جي ٻار اندر مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارو جذبو ڪيئن پيدا ڪجي؟ ۽ هن ئي عمل کي ڏاها نهايت ئي ڪارگر عمل قرار ڏين ٿا. ٻار کي پنهنجي مادري زبان جو ادب اهڙو تيار ڪري پڙهائجي جنهن جي پڙهڻ ۾ ٻار جي دلچسپي وڌندي رهي. سنڌي ادب ۾ جن اديبن ٻاراڻي ادب متعلق قلم کنيو آهي، سي سچ پچ مبارڪن جا مستحق آهن. اُهي لائق احترام ليکڪَ آهن جن جي تخليقن تي تمام گهڻي دل چوندي آهي ته انهن جي قلمي پورهئي تي سيمينار ڪرائجن ۽ بحث مباحثا ڪجن ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ لکي تن کي مانُ ڏجي، جن مستقبل جي معمارن کي سهڻيون ڪهاڻيون، آکاڻيون، نظم، بيت، حمد ۽ نعت لکي علم جي لاٽ کي روشن رکڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لفظ ادب بابت لکي ٿو ته: ”ساهت يا ادب آهي ٻولي وسيلي انسان جي امنگن ۽ ويچارن جو سهڻي نموني ويچار.“ (جيٽلي، 2004: 13) هي ننڍڙن جا ڪچا ڪچا ٻول اڳتي هلي پڪي عادت ۽ سکيا سان دلچسپيءَ جو سامان مهيا ڪندا آهن. ننڍن ٻارن کي پنهنجي وڏڙن کان جيڪي آکاڻيون ۽ سبق ڏنا ويا تن اڳتي هلي انهن جي اثرن کي قبول ڪندي اهو عمل سدائين لاءِ جاري رکيو. جيئن ته مرزا گل حسن ”احسن“ مرزا قليچ بيگ بابت لکي ٿو ته: ”اسڪول وڃڻ کانپوءِ… ننڍي هوندي ڳجهارتن ۽ پرولين… بيت بازي گهڻي هوندي هئي جنهن ۾ ادو مرزا علي قلي بيگ ۽ آئون هوشيار هوندا هئاسين. پڙهڻ سا گڏ ٻيا هنر به سکندا هئاسين. بابا مرحوم ڳائڻ وڄائڻ ڄاڻندو هو. اسان سڀني کي به اهو شوق هوندو هو. ننڍي هوندي آئون ۽ ادو علي قلي بيگ سرندائي کي پئسا ڏيئي سرندو وڄائڻ سکندا هئاسين. وڏي هوندي ادو مرزا صادق علي بيگ جڏهن شڪارپور ۾ هوندو هو تڏهن احمد خان گوَيو پگهار تي رکي انهيءَ کان ستار وڄائڻ سکندو هو، پوءِ اسين به سکياسين.“ (مرزا، 1991: 41) اڄ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي سوچ ويچار ۽ ڪمن ۾ تبديليون اچي رهيون آهن. سائنس، فلسفي، عقل، علم، دماغ، قلم، قرطاس کان ويندي ڪتابن جي جوڙجڪ ۽ ظاهري نظر سان هن ڪائنات کي سائنسدان سمجهڻ گهرن ٿا. اُتي اسان جي اديبن به ڪي تبديليون محسوس ڪيون آهن.

سنڌي ادبي بورڊ ٻارن جي مشهور ليکڪ غلام محمد ’غازي‘ جو ٻاراڻي ادب تي ’سائنس بخشي سونهن‘ جي عنوان سان 1977ع ۾ هڪ ڪتاب شايع ڪيو هو. اول حمد (تنهنجا رنگ نيارا) تنهن کانپوءِ جيڪي عنوان رکيل آهن تن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي اديبن اهي تبديليون محسوس ڪيون ۽ ٻالڪ ادب لاءِ هيٺين عنوانن جي چونڊ ڪري ڪتاب لکيو:

نعت، سائنس، ڪائنات، ڌرتي، سج، چنڊ، تارا، روشني، چانڊاڻ، گرمي، سردي، گرم هوا، پاڻي، باھ، وڄ، انڊلٺ، حياتي، وڻ، ٻوٽا، گل، انسان، کاڌو، تنتون، مغز، دل، ڦڦڙ، ڪن، آواز، زور، ماکي، هاٿي، ڏيڏر، مادو، ائٽم، لوھ، ٽامو، بجلي، چقمق، حرڪت، روبوٽ، موٽر ڪار، ڪمپيوٽر، واچ، پينسل، ٻڙي، ڪالرا ۽ مليريا بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ننڍن ٻارن ۾ سائنس جي علم جو شوق ڏيارينداسين ته هُو وڏي هوندي، انهيءَ علم ۾ اڳتي وک وڌائيندا. هي ظاهر ۾ ننڍو ڪتاب آهي، پر جيڪا هن ۾ شاعري شامل ڪيل آهي سا نهايت ئي دلچسپ ۽ معلومات افزا آهي. موضوعن ۾ ٻارن لاءِ جيڪو سامان مهيا ڪيو ويو آهي سو پڙهي ڏسي ٻارن ۾ سائنس سکڻ جو شوق پيدا ٿيندو.

مذڪوره ڪتاب ۾ مصنف تمام سهڻي انداز سان موضوعن سان نڀايو آهي ۽ ان ۾ سندس محنت ۽ قابليت کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. وڏيءَ محنت ۽ محبت سان لکيل ڪتاب کي هرڪو ڏسي ايئن چوندو ته هي ڪم هر طرح ساراهه جوڳو آهي. اسان هت هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏيئي رهيا آهيون:

سائنس:

سائنس سکندو جي؛ ڪو ٻار،

ان جو ٿيندو ناما چار.

سائنس جڳ کي بخشي سونهن،

سائنس سان ٿي وندر ورونهن.

سائنس سان سڀ سهنج ملن ٿا،

سائنس سان رنگ روپ رچن ٿا.

سائنس دانـن جي آ جوڙ،

ٽيليـويزن، ريڊيا کوڙ.

سائيڪل توڙي مـوٽر ڪار،

هر دم پنهـنـجي لئه تيار.

ڏسو بٽڻ هو ڇا ته ڪري ٿو!

بلب ڏسو ڪيئن ٻري ٿو.

سائنس مان سَهَنج وڏا آهن،

ٿورا لاهڻ جهڙا ناهن.

اهڙيءَ طرح سج بابت هڪ نظم پڻ لکيو ويو آهي جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

ســـج

ڪير ٻڌائيندو هي ڇا هي،

ٻرندڙ گئس جو گولو آهي.

ڌرتي واريءَ داڻي جهڙي،

ڀوڳ نه سمجهو آهي اهڙي!

ڳالهه ڳجهي هت رهي نٿي ڪا،

سورج ڀي هڪ بال جيان آ.

اوندهه انڌوڪار رهي ها،

هر شيءِ ۾ ماٺار رهي ها.

سج ٿو هر ڪا پوک پچائي،

سورج جا ڳڻ هر ڪو ڳائي.

سج ڇڏي هر شيءِ چمڪائي،

سج ڇڏيو سنسار سجائي.

سچ پڇ ”غازي“ اڀ جا تارا،

سورج وانگر آهن سارا.

اهڙيءَ طرح ٻين شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن ٻارن لاءِ دلچسپ نوع ۾ تحريرون لکي انهن جي ذوق ۽ شوق کي پڻ اڀاريو آهي، اها ئي شاعري ۽ ڪهاڻيون ٻارن جي اندر ۾ اهڙو جوش پيدا ڪيو جو اڳتي هلي هُو پاڻ به وڏا وڏا شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. مراد علي مرزا ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب ”ٻارن لاءِ آکاڻيون“ لکيو آهي جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پهريون دفعو سال 1977ع ۾ شايع ڪيو ۽ ٻيو ڇاپو سن 1994ع ۾ اشاعت هيٺ آيو آهي. هي سمورو ڪتاب هڪ سئو ايڪيھ صفحن تي مشتمل آهي. 

مذڪوره ڪتاب ۾ ڪل اوڻٽيھ ئي آکاڻيون ڏنل آهن جن کي دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪهاڻين مان چونڊ ڪري پيش ڪيو ويو آهي، سي دنيا جي جدا جدا ملڪن جون آهن، جيڪي انهن ملڪن جي شروعاتي حرفن سان الف- ب وار ترتيب سان ڏنل آهن. يعني، پهرين آکاڻي آسٽريليا ملڪ جي آهي، ٻي آکاڻي اڪوئڊور جي، ٽين آکاڻي انڊونيشيا جي ۽ اهڙيءَ طرح پوءِ ب حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي، پ حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي ۽ آخر ۾ ي حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي آکاڻي آهي.

سنڌي زبان ۾ انهن آکاڻين کي مصنف انهيءَ ڪري ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي جو جيئن اسان جا ٻار به دنيا جي ڪار وهنوار ۽ سوچ ويچار کان فائدو حاصل ڪن. ڇاڪاڻ جو اِها آکاڻين جي چونڊ ان ڪري ڪئي وئي آهي جو اُهي آکاڻيون مختلف ملڪن جي ٻالڪ ادب ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهن جي مقبوليت جي ڪري ترجمو ٿي چڪيون آهن. اهڙي قسم جون آکاڻيون جيڪڏهن گڏ ڪجن ته لکن جي تعداد ۾ ٿين. رڳو اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ٻارڙن لاءِ هزارين آکاڻيون آهن، پر هن ڪتاب ۾ ٻاهرين ملڪن جون آکاڻيون ان ڪري شامل ڪيون ويون آهن جو اسان کي دنيا جي ٻاراڻي ادب کان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. مراد ماڻڻ ۽ مقصد حاصل کانسواءِ هر ڪا ڳالهه هر ڪو ڪم اجايو ۽ بيڪار آهي. اهڙيءَ ريت اوهان ڏسندؤ ته انهن آکاڻين ۾ وندر سان گڏوگڏ نصيحت به آهي. البته هر هڪ آکاڻيءَ جو موضوع جدا جدا آهي يا هڪ ئي موضوع تي اوهان کي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ آکاڻيون ملي وينديون. جيتوڻيڪ منجهن ڳالهه جدا جدا آهي: (مترجم طرفان ٻه اکر) مثال طور: ”ارڙ نانگ جي زهر جي ٿيلهي“، ”پنج آنا“، ”جهنگلي هرڻ ۽ چُن جو کورو“، ”بادشاھ ۽ پادر“، ”چرندڙ سئي“، ”هرڻ ۽ واگھ“، ”چار نوجوان“، ”شوروي جو پٿر“، ”بادشاھ ۽ هاري“، ”طوطو انسان جي ٻولي ڇو ٿو ڳالهائي“، ”بادشاھ جي نصيحت“، ”جادوءَ جو تعويذ”، ”ناسپاتيءَ جو وڻ“، ”نانگ ۽ خواب“، ”سپاهي ۽ جن“، ”ماني ۽ لوڻ”، ”اڻٿيڻي“، ”بغداد جو خليفو“، ”باندر ڪڇون ۽ وڻ“، ”هاري ۽ سوار”، ”ڍڳيءَ جي زبان“، ”تيسر زال“، ”چاچا ڪويوٽي“، ”بهادر ڪنڀار“، ”آزاد گهوڙو ۽ پوڙهو ۽ مڪتب“ مطلب ته اُوڻٽيھ ئي ڪهاڻيون نصيحت ڀريون آهن. مترجم مراد علي ٻه اکر ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن اسان مذڪوره ڪهاڻين جو مطالعو ڪريون ٿا ته انهن ڪهاڻين جي ڪردارن مان هاري ۽ ”ڍڳيءَ جي زبان“ آکاڻين جو موضوع ”عقلمندي ۽ حاضر جوابي“ آگهي، ”پٿر جو شوروو“ جو موضوع ”ڳوٺاڻن جي سادگي ۽ شهرين جي حرفت“ آهي، ”بادشاهه جي نصيحت“ جو موضوع ٻُڌي ۽ ڦوٽ آهي، ”جادوءَ جو تعويذ“ آکاڻي جو موضوع ”سچي خوشي“ آهي، ”نانگ ۽ خواب“ جو موضوع ”بي ايماني ۽ ايمانداري“ آهي، ”سپاهي ۽ جن“ جو موضوع ”اٽڪل ۽ بهادري“ آهي، ”ماني ۽ لوڻ“ جو موضوع ”بغض ۽ حسد“ آهي، ”هاري ۽ سوار“ جو موضوع ”غرور ۽ تڪبر“ آهي، ”تيسر زال“ جو موضوع ”ضد ۽ تيسو“ آهي، ”آزاد گهوڙو“ جو موضوع ”بي پرواهي“ آهي ۽ آخري آکاڻي ”پوڙهو ۽ مڪتب“ جو موضوع ”لالچ“ آهي.

جيڪڏهن انهن ڳالهين کي تحقيق جي نظر سان ڏسون ٿا ته اهي آکاڻيون پراڻي زماني جون معلوم ٿين ٿيون، پر انهن جا موضوع اڄ به دلچسپ ۽ وڻندڙ ۽ نوان آهن. ڇاڪاڻ جو اڄوڪي زماني ۾ به انهن ماڻهن ۾ ڪي خوبيون ۽ خاميون ٻئي انهن آکاڻين مان نظر اچن ٿيون. ٻالڪ ادب جو بنيادي مقصد هي آهي ته انهيءَ ادب جي ذريعي ٻار پاڻ مان وڏا ٿي اهي خاميون ختم ڪن ۽ سٺين ڳالهين جي چونڊ ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿين. تنهنڪري هنن آکاڻين جي پڙهڻ سان نه رڳو ٻارن کي وندر ملي ٿي، پر سندن ذهني تربيت به ٿي رهي آهي.

سنڌ ۾ ٻارن جي ادب بابت تمام ٿورا لکندڙ آهن. هتي آئون هڪ استاد محترم سرمد عباسيءَ جو ذڪر ڪندس جيڪو پاڻ سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ڀاڻيجو آهي، جنهن جون ڪهاڻيون ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهيان، سندس ڪهاڻين ۾ ٻارن لاءِ وڏيون نصيحتون شامل ڪيل هونديون آهن. سائين سرمد مون کي هڪ نفسيات جو ماهر استاد نظر ايندو آهي. هُو ٻارن جي ڪردارن ۾ لهي سندن نفسياتي ڪيفيتن کي سمجهي پوءِ لکندو آهي، جنهن ۾ ٻارن جون حرڪتون، شرارتون ۽ آخر ۾ انهن جا نتيجا ڏاڍا اثرائتا ڪڍندو آهي. استاد سرمد عباسي اُهي ڪهاڻيون ٻارن کي زباني ضرور ٻڌائيندو ۽ پڙهائيندو هوندو! ٻار جڏهن وڏا ٿيندا ته انهن مان ڪي ليکڪ ضرور ٿيندا. جيئن ته ٻالڪ ادب جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر وحيد محسن لکي ٿو ته: ”مان جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس اُن وقت سنڌي ڪتابن ۾ رسيلا نظم ۽ گيت شامل هوندا هئا، انهن کي اسان سڀئي شاگرد گڏجي سُر ۾ پڙهندا هئاسين ته اسان کي ان جي چاشنيءَ مان لُطف ملندو رهيو. اهڙي طرح اهي نظم ۽ گيت اڄ به اسان کي ياد آهن. شايد ڪڏهن به نه وسرن!“ (وحيد، 2017: 7)، وحيد محسن جي ”ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا“ ڪتاب ۾ ٻه حمد، هڪ نعت ۽ ٻين عنوانن ۾ شاھ ڀٽائي، ٽانڊاڻا، سنڌي ٻولي، خواب، گُڏڙو گُڏِڙي، روشن تارا، ڪاپي ڪلچر، پوپٽ، عيد مبارڪ، ٽيليويزن، وطن جا راڻا، اُڀ تي تارا، اسُتاد، روئي جيجل ٿي، ميلا آهن هتڙي، ڏاها ٿيندا، مستقبل جا معمار، محنت، ٻار اسان جا مور، سکر شهر، بادل، جوت، چوڏيل، سائيڪل، لغڙ، اسڪول، جاڳي پئو، سنڌ سونهاري، طوطو، عِلمُ پرايون، لولي، ڌرتي، مٺڙي ٻولي، چوسٽا: جاڳو، کلن ٿا، جِيءَ جيارا، معصوم، ڦاٽل چولا، راند ۽ سنڌي الفابيٽ تي ٽيڙو پٽي جهڙا اهم موضوع شامل آهن. هي سمورو ڪتاب 80 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ خوبصورت تصويرون رکيل آهن. هي ڪتابُ هيڪر ٻار جي هٿ ۾ ايندو ته هُو هن ڪتاب ۾ دلچسپي ضرور وٺندو. ڇاڪاڻ جو ٻارن کي تصويرون وڻنديون آهن. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي فيض سومرو لکي ٿو ته: ”وحيد محسن هڪ سچو، سيبتو ۽ ٻارن جو پيارو شاعر آهي، سندس ٻاراڻي شاعري نهايت نفيس، نازڪ ۽ نئين نڪور آهي. هن جي ٻارن سان تمام گهڻي محبت آهي، جيڪا سندس شاعريءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿي.“ مون جڏهن ”ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا“ جو مطالعو ڪيو ته سندس شاعريءَ مان گلڙن جي باغيچي واري سرهاڻ محسوس ٿي. اسان پنهنجي ٻارن جي ذهنن کي تعمير ڪندڙ ليکڪن کي ڪيئن ٿا وساري سگهون ۽ نه ڪي پنهنجي محققن جي قلمي پورهئي کي فراموش ڪري سگهون ٿا. هت هيٺ اسان هڪ کاهوڙي ليکڪ خالد آزاد صاحب جي سنڌيءَ زبان ۾ ٻالڪ ادب جي تاريخ کي ٽن جلدن ۾، پيش ڪيل تحقيقي ڪم جو مختصر تعارف پيش ڪريون ٿا. خالد آزاد وڏي محنت ۽ محبت سان ٻالڪ ادب بابت جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، سو ساراهه جوڳو قدم آهي. ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ“ جلد پهريون: ٻه سئو سترهن صفحن جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾، ڪل ڇھ باب رکيل آهن: باب پهرين جو عنوان آهي: ”آوائلي آکاڻين، درسي ڪتابن ۽ ترجمن جو دور: باب ٻيو: قصن ڪهاڻين ۽ ٻاراڻن گيتن جو دور (1920-1947ع)، هن عنوان هيٺ ٻارن بابت ڇپيل ڪتابن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ هن دور ۾ ٻارن لاءِ لکندڙ اوائلي ليکڪن جو احوال ڏنو ويو آهي. باب ٽيون: ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ ٻارن جو ادب (ڪهاڻيون، شاعري ۽ ناول)، باب چوٿون: ورهاڱي کانپوءِ ٻارن لاءِ لکندڙ شاعر ۽ اديب. باب پنجون: ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي ٻاراڻو ادب (1947-2015ع) تائين، اهڙي طرح مذڪوره جلد جي ڇهين ۽ آخري باب جو عنوان آهي: هندستان ۾ ٻارن جو ادب سرجيندڙ ليکڪ ۽ شاعر. خالد آزاد رقم ٿو ڪري ته: ”هن جلد ۾ شامل ڪتابن جو تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ مون گهڻي ڀاڱي مختلف لائبريرين ۾ وڃي انگ اکر گڏ ڪيا. گهڻو مواد ماهوار ’گل ڦل‘ ۽ ’سنڌي ٻارڙا‘ پبليڪيشن جي مختلف پرچن مان مليو، جن جا مون مڪمل سيٽ هٿ ڪري رکيا آهن. جڏهن ته مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل خبرن ۽ ٻي معلومات کي آڏو رکي پڻ فيلڊ ورڪ ڪيو، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪاميابي حاصل ٿي.“ (خالد، 2016: پنهنجي پاران). اهڙي طرح مذڪوره عنوان جو جلد ٻيو: ٻه سئو اٺن صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو پنجن بابن ۾ هن ريت رکيل آهي. باب پهريون: ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيل ٻارن جا رسالا (1914-1947ع) 1. ٻارن لاءِ ڇپيل رسالا 2. رسالن جو تفصيل. باب ٻيو: ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ شايع ٿيل رسالا ۽ ڪتابي سلسلا (1947-2016ع) الف: ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ شايع ٿيل رسالن جو تحقيقي جائزو 2. رسالن جو تفصيل (ب) سَرِي هيٺ: ٻارن جي رسالن جي سهاري هيٺ هلندڙ تنظيمون: 1. تنظيمن جو تفصيل. باب ٽيون: ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ شايع ٿيل ڪتابي سلسلا (1957-1990ع) 1. ڪتابي سلسلن جو تحقيقي جائزو 2. ڪتابي سلسلن جو تفصيل. باب چوٿون: ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ شايع ٿيل ٻارن جا رسالا: (1948-2012ع)، 1. ٻارن جي رسالن جو تحقيقي جائزو 2. رسالن جو تفصيل. هن جلد جو آخري يعني باب پنجون: جو عنوان آهي: رسالن جا ايڊيٽر، چيف ايڊيٽر ۽ ڪتابي سلسلن جا سهيڙيندڙ: ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ“ هي سمورو جلد ٻه سئو صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪل نوَ باب رکيل آهن، جنهن جو تفصيل آهي: باب پهريون: ٻارن جون خالص علمي، ادبي تنظيمون (1923-2015) هن باب ۾، ٻارن جي خالص ادبي ۽ علمي تنظيمن جو تحقيقي جائزو ۽ ٻارن جي علمي ادبي تنظيمن جو تعارف پيش ڪيو ويو آهي. باب ٻيو: اخبارن جا هفتيوار ٻاراڻا صفحا ۽ انهن سان لاڳاپيل تنظيمون (1958-1999ع) تائين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. باب ٽيون: سنڌي اخبارن جا هفتيوار ٻاراڻا ادبي صفحا ۽ انهن جو تحقيقي جائزو ورتو ويو آهي. باب چوٿون: اخبارن جي ٻاراڻن صفحن جا انچارج ۽ تنظيمن جا مشهور اڳواڻ. باب پنجون: سياسي پارٽين جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ ٻارن جون تنظيمون ۽ ذيلي تنظيمن جو تفصيل ڏنو ويو آهي (1973-2013ع). باب ڇهون: تنظيمن جا مشهور يارهن اڳواڻ. باب ستون: ناٽڪ منڊليون، اسٽيج ۽ ريڊيائي ناٽڪ، ٽيبلوز ۽ خاڪا جائزي هيٺ اندا ويا آهن. باب اَٺون: ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ شايع ٿيل ٻارن جا اخباري صفحا ۽ اخباري صفحن جو جائزو ۽ تفصيل بيان ڪيو ويو آهي. مذڪوره جلد ٽئين جو آخري باب نائون: جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي پروگرامن بابت ذڪر ڪيو ويو آهي. محقق کي وڏي جس آهي، جنهن محنت ڪري ايتري ساري علمي ذخيري کي گڏ ڪري ٽن جلدن جي صورت ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ پاران شايع ڪري ڇپرايا آهن. اهڙي طرح ٻارن جي ادب بابت هند ۽ سنڌ ۾ وڏا ويچار، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ مهورت ڪيا ويا آهن:

سميلن جو مهورت:

اکل ڀارت سنڌي ساهت جو مهورت ٻڌر 24 ڊسمبر 1958ع تي، ممبئيءَ يونيورسٽيءَ جي باغ ۾ ڀارتي سڀيتڪ ۽ وگيانتڪ کوجنا وڀاڳ جي وزير، ديس پرديس مشهور بنگالي ۽ انگريزي ليکڪ، پروفيسر همايون ڪبير ڪيو. پروفيسر ڪبير، مادري ٻوليءَ جي ويا کنان ڪندي، سنڌين جي علم، عقل، تهذيب ۽ تمدن جي خوب تعريف ڪئي. هن ديس، کنڊ ۽ سنسار جي ادبي توڙي سياسي زندگيءَ تي ڇاپ لڳائڻ جو هڪ صحيح طريقو ٻڌايو. هن چيو: ”دنيا ۾ گهڻائيءَ وارن کي اڪثر ڪوبه لهر يا لوڏو نه رهندو آهي. ٿورائيءَ وارا انهن مٿان صرف تڏهن ڇانئبا آهن، جڏهن اهي اندازquantity کان وڌيڪ، گُڻquality تي زور ڏيندا آهن، اهي تخليقي توڙي کوجنا تمڪ ڳالهين ۾ اڳري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌي ليکڪن کي به کپي ته هو اوچي معيار وارو ساهت پيدا ڪري، پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب جو وڪاس ڪن ۽ ايئن ٻين ٻولين ۽ تهذيبن تي به پنهنجو رنگ چاڙهين.“ انهيءَ نشست ۾ مختلف ٺهراءُ پيش ڪيا ويا:

 ٽيون ٺهراءُ:

هن ٺهراءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي ٻار ننڍي هوندي کان سنڌيءَ ۾ تعليم وٺن، ان لاءِ ٻال-مندر ۽ لائبريريون کوليون وڃن.

