عمران خان پاڪستان جو اهو حشر ڪيو جو کيس عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي: نواز شريف
ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته سچ سدائين سامهون ايندو آهي ۽ سچ سامهون اچي رهيو آهي، اڃان ته رڳو 5 کان 10 سيڪڙو سچ سامهون آيو آهي، وڌيڪ سچ به سامهون ايندو. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اسحاق ڊار وڏي محنت سان ملڪي معيشت پيرن تي بيهاري، هن شخص اها زمين ۾ دفنائي ڇڏي. عمران خان جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته هن چونڊن کان اڳ به ڪوڙا واعدا ڪيا ۽ ان کانپوءِ به ڪوڙا واعدا ڪيا، هن مديني جي رياست جو نالو کڻي ظلم ۽ زيادتي ڪئي، پاڪستان جو اهو حشر ڪيو جو کيس عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته هي نه آئين، نه قانون ۽ نه پارليامينٽ کي ٿو مڃي، ان خلاف قانوني عدم اعتماد جو ووٽ آيو آهي، ان کي به نٿو مڃي. نواز شريف چيو ته اهو شخص ڪهڙي مٽي جو ٺهيل آهي؟ ڪٿي ان جي پرورش ٿي؟ ڪير آهي اهو شخص؟ قوم کي سوچڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان ان وقت تائين وڙهنداسين، جيستائين جمهوريت ۽ نظريي جي آخري فتح نٿي ٿئي. صدر عارف علوي جي حوالي سان ن ليگ قائد چيو ته ملڪ جا صدر آهيو، ڪيئن فرض ادا نه ڪندئو؟ حلف ڪيئن نه وٺندئو؟