خاص

شيخ رشيد ڪراچي سرڪلر ريلوي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ريلوي واري وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، هاڻ شهري 25 ورهين کانپوءِ سرڪلر ٽرين تي سفر ڪري سگهندا. ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽريڪ مڪمل نه ٿيڻ سبب رڳو 46 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي سٽي اسٽيشن کان پپري (گهاري ڀرسان) تائين هلائي ويندي، ڦاٽڪ ۽ ٽريڪ سميت ڪيترن ئي هنڌن جي ابتڙ صورتحال ۽ تياريون وقت تي مڪمل نه ٿيڻ سبب 21 مان رڳو 13 اسٽيشنن تي ٽرين سروس فراهم ڪئي ويندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽرين جو ڀاڙو 50 رپيا هوندو، جڏهن ته رفتار 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ مَس هوندي. سٽي اسٽيشن کان اورنگي اسٽيشن تائين 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ جي غير فعال هجڻ سبب ڪراچي سرڪلر ريلوي کي في الحال پپري يارڊ کان ڪراچي سٽي تائين (ڪُل 21 اسٽيشنن مان رڳو 13 اسٽيشنن وچ ۾) ئي هلايو پيو وڃي.