ڇوٿون ٺهراءُ:

هن ۾ سنڌي عوام کي اپيل ڪيل آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي سنڌي ٻولي سيکارين، جيئن هو پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائي سگهن. (ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر 1، سال 1959ع).

اسان جي محققن ٻارن جي هرهڪ چرپر تي نگاھ وڌي آهي، جيئن ٻار رانديون ڪن ٿا، تن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.

ٻارن جون رانديون:

ٻاراڻي وهي ڇا چئجي! نه ڳڻتي نه ڳاري ۽ نه عشق نه گهاري! آندي نيندي جي ڪل ئي ڪانه، ڇا آيو ڇا ويو، باقي ڇا آهي، تنهن سان هنن جو ڪو سروڪار نه آهي. سندن دنيا ئي نرالي آهي. رڳو پنهنجي ۾ پورا پنهنجي منهن وتن گهمندا ۽ هڪ جيڏن سرتن ۽ سرتين سان گڏ کيڏندا. هم جنس با هم جنس پرواز جي مثال ڇوڪرا ڇوڪرن سان ۽ ڇوڪريون ڇوڪرين سان، پنهنجو منڊل مچائيندا. سندن سمجھ سادي سودي ته ٻولي به سادي، نه لفظ جي معنيٰ جي خبر، نه وري تلفظ جي جيڪي اچين سو وڃن تُڪُون تُڪَن ۾ ملائيندا، لفظ جو ربط ۽ معنيٰ جو ضبط ٺهي نه ٺهي، ته به وٺ رينگٽ کي! هو انهيءَ ۾ خوش ته سندن ٻول راندين کي وڌيڪ رونق بخشين ٿا.“ (سنديلو، 2016: 341) ٻارن جي ننڍپڻ واري زندگي عجيب هوندي آهي شهر ۽ ڳوٺن جي ماحول ۾ به وڏو فرق هوندو آهي. ڳوٺن جو ماحول ۽ رنگ پنهنجو ۽ شهرن جو پنهنجو هوندو آهي. مختلف ماحول ڪري ڳوٺن جي ٻارن ۾ راند روند ۽ مٽيءَ مان رانديڪا ٺاهڻ ۽ انهن سان کيڏڻ وغيره. جڏهن ته شهري والدين ۽ ماحول جو فرق آهي. ”ٻارڙن جو لب و لهجو ۽ طور طريقو ئي پنهنجو مطلب ته سندن محاورا به پنهنجا استعمال به پنهنجو ڪنهن سان دوستي يا ياراڻي رکڻ چاهيندا ته ان جي سڄي چيچ پنهنجي چيچ ۾ ملائي هي ٻول ٻوليندا ”پارَي ۾ مِٺائِي تو مان ياري ڦٽائي“ يا چوندا ”جئي منهنجي پڦي تو سان آهي اُڦي“ بس پوءِ اڍائي گهرن جو خير! نه سلام نه ڪلام، سڏ نه سلو، نه اچ نه وڃ، نه ڏک نه ڏوراپو، نه ميار نه مهڻو! مِٺِي به ماٺ مُٺِي به ماٺ. ڪڏهن به دشمنيءَ واري اک نه رکندا ۽ نه وري کڻندا ۽ نه ٻئي لائي چائي ڪندا، پر سندن اُها اَف يا اُفِي گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهندي. ڏينهن اڌ کانپوءِ ساڳيا لاٽُون ساڳيا چُگھ، اها ئي کِل خوشي اهي ئي ٺينگ ٽپا.“ (سنديلو، 2016: 342) مطلب ته موقعي آهر ٻول به هوندا، جي پنهنجي پر ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. انهن ٻولن کي مختلف قسمن جي پيش نظر هيٺيُن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

ٻول:

(1) دعائيه ٻول. (2) راند جا ٻول. (3) سوال جواب جا ٻول. (4) ڳالهه (ڪهاڻي) جا ٻول.

دُعائيه ٻول: جيڪڏهن ڏسندا ته جهڙالو آهي ته خوشيءَ وچان چوندا:

اُکرِيءَ ۾ ڪڪڙو

مِينهن آيو تڪڙو.

جڏهن گهڻي وس ٿيندي ٻار ڪڪ ٿي پوندا تڏهن وري چوندا:

چرخي ۾ چمـٽِي

مِينهن ويو موٽي.

راند جا ٻول: جنهن ۾، ’ارچڪ مرچڪ‘ راند ايسي موري، ٽڪلا راند.

سوال جواب جا ٻول: هن راند ۾ هڪ ٻار ٻئي ٻار کان سوال ڪندو رهندو ۽ هو وري ٺھ پھ جواب ڏيندو رهندو. هيءَ راند خصوصن سياري ۾ رات جو ڪندا آهن. پنج ڇھ ٻارڙا ڪُنرِي ڪري ويهندا، جن جا هٿ چولي اندران هوندا ته جيئن گرم رهن، هڪ ٻار جنهن جو هٿ چولي اندر نه هوندو، ويٺل ٻارن مان هڪ کان هيٺينءَ ريت سوال ڪندو رهندو:

س: رات ڪير آيا هئا؟

ج: مامڙا

س: مامڙن ڇا آندو؟

ج: ٿالهي وٺو

س: ٿالهي وٺي ۾ ڇا هو؟

ج: تيل ميٽ

س: تيل ميٽ ۾ ڇا هو؟

ج: ڦڻِي

س: ڦڻِيءَ ۾ ڇا هو؟

ج: وار

س: وار ۾ ڇا هو؟

ج: جونءِ

س: جونءِ ۾ ڇا هو؟

ج: ليک

س: لِيک ۾ ڇا هو؟

ج: ڄَئِي

(پوءِ سوال ڪندڙ ان ٻار کي چوندو، ڀڃاءِ سسڻي جي تَئِي. مون کي ڪوسڙا ڪوسڙا هٿڙا ڏيکار. ”پوءِ ويٺل ٻارن مان هرهڪ ڪوسا ڪوسا هٿڙا ڏيکاريندو. جنهن جا پورا ڪوسا هٿڙا نه هوندا، تنهن کي هوريان هوريان ٿَڦَڙِي هڻي چوندو: هٿڙا ڪوسڙا ڪوسڙا نه آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ٻار واري وٽِيءَ سان سوال ڪندو رهندو ته جيئن سڄيءَ ٽولِيءَ کي وارو ملي وڃي. هن راند مان ٻارن جي فائدي واري ڳالھ نڪري ٿي ته: ساري بدن کي گرم رکڻ ضروري آهي.“ (سنديلو، 2016: 347، 348) اهڙي طرح ننڍن ٻارن وٽ پنهنجي دنيا ۽ پنهنجو پنهنجو علائقو پنهنجون ريتون ۽ رانديون الڳ الڳ آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا ٻول آهن مثال: جهرڪيءَ جي ڳالھ، بگهڙ جي ڳالھ، ٻولو ڀولو ڪڪڙ وغيره وغيره.

حوالا:

پنهور، غزاله (ڊاڪٽر)، 2021: عورتن جي جاڳرتا جي تاريخ (پي. ايڇ. ڊي لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو)، مهاڳ: جوڻيجو، تنوير: ”عورتن جي سجاڳيءَ جي لهر“، ڇاپو پهريون: پيڪاڪ، پبلشرس، ڪراچي، سنڌ.

عرساڻي، شمس الدين (ڊاڪٽر)، 2015: ثقافت ۽ انساني معاشري جي اوسر ڇاپو پهريون: اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد.

سولنگي، غلام مصطفيٰ، 2020: ادارن جو آئينو (ٽي وي اسڪرپٽ)، ڇاپو پهريون: سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد.

جيٽلي، مرليڌر، 2004: سنڌي پهاڪا ۽ محاورا، هڪ اڀياس، (ڇاپو ٻيو)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

مرزا، گل حسن ’احسن‘، 1991: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، ماهوار ”نئين زندگي“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (خاص نمبر) جولاءِ، نگران: علي محمد چنا، جلد 44، نمبر7، محڪمه اطلاعات و نشريات حڪومت پاڪستان جو ادبي رسالو، حيدرآباد.

وحيد، محسن، 2017: ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا (ٻارن لاءِ شاعري)، ڇاپو پهريون: ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ اڪيڊمي، شڪارپور.

خالد، آزاد، 2016: سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ جلد پهريون: (ڇاپو پهريون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ.

سنديلو، عبدالڪريم (ڊاڪٽر)، 2016: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (ڇاپو پهريون)، پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرز، ڪراچي.

…(پورو ٿيو)…