عمران خان کي عدالت مان نااهل قرار ڏياري سگهجي ٿو
مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار اياز صادق چيو آهي ته عمران خان کي عدالت مان نااهل قرار ڏياري سگهجي ٿو. مسلم لييگ ن جي اڳواڻ اياز صادق چيو ته وزيراعظم عمران خان خلاف نوان ڪيس جلد سامهون ايندا. سردار اياز صادق وڌيڪ چيو ته عمران خان کي عدالت نااهل قرار ڏيئي سگهي ٿي. ايف اي ٽي ايف بل بابت ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته حڪومت جي لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان ايف اي ٽي ايف جو بل پاس ڪرائڻ مشڪل ٿيندو ڇو ته مخالفن جو تعداد وڌيڪ آهي.