لاپتا صحافي ڪيس: سڀني چيف ايگزيڪيٽوز تي آرٽيڪل 6 ڇو نه لڳايون؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهن جي گمشدگي جو ذميوار چيف ايگزيڪيوٽو ئي هوندو آهي، هتي اڳوڻا چيف ايگزيڪيوٽو ماڻهن جي کڄڻ جو فخر سان ڪتاب لکي ڪريڊٽ کڻندا آهن، هڪ هال آف شيم ٺاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن چيف ايگزيڪيوٽوز جون تصويرون هجن. گم ٿيل ماڻهن تي انهن سڀني چيف ايگزيڪيوٽوز مٿان آرٽيڪل 6 ڇو نه لڳايو وڃي؟

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments