خاص

متحده جي نفرت انگيز مهم جي سخت مذمت ڪريان ٿو: سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته متحده ڪراچي شهر کي ٻيهر رت ۾ وهنجارڻ چاهي ٿي، متحده جي نفرت انگيز مهم جي سخت مذمت ڪريان ٿو. هي شهر اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جو گڏيل شهر آهي، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي وارث سڏائيندڙ ايم ڪيو ايم گيس ۽ تيل جا اگهه وڌڻ تي خاموش آهي، متحده جڏهن پيپلز پارٽي جي اتحادي هئي ته تيل جا اگهه وڌڻ تي چار ڀيرا اتحاد ختم ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو هو، پر هن ڀيري رڳو وفاق ۾ مزا وٺي رهيا آهن ۽ ڪجهه به نٿا ڪڇن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي کي نفرت ۽ لساني سياست ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وفاقي سرڪار عوام کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، پر هي ان خلاف ٻڙڪ نٿا ڪڇن. سعيد غني چيو ته وفاقي سرڪار ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ پوڻا چار رپيا مهانگي ڪري ڇڏي. ان جي مد ۾ رڳو هڪ مهيني جي بل ۾ 7 ارب رپيا وڌيڪ وصول ڪيا ويندا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئين موجب سنڌ کي ضرورت موجب گيس ملڻ گهرجي، هاڻي گيس مڪمل بند آهي، اها صورتحال رهي ته ڪراچي ۾ به ڪاٺيون ٻارڻيون پونديون.