مئنيجمينٽ نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ کان لنوائڻ لڳي

پاڪستاني ٽيم مئنجيمينٽ نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ کان لنوائڻ لڳي. جڏهن ته ڏکڻ آفريقي ۽ زمبابوي لاءِ چونڊيل ڪيترائي رانديگر نيٽ پريڪٽس تائين محدود آهن. پاڪستان زمبابوي کان ٽيسٽ سيريز لاءِ 11 ڪرڪيٽرز جي ڪيمپ لاهور ۾ هڻڻ کانپوءِ هنن کي روانو ڪيو ويو، ڪپتان سميت ٻيا رانديگر وائٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ پهريان کان اتي موجود هئا، ڪمزور مخالف جي خلاف به مئنيجمينٽ وڌيڪ تجربن کان پاسو ڪيو. هراري ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ۾ ساجد خان، ٻئين ۾ 36 سالن جي تابش خان کي ڊيبيو جو موقعو ڏنو ويو، ٻئي طرف نوجوان شاهنواز ڏاهاڻي انتظار ڪندي رهجي ويو، اسپنر زاهد محمود، بيٽسمين سعود شڪيل، آغا سلمان ۽ عبدالله شفيق به موقعي جو انتظار ڪندا رهيا، حارث رئوف ۽ محمد نوازش جو به وارو نه آيو. ان کان اڳ ڏکڻ آفريقا جي خلاف ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان کي مڊل آرڊر ۾ ڪو تجربو به راس نه آيو، ڊيبيو ڪندڙ دانش عزيز ناڪام رهيو، عثمان قادر به ڪيريئر جو پهريون ميچ کيڏيو، سرفراز احمد ٽئين ون ڊي ۾ ايڪشن ۾ نظر آيو وسيم جونيئر ۽ عبدالله شفيق کي سندن صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو نه مليو، ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شرجيل خان جي واپسي سميت ڪيترائي ناڪام تجربا ٿيا، مڊل آرڊر لڏڻ لڳي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments