مذهبي جماعت جا ڌرڻا ٻئي ڏينهن به جاري، هڪ اهلڪار مارجي ويو، روڊ رستا بند

ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو احتجاج اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي. احتجاج سبب ڪيترائي اهم روڊ بند آهن  جنهن سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رش ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ ايمبولينسون به ڦاسي ويون آهن. ڪيترن هنڌن تي مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون به ٿيون جنهن سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ ٽي ايل پي جا ڪارڪن به زخمي ٿيا. پوليس 100 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ رينجرز مقرر ڪري ڇڏي آهي. مڇريل ماڻهن پوليس جي گاڏين کي باهه لڳائي ڇڏي آهي ۽ عام شهرين جي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي به نقصان پهچايو ويو آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان فرانس جي سفير جي ملڪ بدري ۽ فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جي معاملي تي 20 اپريل تي ناموس رسالت صلي الله عليه و آلهي وصلم مارچ جو اعلان ڪيو هو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments