مراقبو: ”ايڪيهين صدي لاءِ ايڪيهه سبق“ ترجمو: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

مغز بابت تحقيق ۾ تمام تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ان ۾ يقينن خورد بين، مغز جي پٽي ڪڍندڙ مشين (Brain Scanner)  ۽ طاقتور ڪمپيوٽر جهڙن اوزارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر اسان خوردبين يا مغز جي پٽي ڪڍندڙ مشين سان ذهن يا فهم کي پوءِ به نٿا ڏسي سگھون. هي مشينون اسان کي ان قابل ضرور بڻائين ٿيون ته اسان مغز ۾ حياتياتي مرڪبن جي ڪيميائي عملن ۽ تنتي برقي لهرن کي جاچي سگھون، پر هڪ ماڻهو انهن سڀني عملن جي نتيجي ۾ موضوعي طور  ڇا ٿو محسوس ڪري، اها ڳالهه اڃا سمجھه کان ٻاهر آهي. 2018ع تائين منهنجي پهچ ۾ ذهن جو اهو حصو آهي جيڪو فقط مون سان ئي سڌو سنئون تعلق رکي ٿو. جيڪڏهن مان اهو ڄاڻڻ چاهيان ته ٻين ماڻهن يا سائنسدانن جا سندن ذهنن بابت ذاتي تجربات ۽ محسوسات ڪهڙا آهن ته مون کي ثانوي ۽ پاروٿين رپورٽن (ٻين ماڻهن طرفان ٻڌايل) تي انحصار ڪرڻو پوندو. اهڙيون رپورٽون فطري طرح سان ڪيترين ئي اوڻاين ۽ خامين سان ڀريل هونديون. ان ۾ شڪ نه آهي ته اسان ڪيترن ئي ماڻهن جي اهڙين ثانوي رپورٽون جو شمارياتي مساواتن وسيلي تجزيو ڪري ڪن واضح ۽ بار بار ظاهر ٿيندڙ شڪلين وسيلي ممڪنه رازن تائين پهچي سگھون. اڄڪلهه جي نفسيات دانن ۽ مغزي سائنسدانن کي اهڙن طريقن ان قابل بڻايو آهي ته اهي نه رڳو ذهن يا فهم کي بهتر نموني سمجھي سگھيا آهن، پر اربين ماڻهن جون زندگيون بچائڻ توڙي بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيا آهن. ان جي باوجود اهو مشڪل آهي ته انهن ثانوي طريقن کي استعمال ڪندي اسان هڪ خاص حد کان اڳتي وڌي سگھون. سائنس جي شعبي ۾ جڏهن توهان ڪنهن خاص لقاءُ جو اڀياس ڪندا آهيو ته بهترين طريقو اهو هوندو آهي ته توهان ان لقاءُ جو سڌو سنئون يعني تازو ترين مطالعو ۽ مشاهدو ڪريو. مثال طور: بشريات جا ماهر ته ثانوي ذريعن تي گھڻو تڻو ڀاڙيندا آهن، پر جيڪڏهن توهان کي ساموئِي تهذيب کي سمجھڻو آهي ته دير يا سوير توهان کي پنهنجو هنڌ کٽولو کڻي ساموئا وڃڻو پوندو.

يقينن فقط وڃڻ يا گھمڻ ئي ڪافي نه آهي. هڪ رولاڪ طرفان، جيڪو ڪڏهن ساموئا گھميو هو، انٽرنيٽ تي رکيل هڪ صفحو يا لکت جو ٽڪرو ڪنهن به صورت ۾ بشرياتي کوجنا ۾ ڀروسي جي قابل سائنسي معلومات طور نه ليکبو، ڇاڪاڻ ته اڪثر گھمندڙن وٽ گھربل اوزار ۽ تربيت نه هوندي آهي. ان ڪري انهن جا مشاهدا تمام گھڻا اتفاقي ۽ تعصب وارا هوندا آهن. ڀروسي جي قابل ماهرِ بشريات بڻجڻ لاءِ اسان لاءِ اهو سکڻ ضروري آهي ته ڪنهن به انساني ثقافت جو ان جي خاص طريقن سان معروضي طور تي مشاهدو ڪيئن ڪجي ته جيئن اسان جي بيان ۾ اسان جا پنهنجا تعصبات ۽ ذهن ۾ موجود تصورات شامل نه ٿي سگھن. اهو ئي سبب آهي جو توهان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ بشريات جي شعبي ۾ داخلا وٺندا ۽ پڙهندا آهيو. هن ڳالهه ئي بشريات جي ماهرن کي ان قابل ٺاهيو آهي ته اهي مختلف ثقافتن جي وچ ۾ موجود خلا کي ڀرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. ذهن يا فهم جي سائنسي کوجنا علم بشريات جي نموني جي پيروي نٿي ڪري. جتي بشريات جا ماهر اڪثر ڪري ڏورانهن ۽ پراسرار ملڪن ڏانهن اُسهندا آهن ۽ پنهنجا سفر بيان ڪندا آهن، اتي فهم ۽ شعور جا محقق ذهن جي دنيا ڏانهن ورلي ئي ڪو سفر ڪري سگھندا آهن. ڇاڪاڻ ته مان ذاتي طور تي فقط هڪ ئي ذهن جو مشاهدو ڪري سگھان ٿو جيڪو منهنجو پنهنجو ذهن آهي يا پنهنجي سوچ جو سفر آهي. ساموئِي تهذيب جو مشاهدو، جيڪو ڪنهن تعصب ۽ ذاتي نظرئي جي ملاوٽ کان آجو هجي، ڀلي ڇو نه ڪيترو ئي ڏکيو هجي، پر پنهنجي ذهن کي معروضي طرح پروڙڻ ان کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. هڪ صدي کان به وڌيڪ جفاڪشي کانپوءِ ئي بشريات جي ماهرن معروضي مشاهدي لاءِ طاقتور طريقا ڳولي سگھيا آهن. ان جي ابتڙ ذهن ۽ فهم جي کوجنا ڪندڙ دانشورن اڃا تائين ثانوي رپورٽون گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي تجزئي ڪرڻ جا ته ڪيترائي طريقا ڳوليا آهن، پر جڏهن سوال موضوعي معلومات جو ايندو آهي ته ان سلسلي ۾ اهي اڃان ذور به اڳتي وڌي نه سگھيا آهن.

ذهن يا فهم کي سمجھڻ جي سڌن سنون طريقن جي غير موجودگي ۾ اسان آڳاٽن ثقافتن جي ڪجھه طريقن ۽ اوزارن کي به شايد استعمال ڪري سگھون ٿا. ڪيترين ئي قديم تهذيبن ذهن کي سمجھڻ لاءِ گھڻو ڌيان ڏنو آهي. انهن نه فقط ثانوي طريقن، جهڙوڪ ٻين ماڻهن جي رپورٽن، تي ڀاڙيو آهي، پر ماڻهن کي منظم طريقي سان پنهنجن ذهنن جي اڀياس لاءِ تربيت پڻ پئي ڏني آهي. هنن تهذيبن انهن سڀني طريقن کي هڪ عام اصطلاح “مراقبي” ۾ سمايو آهي. اڄڪلهه اهو طريقو گھڻو ڪري مذهبي ۽ صوفي خيال سان سلهاڙيل آهي، پر اصولي طرح سان مراقبو پهنجي ذهن جي سڌي مشاهدي جو هڪ طريقو آهي. ڪيترن ئي مذهبن دراصل مراقبي جي ڪيترن ئي مختلف طريقن ۽ حڪمت عملين کي ڳوڙهي نموني پئي استعمال ڪيو آهي، پر ان جو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته مراقبو لازمي طرح سان فقط مذهبي تصور ۽ طريقو آهي. اهو بلڪل ايئن آهي ته ڪيترن ئي مذهبن ڪتابن جي علم تي به تمام گھڻو ڀاڙيو آهي، پر ان جو مطلب اهو نٿو ٿي سگھي ته ڪتابن جو استعمال خالص مذهبي ئي آهي. انسانن هزارن سالن جي سفر ۾ سوَن جي تعداد ۾ مراقبي جون ٽيڪنيڪون جوڙيون آهن جيڪي اصولن ۽ افاديت جي لحاظ کان مختلف آهن. ذاتي طور تي مون هڪ ٽيڪنيڪ “وِپاسنا” کي آزمايو آهي تنهنڪري صرف ان بابت ئي مان اعتماد سان ڪجھه چئي سگھان ٿو. ٻين ڪيترين ٽيڪنيڪن وانگر وپاسنا لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته ان کي قديم هندستان ۾ گوتم ٻُڌ ڳولي لڌو. صدين جي تاريخي سفر ۾ ڪيترائي نظريا ۽ تصور گوتم ٻُڌ سان بنا ڪنهن ثبوت جي جوڙيا ويا آهن، پر توهان کي مراقبي ڪرڻ لاءِ انهن سڀني نظرين ۽ تصورن کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. منهنجو مراقبي جو استاد گوئنڪا هڪ عملي انسان هو. هُو پنهنجن شاگردن کي بار بار  اها هدايت ڏيندو هو ته اهي پنهنجا پراڻا ذاتي توڙي مذهبي تصور ۽ فلسفياڻه خيال/نظريا ڌِڪي هڪ پاسي تي ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي سموري توجھه موجوده تجربي ۽ ان حقيقت، جيڪا اصل ۾ اهي محسوس ڪري رهيا آهن، ڏانهن مرڪوز رکن. هر ڏينهن ڪيترائي شاگرد هن وٽ رهنمائي لاءِ ايندا هئا ۽ انيڪ سوال پڇندا هئا. هن جي دروازي وٽ هي جملو لکيل هوندو هو: “مهرباني ڪري نظرياتي ۽ فلسفياڻه بحث مباحثن کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجن سوالن جو رخ پنهنجي مشق ڏانهن موڙيو”.

صحيح مشق جو مطلب آهي پنهنجن جسماني محسوسات جو اهڙي طرح مشاهدو ڪرڻ جو اهي هڪ منظم، مسلسل ۽ معروضي مشاهدي جو روپ اختيار ڪن جنهن سان اسان کي ذهن ۽ فهم جي بنيادن جو پتو پئجي سگھي. ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن مراقبي کي انتهائي مسرت، بي خودي ۽ اوج تائين پهچڻ جو ذريعو ٺاهيندا آهن، پر اصل ۾ خودي، خود آگاهي يا شعور ئي ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي ڳجھارت ۽ نعمت آهي. ان ڪري عام رواجي گرمي ۽ خارش جو احساس به وڏي ڌماڪي يا ڪائناتي وحدت جي پراسرار احساس منجھان هڪ احساس ئي آهي. وِپاسنا مراقبي ڪندڙن کي خبردار ڪيو ويندو آهي ته اهي ڪنهن مخصوص حِسي تجربي جي خواهش نه رکن، پر سڄي توجھه ذهن جي حقيقت کي سمجھڻ ڏانهن مرڪوز ڪن پوءِ ڀلي اها حقيقت ڪهڙي به ڇو نه هجي.

ويجھڙائي جي چند سالن دوران ذهن ۽ مغز جي دانشورن ۽ محققن مراقبي جي ٽيڪنيڪن ۾ ڏاڍي دلچسپي ڏيکاري آهي، پر اڪثر تحقيق ڪندڙن مراقبي کي اڻ سڌي ريت استعمال ڪيو آهي. عام رواجي تحقيق ڪندڙ سائنسدان پنهنجو پاڻ مراقبي جي مشق نٿا ڪن، پر اهي تجربيڪار مراقبو ڪندڙن کي پنهنجي تجربيگاهه ۾ گهرائيندا آهن، انهن جي مٿن سان برقي اوزار ٻڌندا آهن، پوءِ انهن کي مراقبي ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ۽ پوءِ ڪمپيوٽرن وسيلي مغز ۾ پيدا ٿيندڙ تحرڪن ۽ مرڪبن جو مشاهدو ڪندا آهن. نتيجي ۾ اهي مغز ۾ ظاهر ٿيندڙ ڪيترين ئي دلچسپ ڳالهين ۽ شين بابت اسان کي ٻڌائي ۽ سيکاري سگھندا آهن، پر جڏهن ذهن ۽ فهم جو سوال ايندو آهي ته اتي اهم ترين ڄاڻ يا رازن کان اڻڄاڻائي ۽ لاچاري ڏيکاريندا آهن. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن ڪو ماڻهو اپٽيل بلور (عڪس وڏو ڪري ڏيکاريندڙ شيشو) سان هڪ پٿر جي بناوٽ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو هجي ۽ توهان هن کي خوردبين ڏئي چئوس ته هن اوزار کي آزمائي ڇو ته هن سان ننڍڙيون شيون به وڌيڪ چٽيون ڏسي سگھندو، پر هو خوردبين منجھان پٿر کي ڏسڻ جي بجاءِ الٽو پنهنجي ڀروسي واري پسنديده اپٽيل بلور منجھان خوردبين کي جاچڻ شروع ڪري ٿو ته اها ڇاجي ٺهيل آهي… مراقبو سڌي ريت ذهن ۽ فهم جي مشاهدي جو هڪ اوزار آهي، ان ڪري توهان ان جي اڪثر خاصيتن ۽ طاقتن کي ڄاڻڻ کان لاچار رهندا جيڪڏهن پنهنجو پاڻ مراقبي جي عمل منجھان گذرڻ جي بجاءِ ٻئي مراقبي ڪندڙ جي مغز جو برقي اوزارن سان مشاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هجو. مان اهو نٿو چوان ته مغز جي تحقيق ۽ ان جي اوزارن کي ڇڏڻ گھرجي. مراقبو انهن جو پُورائو نٿو ڪري سگھي، پر انهن کي سهارو ضرور ڏئي سگھي ٿو. اها ڳالهه بلڪل ائين آهي جيئن ڪجھه انجنيئر جبل منجھان هڪ ڊگھي سرنگھه کوٽيندا هجن. ان سلسلي ۾ ڇا اهو ضروري آهي ته صرف هڪ ڇيڙي کان ئي کوٽيو وڃي؟ مان سمجھان ٿو ته بهتر اهو ٿيندو ته ڇو نه هڪ ئي وقت ٻنهي ڇيڙن کان کوٽيو وڃي. جيڪڏهن مغز ۽ ذهن حقيقت ۾ ساڳي شيءِ آهن ته يقينن ٻئي ڇيڙا ضرور تڪڙا ئي ملي هڪ ٿيندا. جيڪڏهن ٻئي هڪ شيءِ سان تعلق نٿا رکن ته پوءِ؟ پوءِ به بهتر اهو ئي ٿيندو ته صرف مغز جي کوجنا تائين محدود رهجڻ کان بهتر رهندو ته اسان ذهن ۽ فهم جي کوجنا کي وڌيڪ ترجيح ڏيون.

ڪجھه يونيورسٽين ۽ تجربيگاهن مراقبي کي مغز جي مشاهدي لاءِ معروضي شيءِ سمجھڻ پاران حقيقت ۾ ذهن ۽ فهم کي سمجھڻ جو هڪ اثرائتو تحقيقي اوزار سمجھڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پر هي تصور اڃا جوان نه ٿيو آهي، پر ڄڻ ته ٻالڪپڻي جي شروعاتي ڏينهن ۾ آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هن ڪم ۾ اسان کي تحقيق ڪندڙن لاءِ غير معمولي سيڙپ ڪرڻي پوندي. سنجيده مراقبو ڪمال درجي جي نظم ۽ نسق جو مطالبو ڪري ٿو. مثال طور جڏهن توهان پنهنجن محسوسات جو معروضي طور مشاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته توهان کي تڪڙو ئي ان ڳالهه جو احساس ٿي وڃي ٿو ته توهان جو ذهن ڪيڏو نه بي صبرو آهي. ايسيتائين جو صرف ساهن اندر کڻڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ جي مشاهدي واري مشق دوران توهان ڏٺو ته توهان جو ذهن صرف چند سيڪنڊن تائين توجھه مرڪوز رکي پئي سگھيو ۽ پوءِ تڪڙو ئي توهان جا خيال ٻين سوچن، يادگيرين ۽ خوابن ۾ ڀٽڪڻ پئي شروع ٿي ويا.

جڏهن خوردبين عڪس ڌنڌلو ڏيکارڻ شروع ڪندي آهي ته اسان ان مهل ئي ننڍي ڦيٿي کي ڦيرائي ان جي عڪسي توجھه (فوڪس) ٺيڪ ڪندا آهيون. جيڪڏهن ننڍو ڦيٿو ئي ڀڳل هوندو آهي ته اسان ڪاريگر کي ان جي مرمت لاءِ سڏيندا آهيون، پر ان جي ابتڙ جڏهن اسان جو ذهن ڪنهن ڳالهه تي توجھه مرڪوز نه رکي سگھندو آهي ته ان جي مرمت کان اسان لاچار هوندا آهيون. عام طور تي ذهن کي پرسڪون بڻائڻ لاءِ ۽ توجھه کي مرڪوز رکڻ لاءِ تمام گھڻي تربيت گھربل آهي. ان کانپوءِ ئي اهو ممڪن ٿي سگھندو ته اسان جو ذهن منظم ۽ معروضي طريقن سان پنهنجي متعلق مشاهدو ڪرڻ جي قابل ٿي سگھي. ايندڙ وقت ۾ شايد اسان ڪا ٽِڪِي ڦڪيون ۽ ترت ئي پنهنجي توجھه مرڪوز ڪري وٺون، پر مراقبي جو مقصد پنهنجي ذهن جي کوجنا آهي رڳو توجھه قائم رکڻ هرگز نه آهي. تنهنڪري اهڙي مختصر رستي(Shortcut)  جا نقصان پڻ سامهون اچي سگھن ٿا. اها ٽِڪِي اسان کي چست ۽ چالاڪ به بڻائي ۽ اسان جي توجھه کي به مرڪوز رکي، پر ٿي سگھي ٿو ته ساڳئي وقت پنهنجي ذهن جي سڀني رنگن ۽ روشنين تائين اسان جي پهچ کي روڪي ڇڏي. ڇو ته اڄ به اسان ٽيليويزن تي ايڪشن سان ڀرپور فلم ته پوري توجھه سان ڏسندا آهيون، پر اسان جو ذهن ان فلم ۾ ايترو گُم هوندو آهي جو اهو پنهنجي اندر ظاهر ٿيندڙ تبديلين کي محسوس نه ڪري سگھندو آهي.

جيتوڻيڪ اسان هن مراقبي جي اوزار تي ڀاڙي نٿا سگھون، پر پوءِ به اسان کي پنهنجا هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ گھرجن ۽ ان کي ڇڏڻ نه گھرجي. اسان کي بشريات، حيوانات ۽ خلا جي ماهرن منجھان اتساهه وٺڻ گھرجي جيڪي سالن جا سال ڏورانهن ٻيٽن ۾ ڪيترين ئي بيمارين ۽ خطرن جي باوجود پنهنجي مقصد لاءِ ڀٽڪندا رهندا آهن. خلا بازن کي ڪيترن ئي سالن تائين ڏُکي تربيت مان گذرڻو پوي ٿو ته جيئن اهي ٻاهرين خلا جي سفر دوران ڏٺل توڙي اڻ ڏٺل سختين سان منهن ڏئي سگھن. جيڪڏهن اسان اڻ ڏٺل ثقافتن، مخلوقن ۽ سيارن جي ڳولا ڦولا لاءِ ايتريون تڪليفون برداشت ڪندڙ آهيون ۽ ايترا ڊگھا سفر ڪندڙ آهيون ته يقينن پنهنجن ذهنن کي سمجھڻ لاءِ ايتريون ٻيون تڪليفون پڻ برداشت ڪري سگھون ٿا. ان کان اڳ جو مها ڪمپيوٽرن جا الگورٿم اسان جي جسمن ۽ ذهنن کي تبديل ڪري وٺن، بهتر اهو آهي ته اسان پاڻ پنهنجن ذهنن کي سمجھڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون!

References:

  1. Yuval Noah Harari, 21 Lessons for the 21st Century (London: Jonathan Cape, 2018).

[This chapter is the Sindhi version/translation of its Chapter 21 “Meditation”;

Translator: Dr. Muhammad Ilyas Bhutto, Lecturer in Education, Government

Boys Degree College Bhan Saeedabad, District Jamshohro (Sindh, Pakistan). Such

permission has been granted by the author.]

  1. www.dhamma.org.
  2. Britta K. Holzel et al., ‘How Does Mindfulness Meditation Work? Proposing Mechanisms of Action from a Conceptual and Neural Perspective’, Perspectives of Psychological Science 6:6 (2011), 537-59; Adam Moore and Peter Malinowski, ‘Meditation, Mindfulness and Cognitive Flexibility’, Consciousness and Cognition 18:1 (2009), 176-86; Alberro Chhiesa, Raffaella Clati and Alessandro Serretti, ‘Does Mindfulness Training Improve Cognitive Abilities? A Systematic Review of Neuropsychhological Findings’, Clinical Psychology Review 31:3 (2011), 449-64; Antoine Lutz et al., ‘Attention Regulation and Monitoring in Meditation’, Trends in Cognitive Sciences 12:4 (2008), 163-9; Richard J. Davidson et al., ‘Alterations in Brain and Immune Function Produced by Mindfulness Meditation’, Psychosomatic Medicine 65:4 (2003), 564-70; Fadel Zeidan et al., ‘Mindfulness Mediation Improves Cognition: Evidence of Brief Mental Training’, Consciousness and Cognition 19:2 (2010), 597-605.

…(پورو ٿيو)…

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments